ذهني دٻاءُ انساني جسم، خاص طور آنڊن جي صحت تي گهرو اثر وجهندو آهي.
طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته دٻاءَ جي حالت ۾ دماغ جسم کي هنگامي ڪيفيت ۾ وٺي ويندو آهي، جنهن سان هارمون خارج ٿيندا آهن ۽ هاضمي جو نظام متاثر ٿيندو آهي.
هڪ نئين تحقيق سان ثابت ٿيو آهي ته آنڊن ۾ موجود فائديمند جراثيم جيڪي هاضمي، مدافعتي قوت ۽ ذهني ڪيفيت لاءِ اهم آهن، دٻاءَ سبب گهٽ ٿي ويندا آهن، جڏهن ته نقصانڪار جراثيم وڌي ويندا آهن، ان ڪيفيت کي عدم توازن (imbalance hormonal) چيو ويندو آهي، جيڪا مختلف بيمارين جو سبب بڻجي سگهي ٿي.
ذهني دٻاءَ آنڊن جي ڀت کي به ڪمزور ڪري ڇڏيندو آهي، جنهن سان نقصانڪار مادا رت ۾ شامل ٿي سوڄ پيدا ڪري سگهن ٿا.
ان کانسواءِ هاضمو سست يا تيز ٿي ويندو آهي، جنهن سان پيٽ ڦوڪجڻ، قبضي يا دست جهڙيون علامتون به ظاهر ٿي سگهن ٿيون.
طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته آنڊن ۽ دماغ ۾ مضبوط تعلق موجود آهي، تنهن ڪري ذهني سڪون آنڊن جي بهتري لاءِ تمام ضروري آهي.
ماهرن مشورو ڏنو آهي ته متوازن غذا، پاڻي جو مناسب استعمال، روز ورزش، پرسڪون ننڊ ۽ ذهني سڪون جهڙيون مشقون جيئن مراقبو آنڊن جي صحت کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڏيندا آهن، جڏهن ته پراسيس ٿيل غذائن ۽ وڌيڪ کنڊ کان پرهيز کي به ضروري قرار ڏنو ويو آهي.
You might also like