جڏهن ڪراچي روشنين جو شهر سڏبو هو!

تحرير: عبدالغفور کتري

اڻويهين صديءَ جي وچ ڌاري تائين گاسليٽ ته ڪراچيءَ جي گهرن کي روشن ڪري ڇڏيو پر هتان جون گهٽيون، وڏيون سڙڪون ۽ چئوواٽا رات ٿيندي ئي گهپ اونداهه جو ويس پائي ويهندا هئا. رات وقت جانورن جي مدد سان ڇڪجندڙ سامان سڙو کڻي ويندڙ گاڏن تي حادثي کان بچڻ لاءِ لالٽين ٽنگڻ لازمي قرار ڏنو ويو- چور ۽ بشني به ان اونداهه جو فائدو وٺي پنهنجو ڪم ڏيکاري ويندا هئا.

1847ع ۾ گورنر سنڌ چارلس نيپئر ان جي روڪ لاءِ اپاءَ ورتا، ان ڏس ۾ ڪراچيءَ جي روڊن ڪناري ٿورڙي ٿورڙي مفاصلي تي پولز کوڙي انهن تي  فانوس لڳايا ويا، جنکي کوپري جي تيل سان روشن ڪيو ويو جنهن جي سڳنڌ چئوڏسا ڦهلجي ويندي هئي. شهر جي 60 ميل ڊگهن روڊن تي اُن وقت تائين 1000 فانوس لڳايا ويا هئا.شام ٿيندي ئي ڪُلهي تي هلڪي بانس جي ڏاڪڻ کنيو سرڪاري عملدار ايندو هيو، انهن جو شيشو صاف ڪندو، تيل وجهندو ۽ روشن ڪندو هليو ويندوهو.

هي سلسلو ائين ئي هلندو رهيو پر ڪجهه وقت کانپوءِ انهن عملدارن کوپري جي تيل ۾ خُرد بُرد شروع ڪئي ته انهن ليمپن کي گاسليٽ سان روشن رکيو ويو.

1878 ۾ ڪراچيءَ جي شهري انتظاميا، ڪراچي ميونسپل ڪميشن کان ڪراچي ميونسپلٽي جي درجي تي پهتي ته ان جي چيف انجنيئر مسٽر جيمز اسٽريچن روڊن رستن کي روشن رکڻ لاءِ بجليءَ جي استعمال جي تجويز سان گڏ بجلي ڪمپني قائم ڪرڻ جو مشورو ڏنو پر ناڻي جي کوٽ ڪارڻ ان کي ملتوي ڪري انهن ليمپن کي گاسليٽ سان هلندڙ گيس جي وڏن هُنڊن (پيٽروميڪس) ۾ تبديل ڪيو ويو.

ويهين صدي جي شروعات ۾ انگريزي حڪومت پاران شهر کي بجليءَ سان متعارف ڪرائڻ جي فيصلي سان ڪراچيءَ کي روشنين جي شهر جي حيثيت سان ڏسڻ جي جيمز اسٽريچن جي خواب کي تعبير ملڻ واري هئي. 1913 ۾ هن خواب کي ساڀيان ان ريت ملي ته اِن سان ميسرز فارپيس اينڊ فاربيس ڪيمپبيل ڪمپنيءَ ڪراچي اليڪٽرڪ ڪارپوريشن قائم ڪئي. مارڪيٽ ۾ ان جا شيئرز وڪرو ٿيڻ جي ڪجهه عرصي کانپوءِ ان ڪارپوريشن کي يونائيٽڊ ايسٽرن ايجنسيءَ خريد ڪري ان جو نالو ”ڪراچي اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪارپوريشن“ (KESC) رکيو ۽ ان کي وڌيڪ ترقي ڏني.

گاسليٽ سان بجلي پيدا ڪندڙ پهريون پاور پلانٽ ميڪلوڊ روڊ رهاڻ آءِ آءِ چندريگر روڊ جي سنگم تي قائم ڪيو ويو.اليڪٽرڪ ڪمپنيءَ شهر جي ڪجهه علائقن ۾ ”بجلي جي تارن“ (Electric lines) جي تنصيب ڪئي ۽ بجليءَ جا ڪنيڪشنز به مهيا ڪيا.

ڪراچيءَ ۾ بجليءَ جو پهريون ڪنيڪشن 1913 ۾ جهانگير ڪوٺاري بلڊنگ بندر روڊ (هاڻ ايم اي جناح روڊ) ۽ ٻيو ڪنيڪشن ليمارڪيٽ جي علائقي ۾ پريس والا بلڊنگ ريور روڊ کي ڏنو ويو.

مجموعي طور تي ڪراچيءَ جي شهرين ڪنيڪشن جي حصول ۾ دلچسپيءَ جو مظاهرو نه ڪيو. باوجود جو گهر صارفن لاءِ 3 پيسا في يونٽ ۽ تجارتي مقصد جي استعمال لاءِ ڇهه پيسا في يونٽ چارج ڪيو ويندو هو. دلچسپي نه هئڻ جو سبب ڪرنٽ لڳڻ جو خطرو هيو يا اڪيچار نسلن کان ڏيئي ۽ ڪيروسين ليمپس سان پيار ڪندڙ ڪراچيءَ جا واسي ايترو ترت پنهنجي رومان تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار نه هئا.

ڪهڙيءَ ريت اڻويهه سئو ٽيهه چاليهه جي عرصي ۾ ڪراچيءَ جي جاري صنعتي سرگرمين ۾ هڪ ٻه فلور ملز آئل ملز، مشينون ۽ ٻيون ننڍيون فيڪٽريون بجليءَ جي مدد سان هلڻ لڳيون. شهر ۾ ڪنهن ننڍي ڪارخاني ۾ هڪ ئي موٽر کي بيلٽ سان جوڙي ٽي چار مشينون هلائڻ جو رواج پيو.

بهرحال 1940 ۽ 1950 دوران گهرن ۽ واپاري مرڪزن کي بجليءَ جي روشنيءَ سان منور ڪرڻ ڏانهن ڪجهه لاڙو وڌيو.ڪجهه روڊن تي لڳل پولز تان گيس جا هنڊا لاهي اتي بجليءَ سان هلندڙ بلب لڳايا ويا.

هاڻ گهر، دڪان ۽ رستا روشنيءَ ۾ جرڪڻ لڳا، ايئن ڪراچي روشنين جو شهر ڪوٺڻ ڏانهن وڌڻ لڳو.

پر اچرج جوڳي ڳالهه اها هئي ته ڪراچي واسي اڻويهه سئو چاليهن پنجاهه تائين برقي موٽر جي خودڪار سگهه بجاءِ پنهنجي هٿ ٻَل کي ئي اهميت ڏيڻ تي بضد ۽ آتا هئا. لائن مان پاڻي ڇڪڻ ۽ مٿي چڙهائڻ لاءِ هٿ جي پمپ تي مشق ڪندا رهيا ۽ لوهر پنهنجي آويءَ کي تپائڻ ۽ گرم ڪرڻ لاءِ ڌونڪيءَ کي هيٺ مٿي ڪري پنهنجا هٿ شل ڪندا هئا.

شهر ۾ ٻجن مان تيل ڪڍڻ وارا ڪولهوءَ جي دُري کي برقي موٽر سان نه پر اُٺَ يا ڏاند کي جوڙي گهمائيندا رهيا. اٽو پيسڻ جي چڪين جي پاٽن کي اُٺ گهمائيندا رهيا ۽ کين ”اُٺ چڪين“ نالي ڄاتو ويندو هو. ڪراچيءَ جي ٻاهرين علائقن يعني ملير، لانڍي ۽ ميمڻ ڳوٺ ۾ واقع زرعي زمينن تي موجود کوهن مان پاڻي ڇڪڻ لاءِ ڏاند هلندا رهيا. گهرن ۾ واشنگ جي دڪانن تي استريءَ کي ڪوئلن سان گرم ڪيو ويندو رهيو. بجلي بس اوپري اوپري ۽ پرائي ئي رهي.پوءِ اوچتو سن 1960- 1970 جي آسپاس هيءُ اوپرو مهمان گهرڀاتي ٿيڻ لڳو.

ٿيو ائين ته انهن ڏهاڪن ۾ ڪراچيءَ جون قديم عمارتون ڪٿي ڀُري رهيون هيون ته ڪٿي ٽن نسلن سان گڏ رهڻ جا قدر بدلجي رهيا هئا. گهرن ۾ ته گنجائش هئي پر دلين جي وڇالتا گهٽ ٿي رهي هئي. ڌار گهر وسائڻ جي خوش گماني ڪَر موڙي رهي هئي.

نه چاهيندي به ڪُنجهندي ڪُرڪندي گهر جا وڏا پنهنجي شادي شده ٻارن کي ڌار ڪرڻ لڳا. هاڻ انهن بدلجندڙ حالتن ۾ وڌيڪ گهرن جي ضرورت پئي ته نيون عمارتون جُڙڻ لڳيون ۽ ظاهر آهي ته پوءِ اهي عمارتون بجليءَ سان ئي روشن ٿيون.

اهڙيءَ ريت تيزيءَ سان بجليءَ ڪراچيءَ جي واسين کي پنهنجو اسير ڪري وڌو. ائين ويهين صديءَ جي آخري ٻن ڏهاڪن ۾ شهر جو ڪو به گهر يا دڪان باقي نه رهيو جتي بجلي نه پهتي هجي.انهن ئي آخري ڏهاڪن ۾ مِلين، فيڪٽرين ۽ ڪارخانن جي وڌندڙ انگ جتي بجليءَ جي کپت ۾ واڌارو آندو اُتي گهرن اندر سوجهري کانسواءِ به بجليءَ جو استعمال وڌڻ لڳو. فرج، ٽي وي، استري جي وڌندڙ لاڙي بجليءَ جي طلب ۾ واڌ آندي ۽ هوريان هوريان طلب ۽ رسد جو توازن بگڙجڻ لڳو.

وڌندڙ طلب جو مقابلو ڪرڻ لاءِ خاطريءَ جوڳو انتظام نه ڪيو ويو. نوان پاور هائوس قائم نه ڪري سگهيا. ان ريت آخري ڏهاڪي ۾ هتان جا واسي ”لوڊشيڊنگ“ جي نئين اصطلاح کان متعارف ٿيا. اها اوپري اصطلاح جيءَ جو جنجال ٿي وئي. روشنين جو شهر اونداهه ۾ ٻُڏڻ لڳو. روشنين جي عادي شهر جي واسين وٽ ان جو ڪو مستقل علاج يا متبادل نظر نه آيو. هڻي ماري کڻي “LIPS” يا ”جنريٽر“ ۾ ان جو عارضي حل ڳولهيو ويو پر اهي ٽوٽڪا هر ڪنهن جي وس ۾ ناهن.

حالتن کي معمول تي ڏسڻ جي خواهش رکندي هڪ نسل جوان ٿي وئي ۽ هڪ نسل ته خاڪ ۾ سمهي پئي پر درد جو درمان نه ٿيو.اميد ۽ آس اڃا به باقي آهي ته روشنين جي شهر جون رُٺل روشنيون واپس موٽي اچن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.