گئس جي شديد بحران سبب رڌ پچاءُ ۾ مسئلا

گلشن سنڌو

اسان جو ملڪ زرخيز به آھي اسان جي ملڪ ۾ معدني وسيلا پڻ آھن ڪوئلو، گئس پڻ موجود آھي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪري سگھجي ٿي ۽ گئس اسان جي پنھنجي ملڪ جي قيمتي معدنيات ۾ شمار ٿئي ٿي انيڪ نعمتن سان مالا مال ھي ملڪ پوءِ به آءِ ايم ايف جو قرضدار بڻجي ھڪ محتاج ملڪ وانگر قرضن جي آڙ ۾ ملڪن ھٿان بليڪ ميل ٿيندو رھي ٿو ڪنھن” ويچاري”ملڪ وانگر پنھنجي ترقيٍءَ جي واڌاري لاءِ ٻين ملڪن تي ڀاڙي رھيو آھي .

اسان جو ملڪ اصل کان وٺي غربت ، بيروزگاري، بدامني، پيٽرول جو بحران، لوڊ شيڊنگ جي اونداھين ۾ ته ٻڏل ھوندو ھو وري گئس جو بحران به عوام کي ھڪ مشڪل امتحان وانگر پريشانين جي سمنڊ غوطا کارائي رھيو آھي پھرئين لوڊشيڊنگ وري ڪجهه سالن کان گئس جو بحران به شدت اختيار ڪري ويو آھي ٻه ٽي سال اڳ گئس رات جو ساڍي نائين کان سڄي رات گم ھوندي ھئي رمضان جي ڀلاري مھيني ۾ وري سڄو ڏينھن گئس بند ھوندي آھي مڃون ٿا ته اھو روزن جو مھينو ھوندو آھي پر گھر ۾ موجود سڀ گھرڀاتي ته روزا ناھن رکندا ڪي بزرگ به ھوندا جيڪي روزو رکي نه سگھندا ھوندا ان کان علاوہ ڪي معصوم ٻارڙا ھوندا جن جي عمر اڃان روزي رکڻ جي ناھي ھوندي اھي معصوم ٻار رمضان ۾ ڪيڏانھن وڃن اسڪول مان ٿڪجي جڏھن گھر اچن ته گئس اڻ لڀ وري ھوٽل به بند . اھڙن ڏينھن ۾ وري ماڻھو ويچارا گئس سلينڊر ڀرائين ٿا يا وري ھو اليڪٽرڪ چلھا وٺن ٿا ته ڳاٽي ڀڳا بجليءَ جا بل ڳاٽي ۾ ٿا پون عوام لاءِ ته اڄ ڪلھه جيئڻ ايئن آھي ڄڻ ھڪ پاسي باھه ته ٻئي پاسي پاڻي.

اڄ ڪلهھ ته گئس جي شيڊيول عوام کي ڏاڍو پريشان ڪيو آھي اڪثر علائقن ۾ گئس صبح جو ساڍي ڇھين يا ستين کان ساڍي نائين تائين ھوندي آھي وري ٻارھين وڳي اچي ٿي ته وري ٻئين وڳي گم.  وري شام جو ساڍي ڇھين کان رات ساڍي نائين يا وڌ ۾ وڌ ڏھين تائين الله حافظ ڪري وڃي ٿي، افسوس ته ان ڳالھه جو آھي ته جڏھن کان گئس جي لوڊشيڊنگ شروع ٿي آھي ته وري ان جا بِلَ به ڳرا  پيا اچن.

حڪمران ملڪ ۾ ھر نعمت ھجڻ باوجود مدد لاءِ ٻين ملڪن ڏانهن واجهائيندا رهندا آھن قدرت جي عطاڪيل وسيلن لاءِ به عوام کي سِڪائيندا آھن پيٽرول سستو  ميسر ناھي، ڪراچيءَ جي شھر ۾ پاڻي اڻلڀ، بجلِي جي لوڊ شيڊنگ جون سزائون

ھڪ سولو حلُ آھي يا سواريءَ لاءِ سائيڪل، ڏاند گاڏي، اُٺ گاڏي ۽ ٽانگو استعمال ڪجي روشنيءَ لاءِ بَتي ۽ ڏيئو (ڇوته ھيئنر  سولر سسٽم لڳرائڻ تي پڻ ٽيڪس لڳايو ويو آھي ) ۽ گئس جي بحران کان بچڻ لاءِ لڳي ٿو ته ڪاٺيون يا سِگري ٻارڻي پوندي نه ته پنھنجو اندر ٻري رَکُ ٿي ويندو ملڪ ۾ شديد بحرانن مان ايئن ٿو لڳي جهڙوڪ هاڻ پراڻي  زماني ۾ واپسي ٿي رھي آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.