تيل جي اگهن جو عوام تي وڌندڙ بار!؟

پاڪستان ۾ معاشي حالتون اڳ ئي غير يقيني ۽ دٻاءَ جو شڪار آهن، اهڙي پسمنظر ۾ حڪومت پاران پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ ڪرڻ وارو فيصلو نه رڳو عوام لاءِ نئين مشڪلاتن جو سبب بڻيو آهي، پر اهو پڻ ملڪ جي معاشي پاليسين تي پڻ سوال اٿاري ٿو. عالمي منڊيءَ ۾ تيل جي قيمتن ۾ واڌ کي جواز بڻائي ڪيل هي عوام دشمن فيصلو عوام تي وڌيڪ بار منتقل ڪرڻ جو هڪ اهڙو سلسلو آهي، جيڪو اڳ ۾ ئي غربت، بدحالي ۽ پريشانين جو شڪار ٿيل عوام کي وڌيڪ پريشان ڪري رهيو آهي.

پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو اثر رڳو ٻارڻ تائين محدود نه هوندو آهي، پر ان جا اثر معيشت جي هر شعبي تائين پکڙجي ويندا آهن. ٽرانسپورٽ کان وٺي زراعت، صنعت، واپار ۽ روزمره جي استعمال جي شين تائين، هر شيءِ هن واڌ کان متاثر ٿئي ٿي. جڏهن ٻارڻ مهانگو ٿئي ٿو ته ٽرانسپورٽ جا خرچ وڌن ٿا، جنهن جو سڌو اثر سامان جي ترسيل تي پوي ٿو. نتيجي طور مارڪيٽ ۾ موجود هر شيءِ جي قيمت وڌي وڃي ٿي، جنهن جو بار آخرڪار عام ماڻهو کي برداشت ڪرڻو پوي ٿو. ٽرانسپورٽ ڀاڙن ۾ واڌ هن فيصلي جو سڀ کان پهريون نتيجو آهي. پاڪستان جهڙي ملڪ ۾، جتي وڏي آبادي عوامي ٽرانسپورٽ تي ڀاڙي ٿي، اتي ڀاڙن ۾ اضافو سڌو سنئون ماڻهن جي روزاني زندگيءَ کي متاثر ڪري ٿو. مزدور، شاگرد، ملازم ۽ ننڍا واپاري جيڪي روزانو سفر ڪن ٿا، انهن لاءِ هي اضافو ڪنهن اضافي ٽيڪس کان گهٽ ناهي. محدود آمدني ۽ وڌندڙ خرچن جي وچ ۾ ڦاٿل ماڻهو پنهنجي بنيادي ضرورتن کي به پورو ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندي نظر اچن ٿا.

مھانگائي اڳ ئي پنهنجي عروج تي آهي. خوراڪ جون شيون جهڙوڪ اٽو، کنڊ، سبزيون، گوشت ۽ ٻيون ضروري شيون اڳ ئي عام ماڻهوءَ جي پهچ کان ٻاهر ٿي چڪيون آهن. اهڙي صورتحال ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڄڻ ته زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر آهي. جڏهن ٽرانسپورٽ مهانگي ٿيندي آهي ته واپاري پنهنجا خرچ پورا ڪرڻ لاءِ شين جا اگهه وڌائيندا آهن، جنهن سان مھانگائي جو هڪ نئون ڏچو ٿي ويندو آهي. حڪومت جو موقف آهي ته عالمي منڊيءَ ۾ تيل جي اگهن ۾ واڌ سبب هي قدم کڻڻ ضروري هو. پر سوال اهو آهي ته ڇا حڪومت وٽ ڪو اهڙو متبادل نه هو، جنهن سان عوام کي سڌي طرح متاثر ٿيڻ کان بچائي سگهجي؟ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ جڏهن اهڙي صورتحال پيدا ٿيندي آهي ته حڪومتون سبسڊي ڏيڻ سان گڏ ٽيڪسن ۾ گهٽتائي ڪري عوام کي رليف ڏينديون آهن پر پاڪستان ۾ صورتحال ان جي بنهه ابتڙ آهي، جتي ٽيڪس جي صورت ۾ عوام تي وڌيڪ بار وڌو  ويندو آهي

اها به هڪ حقيقت آهي ته پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ٽيڪسن جو وڏو حصو شامل هوندو آهي. جيڪڏهن حڪومت واقعي عوام کي رليف ڏيڻ چاهي ٿي ته هوءَ انهن ٽيڪسن ۾ گهٽتائي ڪري سگهي ٿي. پر اهڙي ڪنهن سنجيده ڪوشش جو فقدان نظر اچي ٿو، جنهن مان اهو تاثر ملي ٿو ته مالي خسارن کي پورو ڪرڻ لاءِ آسان ترين رستو عوام تي بار وڌائڻ سمجهيو پيو وڃي. زرعي شعبي لاءِ به هي واڌ انتهائي نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿي. ڊيزل زرعي مشينري ۽ آبپاشي لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿو. جڏهن ڊيزل مهانگو ٿيندو ته هارين جا خرچ وڌندا، جنهن جي نتيجي ۾ هو پنهنجون پيداوارون مهانگيون وڪڻڻ تي مجبور ٿيندا. ان جو سڌو اثر خوراڪ جي قيمتن تي پوندو، ۽ عام ماڻهوءَ لاءِ خوراڪ حاصل ڪرڻ وڌيڪ مشڪل ٿي پوندي. صنعتي شعبي تي به هن واڌ جا منفي اثر پوندا. ڪارخانن جي پيداوار جا خرچ وڌي ويندا، جنهن ڪري صنعتڪار يا ته پنهنجي شين جا اگهه وڌائيندا يا پيداوار گهٽ ڪندا. ٻنهي حالتن ۾ نقصان معيشت کي ٿيندو. پيداوار گهٽ ٿيڻ سان بيروزگاري وڌندي، جڏهن ته اگهه وڌڻ سان مھانگائي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. سڀ کان وڌيڪ متاثر هميشه وانگر غريب ۽ وچولو طبقو ٿيندو آهي. امير طبقي لاءِ شايد هي واڌ ڪو وڏو مسئلو نه هجي، پر هڪ مزدور يا روزاني اجرت تي ڪم ڪندڙ ماڻهو لاءِ هر روپيو اهميت رکي ٿو.

حڪومت کي گهرجي ته هوءَ اهڙن فيصلن کان اڳ عوامي مفادن کي اوليت ڏئي. معاشي پاليسين جو مقصد عوام کي رليف ڏيڻ، هجڻ گهرجي، نه ئي انهن تي وڌيڪ بار وجهڻ. جيڪڏهن عالمي منڊيءَ ۾ اگهه وڌن ٿا ته حڪومت کي متبادل ذريعن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، جيئن مقامي توانائي وسيلن کي هٿي ڏيڻ، سولر انرجي کي هٿي ڏيڻ ۽ ٽيڪسن جي نظام ۾ سڌارا آڻڻ. ان سان گڏوگڏ، ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ به بنيادي سڌارن جي ضرورت آهي. جيڪڏهن عوامي ٽرانسپورٽ جو نظام بهتر ۽ سستو هوندو ته ماڻهن جو دارومدار ذاتي گاڏين تي گهٽ ٿيندو، جنهن سان ٻارڻ جي استعمال ۾ به گهٽتائي اچي سگهي ٿي. اهو هڪ ڊگهي مدي وارو حل آهي، پر ملڪ جي معاشي استحڪام لاءِ ضروري آهي.

سو  اهو چئي سگهجي ٿو ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 26 رپيا في لٽر واڌ جا اثر ايندڙ وقت تائين محسوس ڪيا ويندا. هي واڌ مھانگائي جي هڪ نئين لهر کي جنم ڏيندي، جيڪا عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ کي وڌيڪ ڏکي بڻائيندي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت پنهنجي پاليسين تي نظرثاني ڪري ۽ اهڙا قدم کڻي جيڪي عوام کي حقيقي رليف مهيا ڪن، ڇو ته مضبوط معيشت جو بنياد خوشحال ۽ مطمئن عوام تي ئي بيٺل هوندو آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.