ايراني پرڏيهي وزير جي اسلام آباد دوري جي خبر سامهون اچڻ کان پوءِ اميد پيدا ٿي هئي ته شايد هاڻي تهران واشنگٽن سان ڳالهين جو ارادو ڪري ڇڏيو آهي ۽ پاڪستان ۾ گڏيل ڳالهين جو ٻيو دور شروع ٿيندو. ان دوران وائيٽ هائوس جي ترجمان ڪيرولين ليويٽ تصديق ڪئي ته ڳالهين ۾ شرڪت لاءِ صدر ٽرمپ خاص نمائندن اسٽيو وٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر کي اسلام آباد موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ايران ڪنهن به سطح تي آمريڪا سان سڌي ڳالهه ٻولهه شروع ڪرڻ جو ارادو ظاهر نه ڪيو آهي. البت عباس عراقچي شايد آمريڪي تجويزن بابت ايران جو جواب پاڪستان تائين پهچائڻ لاءِ هتي اچي رهيو آهي. جيڪڏهن اهي اطلاع درست ثابت ٿين ۽ ايراني وفد اسلام آباد ۾ آمريڪن سان ملاقات لاءِ نه رُڪي، ته شايد صدر ٽرمپ کي پنهنجي نمائندن جو پاڪستان وارو سفر ملتوي ڪرڻو پوي.تهران مان عباس عراقچي جي دوري جي خبر سان ظاهري طور ڳالهين جي نئين دور ۽ ڪنهن سٺي خبر جي اميد پيدا ٿي هئي، جيڪا في الحال ڪمزور نظر اچي ٿي. ايراني پرڏيهي وزير شايد پاڪستان سان رابطن کان پوءِ روانو ٿي ٻين دوست ملڪن سان به هن سلسلي ۾ صلاح مشورا ڪرڻ لاءِ مسقط ۽ ماسڪو وڃن. تنهن هوندي به ڳالهين، امن معاهدي ۽ آبنائي هرمز بابت عالمي سطح تي اتفاق راءِ موجود آهي. روس ۽ عمان به هن سامونڊي رستي کي کليل رکڻ جا حامي آهن. تنهن ڪري جيڪڏهن ايران روايت کان هٽي ڪري آبنائي هرمز تي پنهنجي قبضي جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ دوست ملڪن ڏانهن وڃي رهيو آهي ته کيس گهڻي ڪاميابي شايد نه ملي.
آمريڪا به ماضي وانگر هن ڀيري ايران سان ڳالهين بابت گهڻي گرمجوشي نه ڏيکاري آهي. آمريڪي وفد موڪلڻ جي خبر به صدر ٽرمپ پاڻ ظاهر ڪرڻ بدران پنهنجي ترجمان ذريعي ميڊيا تائين پهچائي. ڪيرولين ليويٽ موجب آمريڪي صدر اسٽيو وٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر کي اسلام آباد موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن هو ايراني موقف سڌي ريت ٻڌي سگهن. هن دعويٰ ڪئي ته ايراني وفد سڌي ڳالهه ٻولهه چاهي ٿو ۽ صدر هميشه سفارتڪاري کي موقعو ڏيڻ لاءِ تيار هوندو آهي. هن اهو به چيو ته آمريڪا کي اميد آهي ته هن ملاقات مان مثبت اڳڀرائي ٿيندي، پر ڏسون ٿا ڇا ٿو ٿئي. جڏهن ته نائب صدر جي ڊي وينس به تيار رهندو ۽ ضرورت پوڻ تي کيس به اسلام آباد موڪلي سگهجي ٿو. پر عباس عراقچي جي دورو اهو ظاهر ڪري ٿو ته ايران اڃا تائين ڳالهين لاءِ تيار ناهي، بلڪه هو سڌي ڳالهين کان اڳ آبنائي هرمز ۽ ايراني بندرگاهن تي لاڳو ناڪابندي ختم ڪرڻ تي زور ڏئي رهيو آهي. ممڪن آهي ته عباس عراقچي ان شرط جي پورو ٿيڻ جي صورت ۾ ايران طرفان ڪجهه حساس معاملن ۾ رعايتن بابت اطلاع ڏيڻ لاءِ پاڪستان اچي رهيو هجي. بهرحال اسلام آباد دوري بابت جيڪا غيريقيني صورتحال پيدا ڪئي وئي آهي، آمريڪا ان کي پنهنجي توهين طور به ڏسي سگهي ٿو.
ان دوران آمريڪي وزير دفاع پيٽ هيگسٿ چيو آهي ته ايران وٽ موقعو آهي ته هو هڪ سٺو ۽ دانشمنداڻو معاهدو ڪري. آمريڪا وٽ وقت جي ڪا کوٽ ناهي ۽ هو ڪنهن به معاهدي لاءِ بيچين ناهي. هن وڌيڪ چيو ته ايراني بندرگاهن تي آمريڪي بحريه جي ناڪابندي هر گذرندڙ ڏينهن سان مضبوط ٿي رهي آهي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي بحريه کي اختيار ڏنو آهي ته جيڪڏهن ايراني تيز رفتار ٻيڙيون سمنڊ ۾ بارودي سرنگون وڇائڻ يا آبنائي هرمز ۾ آمدرفت ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪن ته انهن کي تباهه ڪيو وڃي.
انهن بيانن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تڪرار جو بنيادي مسئلو اڃا تائين حل نه ٿي سگهيو آهي. آمريڪا ڪنهن به معاهدي کان اڳ ناڪابندي ختم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جڏهن ته ايران چوي ٿو ته جيستائين ناڪابندي ختم نه ٿيندي، هو آبنائي هرمز کولڻ نه ڏيندو. اهڙي طرح هڪ اهڙو مسئلو، جيڪو اڳ ۾ موجود ئي نه هو، هاڻي سڀ کان وڏو تڪراري نُڪتو بڻجي ويو آهي. جنگ کان اڳ ايران ڪڏهن به آبنائي هرمز بند ڪرڻ يا جهازن جي گذر تي اعتراض نه ڪيو هو، پر جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ ايران آبنائي هرمز بند ڪرڻ ۽ عرب ملڪن کي نشانو بڻائڻ جهڙا قدم کنيا، جنهن سان هن سامونڊي رستي جي عالمي حيثيت تي سوال اٿيا آهن.جيڪڏهن ٻئي ملڪ گڏيل طور آبنائي هرمز کولڻ ۽ ناڪابندي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪن ته ڳالهين جا امڪان روشن ٿي سگهن ٿا، پر في الحال ڪنهن به ڌر ۾ لچڪ نظر نٿي اچي. ٻين اهم معاملن جهڙوڪ ايران جي جوهري صلاحيت، افزودہ يورينيم، بيلسٽڪ ميزائل پروگرام ۽ حزب الله سان لاڳاپا پڻ حل طلب آهن. آمريڪا پنهنجون تجويزون پيش ڪري چڪو آهي، جڏهن ته صدر ٽرمپ ايران کي انهن بابت جواب ڏيڻ لاءِ وقت ڏئي رهيو آهي. ممڪن آهي ته عباس عراقچي اسلام آباد دوري دوران ايران جو موقف واضح ڪري.
خبرن موجب هن ڳالهه تي اتفاق آهي ته ايران ڪڏهن به جوهري هٿيار نه ٺاهيندو، پر جوهري سرگرمين تي پابندي جي مدي بابت اختلاف موجود آهي. آمريڪا ويهه سال چاهي ٿو جڏهن ته ايران پنج سال تي راضي آهي ۽ شايد ٻنهي وچ ۾ ڏهه سال تي اتفاق ٿي سگهي ٿو. آمريڪا ايران وٽ موجود 60 سيڪڙو افزودہ يورينيم ملڪ کان ٻاهر منتقل ڪرڻ چاهي ٿو، جڏهن ته ايران ان جي مخالفت ڪري ٿو، البت عالمي نگراني هيٺ ان کي گهٽ درجي تي آڻڻ سان مسئلو حل ٿي سگهي ٿو. ايران پنهنجي ميزائل پروگرام تي ڪا به پابندي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو ئي سندس مؤثر دفاعي ذريعو آهي. ان معاملي ۾ شايد آمريڪا کي رعايت ڏيڻي پوندي. مجموعي طور ڏٺو وڃي ته اختلافن جي باوجود ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٺاهه جي گنجائش موجود آهي، پر حڪمت عملي ۾ واضح فرق آهي. آمريڪا جلدي وڏي معاهدي جو خواهشمند آهي، جڏهن ته ايران وقت وٺي آهستي آهستي مسئلا حل ڪرڻ چاهي ٿو. عباس عراقچي جي اسلام آباد آمد ۽ آمريڪي وفد سان ملاقات کان پاسو ڪرڻ جون خبرون به انهي ايراني پاليسي جي عڪاسي ڪن ٿيون.