تحريڪ ۾ تبديل ٿيل وڪيلن جو احتجاج ختم

تحرير: اعجاز ممنائي

حيدرآباد ۾ ٽي ڏينهن اڳ وڪيل تي ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ وڪيلن ۽ پوليس وچ ۾ هلندڙ تڪرار شدت اختيار ڪرڻ بعد ايس ايس پي ڊگهي موڪل تي روانو ٿي ويو ۽ ايس ايڇ او کي هٽايو ويو، وڪيل ايس ايس پي آفيس سامهون احتجاج ڪرڻ دوران آفيس ۾ اندر داخل ٿي ويا هئا، هنن 8 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين ايس ايس پي آفيس اندر احتجاج ڪيو، وڪيلن جي احتجاج دوران ايس ايس پي فرخ لنجار پنهنجي آفيس جي هڪ ڪمري ۾ ڦاسي پيو، احتجاج دوران پوليس ۽ اهڪارن وچ ۾ چڪريون به ٿينديون رهيون. هي تڪرار ان وقت شوع ٿيو جڏهن حيدرآباد جي وڪيل علي رضا بوزدار خلاف ڀٽائي نگر ٿاڻي تي ڪار تي فينسي نمبر پليٽ ۽ ڪارا شيشا لڳائڻ جي الزام تحت پوليس جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جنھن تان وڪيلن ۽ پوليس وچ ۾ ڇڪتاڻ  پيدا ٿي، جيڪا هاڻي شدت اختيار ڪري وئي آهي ۽ اهو تڪرار ايس ايس پي آفيس تائين وڃي پهتو ائين ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي عهديدارن سان گڏ متاثر وڪيل علي رضا بوزدار سان گڏ وڪيلن جو وڏو انگ ايس ايس پي آفيس اندر پهتو ۽ واقعي خلاف وڪيلن احتجاج ڪري پوليس گردي خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان دوران ڪاوڙيل وڪيلن ايس ايس پي آفيس جو گهيراءُ ڪيو، جنهن دوران وڪيلن ۽ پوليس اهلڪارن وچ ۾ چڪريون به ٿينديون رهيون وڪيل اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڀٽائي نگر پوليس ٽنڊوالهيار جي ايڊووڪيٽ علي رضا بوزدار سان علمدار چوڪ وٽ ايس ايس پي حيدرآباد جي موجودگي ۾ بدتميزي ڪئي آهي ان واقعي جي غيرجانبدار جانچ ڪئي وڃي، سندس سخت احتجاج کانپوءِ وڪيل اڳواڻ اياز حسين تنيو، عرفان ٻگهيو ۽ ٻيا پهتا، جن احتجاج ڪندڙ وڪيلن سان ڳالهيون ڪيون ۽ کين چيو ته پوليس ڪيس ختم ڪندي, تحويل ۾ ورتل ڪار ڇڏيندي ۽ ايس ايس پي آفيس لاڳاپيل ٿاڻي جي ايس ايڇ او خلاف ڪارروائي تي راضي آهي، پر وڪيل ڪنهنجي به ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه ٿيا ۽ هائي وي بند ڪري سڄي سنڌ کي احتجاج ڪرڻ جو سڏ ڏنو.

جڏهن ته ايس ايس پي حيدرآباد فرخ لنجار وڪيلن جي احتجاج بابت هڪ خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته وڪيل هجن يا پوليس اهلڪار ۽ آفيسر قانون هر ڪنهن جي لاءِ ساڳيو آهي،فينسي نمبر پليٽن ۽ ڪارن شيشن وارين گاڏين خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته وڪيلن کي جيڪڏهن ڳالهائڻو آهي ته منهنجي آفيس ۾ اچي ڳالهائين. آئون  ٻئي ڪنھن ھنڌ تي وڪيلن سان ڳالهائڻ جو پابند ناهيان. هن چيو ته فينسي نمبر پليٽن ۽ ڪارن شيشن خلاف ڪارروائي ڪندڙ ايس ايڇ او کان ويندي سپاهي تائين هر پوليس اهلڪار جو ڀرپور دفاع ڪيو ويندو. وڪيلن جو احتجاج بنا سبب آهي اھو به ڏسڻو پوندو ته وڪيل علي رضا بوزدار وٽ وڪالت جو لائسنس آھي به يا نه.ايس ايس جي ان بيان کانپوءِ وڪيلن ۾ اڃان وڌيڪ ڪاوڙ ڏسڻ ۾ آئي ۽ پنهنجي احتجاج کي تحريڪ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ سنڌ جي سموري بار اندر احتجاج سان گڏ گهرو وزير کي به هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو ۽ اهو به چيو پيو وڃي ته وڪيل هاڻي هر ظلم خلاف عوام جو آواز بڻجندا۔وڪيل رڳو ڪورٽ ۾ مقدما نه وڙهندا آهن، بلڪه انهن جو اصل ڪم ظلم، ناانصافي ۽ جبر خلاف آواز اٿارڻ آهي. جڏهن به ڪنهن غريب، بيوس يا مظلوم جو حق کسيو ويو، وڪيل سامهون آيا. جڏهن به قانون کي لتاڙڻ جي ڪوشش ٿي، وڪيل رڪاوٽ بڻيا.اهو ئي سبب آهي جو احتجاج ۾ رڳو وڪيل شامل نه آهن پر عام ماڻهو به سندن حصو بڻجي ويا آهن ٿي سگهي ٿو ان تحريڪ ۾ قومپرست جماعتون به شامل ٿي وڃن ڇوته پيپلز پارٽي جي هن ور حڪومت ۾ پوليس گردي تمام گهڻي وڌي ويئي آهي جنهن جي سرپرستي خود حڪومتي وزير ڪري رهيا آهن۔

سوچجي ته! جيڪڏهن وڪيل به ظلم خلاف نه وڙهندا، ته پوءِ غريب کي ڪير انصاف وٺي ڏيندو؟ جيڪڏهن وڪيل به خاموش ٿي وڃن، ته پوءِ ناانصافي جو دروازو ڪير بند ڪندو؟وڪيل صرف پنهنجي لاءِ ناهن وڙهندا، بلڪه سماج جي هر ان ماڻهو لاءِ جنگ وڙهندا آهن، جيڪو پنهنجي حق لاءِ اڪيلو ۽ بي وس آهي.اڄ  سڀني کي وڪيلن جي جرئت، همت ۽ قربانين کي سلام پيش ڪرڻ گهرجي. انهن جي جدوجهد هر ان ماڻهو لاءِ روشني آهي، جيڪو حق تي بيهڻ چاهي ٿو. سول سوسائٽي کي گھرجي ته وڪيلن جو ساٿ ڏئي، ڇوته وڪيل توهان جي حقن جا محافظ آهن۔ وڪيل سماج جو ٽيون مضبوط ٿنڀو آهي جيڪڏهن ڪنهن به ملڪ ۾ قانون جي حڪمرانيء جي پوليس لتاڙ ڪندي ته سادو عوام ئي مار کائيندو پر جيڪڏهن ان پوليس گردي کي روڪڻ واري قوت آهي ته اها جوڊيشلي ئي آهي۔ هونء به هن ملڪ ۾ وڏن ماڻهن لاءِ قانون الڳ آهي ته غريب لاءِ قانون الڳ آهي جنهنڪري هر جاء تي افراتفري وارو ماحول بڻيل آهي۔

وڪيلن جي هي تحريڪ تاريخ ۾ الڳ جاءِ والاريندي ڇوته هن ۾ پوليس جو پيڙهيل عوام به شامل آهي۔هاڻ وڪيل برادريءَ کي منظم رهي مستقل طور مظلوم جو ساٿاري بڻجڻ گهرجي ڇوته وڪيل قوم ۽ قانون جا رکوالا آهن هن وقت قوم قومپرستن ۽ سياستدانن جي روين مان مايوس ٿي چڪي آهي انڪري وڪيل برادريءَ کي سنڌ جي هر اشوز تي پنهنجو ذاتي مسئلو سمجهي سنڌ جي بقا وحدانيت سنڌين سان ٿيندڙ ناانصافين ناجائزين تي ايئن ئي روڊن تي نڪري اچن هاء ويز بند ڪرڻ گهرجن۔ سنڌين جي مالڪي ڪرڻ گهرجي ڇو جو اهي آئين ۽ قانون جا رکوالا اهي ڪاري ڪوٽ وارا وڪيل ڀائر ئي آهن جيڪي ملڪ جي هر مظلوم جو آواز بڻجي سگهن ٿا هن وقت سنڌ ۾ ڄڻ ون يونٽ ۽ ايم آر ڊي وارو ڪارو دور پيو هلي۔ هر طرف سنڌ ۽ سنڌين تي ظلم جا پهاڙ ڪيرايا پيا وڃن انڪري هي لکيل پڙهيل قانون جي پاسداري ڪندڙ طبقو هر ظلم سان مهاڏو اٽڪائڻ جي سگهه رکي ٿو

سنڌ جي بقا وحدانيت سنڌين سان ٿيندڙ ناانصافين ناجائزين تي ايئن ئي روڊن تي نڪري اچن. ۔ سنڌين جي مالڪي ڪرڻ گهرجي ڇو جو اهي آئين ۽ قانون جا رکوالا اهي ڪاري ڪوٽ وارا وڪيل ڀائر ئي آهن جيڪي ملڪ جي هر مظلوم جو آواز بڻجي سگهن ٿا هن وقت سنڌ ۾ ڄڻ ون يونٽ ۽ ايم آر ڊي وارو ڪارو دور پيو هلي۔ هر طرف سنڌ ۽ سنڌين تي ظلم جا پهاڙ ڪيرايا پيا وڃن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.