گرمين ۾ آنا کائڻ گهرجن يا نه؟ ڄاڻيو ماهر ڇا ٿا چون

گرمين جي موسم ۾ آنا کائڻ کي نقصانڪار تصوير ڪيو ويندو آهي پر اها ڳالهه مڪمل طور درست ناهي.
حقيقت ۾ آنا هر موسم ۾ فائديمند ٿي سگهن ٿا، جيڪڏهن انهن جو استعمال صحيح مقدار ۾ ۽ مناسب طريقي سان ڪيو وڃي ته.
آنا جسم کي ضروري پروٽين، وٽامن ۽ منرل فراهم ڪن ٿا، اهي دل، دماغ ۽ هڏين جي صحت لاءِ پڻ فائديمند آهن، گرمي ۾ جڏهن جسم ٿڪاوٽ جو شڪار ٿيندو آهي ته بيضو توانائي بحال ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي.
پر ها جيڪڏهن توهان گرمين ۾ گهڻا بيضا کائيندئو ته جسم ۾ گرمي يا بدهضمي جو مسئلو ٿي سگهي ٿو، ان لاءِ گرميءَ ۾ بيضو فرائي ڪرڻ بدران اٻاري کائڻ بهتر آهي ته جيئن مسئلن کان بچي سگهجي، ان سان گڏوگڏ گرمي جي موسم ۾ آنا جلد خراب ٿي سگهن ٿا، ان ڪري هميشه تازا آنا استعمال ڪرڻ گهرجن.
ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن توهان روزانو 1 بيضو (خاص طور تي اڇو حصو) استعمال ڪيو ته ڪنهن نقصان جو خدشو ناهي، دل يا ڪوليسٽرول جي مريضن کي زردي محدود مقدار ۾ استعمال ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.