ڪي ايل راهول جي 152 رنسن جي اننگز به دهلي کي نه بچائي سگهي، پنجاب ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ نئين تاريخ لکي ڇڏي

دهلي (ويب ڊيسڪ) انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جي 35هين ميچ ۾ پنجاب ڪنگز ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو هدف حاصل ڪري دهلي ڪيپيٽلز کي شڪست ڏئي ڇڏي.
دهلي ڪيپيٽلز پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 264 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ ڪي ايل راهول 152 رنسن جي شاندار ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي، جڏهن ته نتيش رانا 91 رنسون اسڪور ڪيون.
جواب ۾ پنجاب ڪنگز 265 رنسن جو جبل جيڏو هدف 18.5 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
پنجاب طرفان پربھسمرن سنگهه 76، پريانش آريا 43 ۽ ڪپتان شرياس ائير 71 رنسن جي اهم اننگز کيڏي ٽيم کي فتح ڏياري، 152 رنسن جي شاندار اننگز کي ڪي ايل راهول کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
هن فتح سان پنجاب ڪنگز اهم پوائنٽس حاصل ڪري ورتا، جڏهن ته دهلي ڪيپيٽلز جي وڏي اسڪور باوجود ان کي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.