ڪوٽڙي کان هيٺ دريائي وهڪري جي ضرورت

تحرير: محمد احسان لغاري

سنڌ جي سامونڊي پٽي ۽ لاڙ هاڻ ڪئي ڏهاڪن کان اُڃائتا آهن. تحقيقون ٻڌائين ٿيون ته سنڌ پاڪستان جو غريب ترين ۽ ٻين صوبن جي مقابلي ۾ وڌيڪ بُکايل صوبو آهي. سنڌ جا 71 سيڪڙو خاندان کاڌ خوراڪ لاءِ غير يقيني طور ڀوڳين ٿا. ٻهراڙي ۾ رهندڙ آدمشماريءَ جو 53 سيڪڙو غربت واري ليڪ کان هيٺ گذاري ٿو. آفتن جي حساب سان پاڪستان ۾، سنڌ سڀ کان وڌيڪ غير محفوظ آهي. 1999ع کان 2022ع تائين ٻوڏن، سامونڊي طوفانن  ۽ ٻين آفتن جي ڪري سڀ کان وڌيڪ جاني ۽ اقتصادي نقصان سنڌ جو ٿيو آهي. ٺٽو، بدين  ۽ سجاول سنڌ جي سراسري غربت کان به وڌيڪ غريب آهن. انهن ضلعن جو 83 سيڪڙو ماڻهو ٻهراڙي ۾ رهن ٿا ۽ 86 سيڪڙو آبادي گهڻ رخي غربت ۾ گهريل آهي! ان علائقي جو هر ٻيون ٻار رت جي کوٽ، پنهنجي عمر جي لحاظ کان قد ۽ جسم جي واڌ ويجهه نه هئڻ /اسٽنٽيڊ آهي. اُتان جا صرف 15 سيڪڙو خاندان 55 سيڪڙو ٻنين جا مالڪ آهن، جڏهن ته 80 سيڪڙو ماڻهو بي زمين آهن. اِتي ئي گهٽ ۾ گهٽ تعليم جو سيڪڙو آهي ۽ ڪرت لائق هنرن جو فقدان آهي. نوجوان گٽڪي جي ور چڙهيل آهن، جنهن جي وڪري جي نتيجي ۾ ضلعي منٿليون ڪروڙن ۾ هونديون آهن. سامونڊي چاڙهه، لوڻاٺيل  جر ۽ ٻنيون  ۽ گم ٿيندڙ ڊيلٽا ان ئي علائقي جا خاص وکر ٿي پيا آهن پوئين صديءَ جي شروعات ۾ هڪ خوشحال علائقو لاڙ ۽ سامونڊي سنڌ، هڪ صديءَ جي اندر، پاڪستان ۽ سنڌ جو غريب ترين ۽ پوئتي پيل علائقو ٿي پيو آهي!اِهو علائقو آهي، جنهن جي لاءِ ڪوٽڙي  ۽ ڪوٽڙي کان هيٺ دريائي وهڪري جو پاڻي سنڌ پاڻ کان ۽ پاڪستان کان گهري ٿي!

ان لاءِ پاڻيءَ واري 1991ع معاهدي جي ستين پيرا/شق دستاويزي طور مڃيو ته پاڻي ضرور هيٺ وڃڻ گهرجي. ان ۾ چيل آهي ته: ”ڪوٽڙيءَ کان هيٺ هڪ خاص (گهٽ ۾ گهٽ) پاڻيءَ جي مقدار ڇڏڻ جي ضرورت کي تسليم ڪيو ويو ته جيئن سامونڊي چاڙهه کي روڪي سگهجي. ….. ان ڪري ئي اِهو فيصلو ڪيو ويو ته ان لاءِ وڌيڪ تحقيق ڪئي ويندي، جيئن اِها ڳالهه قائم ڪري سگهجي ته گهٽ ۾ گهٽ ڪوٽڙي کان هيٺ ڪيترو پاڻي ڇڏيو وڃي.“ نيٺ 2005ع ۾ وڃي ٽي مختلف تحقيقون مڪمل ٿيون.

اسٽڊي پهرين ”سامونڊي چاڙهه کي روڪڻ لاءِ ڪوٽڙي کان هيٺ وهڪري جون ضرورتون“، ٻين ”ماحولياتي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي ڇڏڻ جون گهرجون“ ۽ ٽين ”چئني صوبن ۾ ماحولياتي مسئلن (لاءِ پاڻي جي ضرورتن جو) اڀياس“ شامل آهن. انهن جي مٿان هڪ عالمي ماهرن جي ٽيم ’انٽرنيسنل پينل آف ايڪسپرٽ رکيو ويو.ڊيلٽا  ۽ سامونڊي پٽيءَ لاءِ پاڻي ڇو ته ضروري آهي؟ دريا جي لٽ ۽ پاڻي سمنڊ ۾ وڃڻ، ڪريڪون، تمر جا ٻيلا، مڇيون، پکي پکڻ، گل ٻوٽا، مٽي ــ پٿر، جيت جيوڙا ۽ مالڪ جي ٺاهيل اڻ ڏٺي مخلوق کي واڌ ويجهه رکڻ ڇا جي لاءِ اهم آهي. فطرتي ماحول ۽ قدرت جي ٺاهيل نظام سان، جنهن ۾ دريائي بايو ڊائورسٽي انتهائي اهم  عنصر آهي، جيڪڏهن بگاڙبو ته ان جو نقصان انساني ٺاهيل نظام، اڏاوتن، شهرن، ٻهراڙين، انساني وجود کي ٿيندو. موسمي ڦير گهير، ماحولياتي گدلاڻ ۽ انهن ئي عنصرن سان گڏيل ٻوڏون، سامونڊي طوفان، سامونڊي چاڙهه، سوڪڙا، گرميءَ جون شديد لهرون، روزگار ۽ کاڌ خوراڪ جي گهٽتائي، بيماريون، وبائون  ۽ ڪيئي انساني اهنج اُٿلي ٿا پون. پنهنجي ايندڙ نسلن کان اوڌر ورتل قدرتي وسيلا جيڪي پاڻي سان لاڳاپيل آهن، انهن کي ايئن ئي ٿوري وقت ۽ ٿورن ماڻهن جي فائدي لاءِ ڪيئن ٿو تباهه ڪري سگهجي! ؟

اقتصادي طور تي ڊيلٽا جي ابتري جي ڪري هر سال 555 اربن جو نقصان ٿي رهيو آهي. عالمي ماهرن پنهنجي سفارش ۾ لکيو”5000 ڪيوسڪ روزانو گهربل آهن، جيڪي ڪوٽڙي بئراج کان پورو سال وهڪري جي صُورت ۾ هيٺ ويندو رهي. ان سان دريائي وهڪرو قائم رهي سگهندو، ماحولياتي پائيداري حاصل ٿي سگهندي ، ماهيگيريءَ کي واڌويجهه جو ماحول ملي سگهندو. ان سان گڏ سامونڊي چاڙهه کي پڻ ڪي قدر جهل ايندي“.

ماهرن اِهو پڻ لکيو ته ”سامونڊي چاڙهه ۽ سامونڊي پٽيءَ جي پائڻ (erosion) واري عمل کي جيڪو ڊيلٽا واري علائقي ۾ ٿئي پيو، تنهن کي ملڪي مسئلو سمجهيو وڃي.” هي انتهائي اهم مسئلوآهي جنهن کي ملڪي سطح تي ڪنهن ٻه قسم جي ترجيح نه ڏني وئي آهي. 2015ع ۾ سينيٽ جي هڪ ڪاميٽي کي ڏنل بريفنگ ۾ ان وقت جي سامونڊي علم واري قومي اداري (نيشنل انسٽيٽيوٽ آف اوشنوگرافي) جي ڊي جي چيو هو ته 2060ع تائين ڪراچي جو ڳپل حصو، (۽ ان کان 10 سال اڳ) ٺٽي (سجاول سميت) ۽ بدين ضلعن جا سامونڊي تعلقا سمنڊ ۾ کارا ٿي ويندا!

ان ڳالهه کي اسان اڄ تائين هلڪو کنيو ويٺا آهيون. پوئين صديءَ ۾ نوي جي ڏهاڪي ۾ حڪومت سنڌ جا انگ اکر هئا ته  20لک ايڪڙن کان وڌيڪ سمنڊ زمين پائي ويو آهي. هڪ ٻي تازي تحقيق ٻڌايو آهي ته 1833 کان هن صديءَ جي پهرئين ڏهاڪي تائين تقريباً پوڻن ٻن صدين ۾ ڊيلٽا 90 سيڪڙو گهٽجي ويو آهي. پوين ڪجهه ڏهاڪن ۾ ڊيلٽا ۾ تمر جي وڻن جي واڌ پڻ ٿي آهي. ان لاءِ عالمي ڪوششون؛ سنڌ جي ٻيلي کاتي۽ سنڌ حڪومت جا ڪجهه قدم اهم آهن سنڌ حڪومت جا ڪجهه پراجيڪٽ ۽ پروگرام جنهن ۾ سنڌ ڪوسٽل ريزيلنس پراجيڪٽ (260 ملين ڊالر) ايشيائي بئنڪ ۽ اِفاد IFAD طرفان رٿابندي واري مرحلي ۾ آهي.

 

ان مسئلي جا سبب، ان رپورٽ ۽ ماهرن ڄاڻايا آهن:

لِٽ/سيڊيمينٽ جي تمام وڏي پيماني تي گهٽتائي. سنڌوءَ جو پاڻي لٽ جي زرخيزي سان مالامال ٿي اچي سمنڊ جي پيش پوندو هو. بئراج ۽ خاص ڪري ڊئمن کان اڳ اها لٽ هر سال 400 ملين ٽن کان وڌيل هوندي هئي. هاڻ 30 ملين ٽن جي لڳ ڀڳ وڃي سمنڊ ۾ ڪري ٿي. سنڌ جو سامونڊي علائقو وفاقي ادارن، نيوي، ڪي پي ٽي، پورٽ قاسم ۽ ڪجهه ٻين ادارن سان لاڳاپيل آهي. مرڪزي  ۽ صوبائي ادارن ۽ حڪومتن جي وچ ۾ سهڪار سان مستقبل جي خطرن کي مُنهن ڏ يئي سگهجي ٿو.لٽ واري مسئلي کي مُنهن ڏيڻ لاءِ انهن عالمي ماهرن اِها تجويز ڏني ته ڪوٽڙي کان هيٺ پنجن سالن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو 25 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي وڃڻ کپي. اِهو هر سال جي حساب سان 5 ملين ايڪڙ فوٽ ٿيندو. ان ۾  5000 ڪيوسڪ گڏ ڪنداسين ته 5 واڌو 3.6 ٽوٽل 8.6 ملين ايڪڙ فوٽ ٿيندا. ان ئي رپورٽ ۾ چيل آهي ته ڇاڪاڻ ته خشڪ مهينن ۾ پڻ پاڻي هيٺ ڇڏڻ ضروري آهي ته پوءِ زراعت لاءِ گهربل پاڻِي وڌيڪ ذخيرو ڪري مهيا ڪري سگهجي ٿو.

ڪراچي جي سمنڊ سان گڏ ويرن کي ماپڻ وارا گيج 1916 کان لڳل آهن  ۽ انهن جي ڊاٽا (ماپون) پڻ موجود آهن. انهن کي ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ڏسي ٿي. جڏهن ته ڪيٽي بندر، اورماڙا،گوادر جا گيج پاڪستان نيوي جي هئڊرو گرافڪ کاتي وٽ آهن. ڪجهه تحقيقون ٻڌائين ٿيون ته 1856 کان 2000ع تائين 1.1 ملي ميٽر هر سال ۾ وڌي ٿو. ڪجهه تحقيقون 1916 کان 2016 تائين اِهو واڌارو هر سال 2 ملي ميٽر ٻڌائين ٿيون. هن صدي جي پوين ٻن ڏهاڪن جي انگ اکرن کي ڏسنداسين ته اِهي وري 3.6 ملي ميٽر هر سال جي حساب سان لکن ٿا (خاص ڪري 2007ع کان 2016ع تائين). موسمي ڦيرگهير تي بين الاقوامي حڪومتن جو پينل IPCC، جي ڇهين اسيسميٽ رپورٽ AR6 مطابق پاڪستاني سمنڊ 2150 تائين سوا ٽي فوٽ مٿي ٿي ويندو.

ڊيلٽا جي بهتري لاءِ ڪجهه اهم تجويزون ڏجن ٿيون:

(1) 2005ع ۾ ڪيل عالمي ماهرن جي سفارشن: 5000 ڪيوسڪ همه وقت، روزانو پاڻي ڪوٽڙي کان هيٺ صرف ۽ صرف ڊيلٽا لاءِ ڇڏيو وڃي.

(2) ان کان سواءِ پنج ملين ايڪڙ فوٽ هر سال، يا پنجن سالن ۾ 25 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي کي ڪوٽڙي کان هيٺ وڃڻ گهرجي.

(3) سنڌ سطح تي  هڪ مربوط سامونڊي پٽيءَ جي رٿابندي ۽ پلان جوڙڻ ضروري آهي.

(4) ڊيٽا/معلومات گڏ ڪرڻ، ان کي رڪارڊ ڪرڻ، ان جو معيار ۽ ان سان لاڳاپيل ادارتي صلاحيت انتهائي ڪمزور آهي. سمنڊ سان لاڳاپيل ادارا گهڻو ڪري مرڪزي آهن، جيڪي حاڪميت تي ٻڌل آهن ۽ سامونڊي پٽي جي ماڻهن جي مسئلن کان بي پرواهه آهن. پاڪستان ۽ سنڌ حڪومت جي ادارن کي ان اهم جاگرافيائي حصي ۽ ماڻهن جي جٽاءُ دار بهتري لاءِ ڪم ڪرڻ جي اڻٽر ضرورت آهي.

(5) ادارتي صلاحيتون عالمي گهاڙيٽن تحت بهتر ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. بهتر رٿابندي ۽ بجيٽون رکڻ جي ضرورت آهي. اسان جو اعليٰ تعليمي نظام پڻ ان ڏس ۾ گهٽ پروفيشنل پيدا ڪري ٿو ۽ انهن جو معيار پڻ وقت سان گڏ گهٽيو آهي. ان ۾ ادارتي، علمي  ۽ سائنسي طور تي مربوط پروگرام ۽ پلان جوڙڻ گهرجن.

(6) سامونڊي خطرن جي نشاندهي  ۽ بروقت معلومات ۾ اضافو ڪرڻ جي پڻ اهم ضرورت آهي. سنڌ حڪومت 2023ع ۾ آيل سامونڊي طوفان ‘بپار جوائي’ جي خطري جي ڪري سامونڊي پٽيءَ مان وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ڪرائي ۽ اڳواٽ معلومات تي عمل ڪرڻ جو اهم ڪم ڪيو. ان مان بنيادي سبق سکي پوري نظام، ڳانڍاپي  ۽ رابطن جي مڙني سرشتن کي مضبوط ڪيو وڃي.

(7) سهپ، لچڪ/ريزيلينس، اڏاوتي ۽ غير اڏاوتي انتظام ڪارين سان سامونڊي سنڌ لاءِ هڪ مضبوط سرشتو قائم ڪيو وڃي. هينئر سنڌ ۾ 2022ع جي ٻوڏن کان پوءِ 1200 کان 1500 پاڪستاني ارب خرچ ڪيا پيا وڃن. انهن پراجيڪٽن کي ڏٺو وڃي ته لاڙ ۾ ڇا سهپ ۽ جٽاءُ پيدا ڪندا جو ڪنهن به موسمي ڦيرگهير يا وري ٻوڏ يا سوڪڙي يا ڪنهن ٻي آفت کي منهن ڏيندي نڪري وري زندگيءَ ڏانهن موٽي سگهن.

(8) طرز حڪمرانيءَ جو هاڻوڪو ماڊل عام ڀلائي ۽ سماج جي سهپ، لچڪ ۾ مضبوطي لاءِ سڀ قدم نه کڻي رهيو آهي. بلڪه پوئتي وڃي رهيو آهي. حڪومت کي ترجيحون درست ڪرڻيون آهن. وقتائتا فيصلا ڪرڻا آهن. رٿابنديءَ کي بهتر ڪرڻو آهي، خاص ڪري اُتان جي عورتن جون صلاحون وٺڻيون آهن، جيئن انهن جي اهنج کي گهٽائي سگهجي ۽ ترقي جي تري ۾ پيل لاڙ کي مٿي آڻي سگهجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.