شادي لاءِ تيار آهيان پر مون وٽ ڪو رشتو ئي ناهي: ميرا

لاهور (ويب ڊيسڪ) اداڪارا ميرا پنهنجي شادي بابت سوال تي دلچسپ جواب ڏئي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.
ميرا اڄڪلهه پنهنجي فلم ”سائيڪو“ جي مشهوري ۾ مصروف آهي، هڪ رپورٽر کائنس سوال ڪيو ته هاڻ وقت اچي ويو آهي ته توهان شادي ڪيو ۽ ان حوالي سان ماڻهو وڏي عرصي کان انتظار ڪري رهيا آهن.
ميرا مرڪندي جواب ڏنو ته مان شادي لاءِ تيار آهيان پر ڪو رشتو ناهي، جيڪڏهن توهان کڻي اچو ته مان تيار آهيان، توهان کي ئي مون لاءِ رشتو ڳولڻو پوندو، ڇو ته توهان ئي منهنجا ساهرا آهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.