3ڊسمبر جو ڏينھن ھيو، ادي حميده گھانگھرو شام جو 7 وڳي محرابپور جي شھر، پنھنجي جنم ڀوميءَ تي جڏھن پنھنجا قدم رکيا ته سندس جسم ۾ ڄڻ ڏڪڻي پئي هجي. ان وقت مون اديءَ کان ڪجھه نه پڇيو پر لڳي پيو ته شايد اديءَ جي طبيعت صحيح ناھي. ڪجھه دير کان پوءِ حال احوال پڇڻ شروع ڪيم ته سندس اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا. مون سمجهيو ته شايد اھي لڙڪ جنم ڀومي سان جذباتي وابستگي جا آھن ته مون اديءَ کي چيو ته ڀيڻ اھا مٽي جي محبت آھي ته اديءَ يڪدم چيو ته ڀاءُ مٽيءَ سان محبت پنھنجي جاءِ تي پر ھالاڻي کان محرابپور شھر جي ڀڳل ٽٽل روڊن مونکي جھوري وڌوآھي ته ھن روڊ تي انسان سفر ڪيئن ٿا ڪن. جتي انسان جي زندگي رسڪ تي آھي جتي انسان سان گڏ گاڏين ۾ چوپايو مال به ڍويو ٿو وڃي. سندس چوڻ هو ته مون کي ڪراچيءَ کان ھالاڻي تائين سفر ڪرڻ ۾ ايتري تڪليف ڪونه آئي جيتري ھالاڻي کان محرابپور پهچڻ ۾ آئي آھي. روڊ سفر ڪرڻ جي بلڪل به لائق ناھي.
حميده گھانگھرو محرابپور شھر جي مختلف محلن جي گھٽين مان پنڌ ھلڻ کان ڊڄي رھي ھئي ھڪ ته شھر جي گھٽين ۾ نالين جي گندي پاڻيءَ جي ٻوڏ پنھنجي اکين سان ڏٺائين ته چيائين هتي ميڊيا جي نمائندا ناهن هوندا ڇا جو مسئلن تي لکن. هن چيو ته ھن شھر ۾ ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ڳڙ منڊي به آھي جتي محتلف کاڌي پيتي جي جنسن جا ڪنٽينر ڏينھن ڏٺي شھر مان گذرن ٿا انھيءَ جي ڪري به ٽريفڪ جام ٿيندي رھي ٿي ان وقت شھر مان ماڻھو پيدل به ناهي هلي سگهندو. اها حالت شھر ۾ اڳ به ھئي جن ڏينھن ۾ سبزي منڊي شھر جي وچ ۾ ھئي پر ڪجهھ وقت اڳ شھرمان سبزي منڊي پٽي ٻاھر ڪڍي ويئي آھي پر پوءِ به شھر جي حالت ھن مهل تائين نه سڌري آھي.
ھن شھر جي خستاحالت ڏسي ادي بار بارلڙڪ پئي لاڙي. مون ھر ھر ادي کان پئي پڇيو ته ادي ڇا ٿيو ته يڪدم رڙ ڪندي چيائين ته هي جيڪو ھيڏو وڏو خوبصورت شھر ھيو ان کي ڪنھن برباد ڪيو آھي. ھن شھرکي ته سنڌ جو مثالي شھر ھجڻ گھرجي ھا ڇو ته سنڌ جي اندرين شھرن ۾ محرابپور شھر ئي ھيو جتان وڏين وڏين تحريڪن جا بنياد پيا ھيا، جتان بٽئي الاٽي تحريڪ، شگر مل ۽ ڪاليج جھڙين تحريڪن جون خوبصورت تحريڪون هليون هيون. ان شھر کي ھٿ سان تباھ ڪيو ويو آھي جنھن شھر کي بچائڻ لاءِ اسين وڏي تحريڪن جا بنياد وڌا. ھن شھر کي ڪاليج ۽ لائبريري ڏيارڻ لاءِ اسين جيل جون ڪال ڪوٺڙيون ڏٺيون هيون، علم ڏيارڻ لاءِ رت ڏنو سين.
جڏھن مان 40 سالن کان پوءِ وڏي سڪ سان پنھنجي جنم ڀو مي تي قدم رکيا اٿم ته اندر تڙپي پيو آهي ۽ ھڪ دفعو وري دل چوي ٿي ته شھر جي انتظاميا خلاف تڏو وڇائي ويھي رهان جو انتظاميا اسان جي بجيٽ جا ٽي ڪروڙسٺ لک بجيٽ ڳڙڪائي پئي. هتي نه شھر ۾ ڪو پارڪ آھي نه ئي ڪا ڀلي ھاسپيٽل آھي نه ئي ڪنھن اسڪول کي ڪا سٺي بلڊنگ مليل آھي. اڳ جيڪو ھاءِ اسڪول محرابپورکي ھيو تنهن جي ڪيتري نه خوب صورت بلڊنگ هوندي ھئي جو ان جھڙو نقشو پوري سنڌ ۾ ڪنهن اسڪول جو نه هوندو هو، ان اسڪول جي ڇتين جا به چاپڙ هاڻي ھنڌان ھنڌان ڪرن پيا پر شھر جا وڏا وڏا پڙھيل لکيل ماڻھو الائي ڇو خاموش آھن، جڏهن ته سندن ئي ٻچن جي سرن تي ڪيڏي مهل به چاپڙ ڪري سگھن ٿا ۽ اھي معصوم ٻارڙا زخمي ٿي سگھن ٿا يا خدانخواسته ڪنھن جو ٻچو مري به سگھي ٿو، انھيءَ جو ڪير جواب ڏيندو. استادن جو اهو به چوڻ ھيو ته اسين دانھون ڪندا رھيا آھيون ته اسان جي ھاءِ اسڪول کي فلٽر پلانٽ وٺي ڏيو جو شھر جو پاڻي زھريلو ٿي چڪو آھي پر شھر جو ڪوبه ماڻھو تعاون ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. استادن جون اهڙيون دانھون ٻڌندي اديءَ چيو ته دل ٿي چوي تي تڏو وڇائي ويھي رھجي ھڪ دفعو وري تحريڪ جا بنياد وجھجن ۽ نئين ٽھي کي جنگ ڪرڻ جا رستا سيکارجن. تعليمي ادارن مان ڪيئن تحريڪون پنھنجا رستا تلاش ڪنديون آھن سو کين جيڪر سيکارجي.
ادي حميده گھانگھرو پنھنجي اسڪول جي يادن کي تازو ڪرڻ وقت ڀورا ڀورا ٿي وئي، ھاءِ اسڪول ۾ پھتي ته صفا جھري پئي ۽ چوڻ لڳي ته ھي اسڪول آھي جنھن جي پارڪ ۾ ويھي اسان پنھنجو احتجاج ھڪ مھينو جاري رکيو هو ته اسان کي ڪاليج ڏيو، ان مطالبي جي ڪري اسان کي جيل ياترا به ڏسڻي پئي پر اڄ ھن شھر جي خو بصورتي کي مقتل گاھ ۾ تبديل ڪيو ويو آھي جنهن کي وري آباد ڪرڻ جي ضرورت آھي ۽ ھتي جي معصوم ٻارڙن جي زندگي بچائڻ جي ضرورت آھي تنهن جي جيتري ذميواري شھر جي واپارين جي آھي اوتري ٽائون انتظاميا جي به آھي جيڪا شھر جي بجيٽ ڳڙڪائي پئي.
اديءَ جي اهڙن اتساهيندڙ جذبن مان لڳو پئي ته 40 سال اڳ وارو جذبو اڄ به اديءَ وٽ جوان ۽ تازو آهي. سندس جذبا ۽ جوھر اسان جي ضميرن کي بيدار پيا ڪن ته انقلابي ڪڏھن ختم نه ٿيندا آھن ھر دور ۾ پنھنجا رستا پاڻ ڪڍي ڏيندا آھن. ھنن جي لاءِ ماڻھن جي تربيت ڪرڻ جا ڍنگ ۽ رنگ پنھنجا ھوندا آھن، ھنن لاءِ جنگ جوٽڻ ته ڪوبه مسئلو ناھي. ڪيترائي ذھن تيار به ڪري سگھجن ٿا ۽ ايئن پئي محسوس ڪرايو ته اڄ به ادي حميده، شھيد نذير عباسي جي نظريي سان ھڪ چٽان ٿي بيٺل آھي ۽ محسوس پئي ٿيو ته شھيد جي ساٿين سان گڏ بيٺل آھي ۽ خود ھڪ وڏي تحريڪ آھي ڀلي اديءَ سان گڏ ڪير به نه بيھي پر پنھنجو پاڻ وڏي پارٽي ۽ تحريڪ آھي ۽ ھن کي ڪنھن به پارٽيءَ جي سھاري جي ضرورت ناھي.
سو اچو ته ھڪ دفعو وري حميده گھانگھرو، ڪامريڊ محمد ھاشم گھانگھرو، ڪامريڊ غلام رسول سھتو ۽ فقير محمد ملوڪ نوناري وانگر جن وڏيرن، چورن ۽ پاٿاريدارن خلاف فيصلائتي ويڙھاند ڪئي ھئي، ڪنھن به وڏيرا شاھي کي ھلڻ نه ڏنو ھيو ۽ تعليم بچائڻ لاءِ جيل ڪٽڻا پيا ھيا اھڙين جدو جھدن جو وري ماحول ٺاھڻ گھرجي.
اھڙيون دانھون ادي حميده مختلف موقعن ۽ هنڌن تي تقريرن ۾ ڪندي رھي. انھن تقريرن کان پوءِ اديءَ کان صحافين سوال ڪندي پڇيو ته اوھان سنڌو مان نڪرندڙ 6 ڪئنالن تي ڇا چوندا ته اديءَ حميده گھانگھرو پنھنجو چٽوموقف رکندي چيو ته سنڌ درياءَ جوقتل ٿوٿئي انھيءَ جي ڪري سڌي جنگ ڪرڻ جي ضرورت آھي، ست ڪروڙ انسانن جي جيئڻ ۽ موت جو مسئلو آھي اسان ڪنھن به صورت ۾ پنھنجو مقتل گاھ ٿيڻ نه ڏينداسين، اسان جو ٻچو ٻچو وڙھندو ۽ پنھنجي جنگ ڪندو. اسان جو پاڻي اڳ به پنجاب چوري ڪندو رھيوآھي. اسين اڳ به ڪالاباغ خلاف جيڪا جنگ ڪئي ھئي ھن وقت ان کان وڏي جنگ ڪرڻي پوندي ۽ مان شھيد نذير عباسي جي جدو جھد جي وارثي ڪندي چوان ٿي ته پنهنجن اختلافن کي وساري ڇڏيو جو هيءَ وجود جي بقا جي جنگ آھي نه وڙھبو ته نسل ختم ٿي ويندا