سنڌو طاس معاھدو 19 سيپٽمبر 1960ع ۾ عمل ۾ آيو، جنھن تي انڊيا جي وزيراعظم جواھر لال نھرو ۽ پاڪستان جي ان وقت جي ڊڪٽيٽر ايوب خان صحيحون ڪيون، جنھن تحت 3 درياهه بياس، ستلج ۽ راوي مڪمل طور انڊيا حوالي ڪيا ويا، باقي سنڌو، چناب ۽ جھلم پاڪستان لاءِ ڇڏيا ويا. بقول سنڌ جي آبپاشي ماھرن جي ته ان فيصلي ۾ سنڌ کان پڇيو به نه ويو هو، ڇاڪاڻ جو ان دور ۾ ون يونٽ تحت صوبن جي حيثيت ئي ختم ٿيل ھئي. اھڙي معاھدي بعد پنجاب ڊيمن ۽ لنڪ ڪئنالن جي صورت ۾ پنھنجي زمينن کي ته آباد ڪرڻ لاءِ سڀ وسيلا استعمال ڪري ويو پر نقصان سنڌ کي ٿيو جو سنڌو درياهه کي ڀريندڙ ٽن وڏن دريائن جو پاڻي اسان کان کسجي ويو. ھاڻي جڏھن انڊيا ٻيھر سنڌو طاس معاھدي ۾ نرمي ڪرائي وڌيڪ پاڻي کڻڻ لاءِ سازشون ڪري رھيو آھي ته پنجاب مستقبل ۾ پاڻ کي محفوظ ڪرڻ ۽ سنڌ جي حصي جو پاڻي کڻڻ ۽ سنڌ جون زمينون به پنھنجي ادارن کي ڏيارڻ لاءِ نون ڪئنالن تي لھي آيو آھي.
1991ع ۾ سنڌ جو وڏو وزير ڄام صادق علي ۽ پنجاب جو وزيراعليٰ غلام حيدر وائين ھو. جڏهن ته وزير اعظم نواز شريف ھو. 16 مارچ 1991ع تي سڀني تاريخ جو ”بدترين“ پاڻي معاھدو ڪيو. ان معاھدي تي سڀني جشن ملھايا ته سئو سالن کان وٺي پنجاپ ۽ سنڌ جي وچ ۾ پاڻي معاملي تي ھلندڙ ”تڪرار“ ھن معاھدي سان ختم ٿي ويو ۽ آئيندہ ھر ڪو پنھنجي حصي جو پاڻي پنھنجي مرضي سان بنا ڪنھن رڪاوٽ جي استعمال ڪري سگھندو. ان معاھدي موجب سڀني درياھن جي پاڻي مان سنڌ ۽ پنجاب سميت سڀني صوبن جو ”حصو“ مقرر ڪيو ويو.
پنجاب جو حصو 55.94 سيڪڙو، سنڌ 48.76 سيڪڙو، سرحد صوبو 5.78 سيڪڙو ۽ بلوچستان 3.87 سيڪڙو حصي جا حقدار ڄاڻايا ويا. ان معاھدي کان پوءِ پنجاب کي اھو قانوني حق حاصل ٿي ويو ته اھو پنھنجي حصي ۾ آيل تقريبن 56 سيڪڙو دريائي پاڻي پنھنجي صوبي اندر ڪھڙي به طريقي سان استعمال ڪري سگھي ٿو. ان تي سنڌ يا ڪنھن ٻئي صوبي کي اعتراض ڪونه ٿيندو. ان معاھدي کان پوءِ پھريان کان نڪتل چشما جھلم لنڪ ڪئنال يا تونسا پنجند لنڪ ڪئنال پنجاپ بنا ڪنھن رنڊڪ جي جنھن وقت چاھي وھائي سگھندو، ان کان اڳ اھي ڪئنال وھائڻ کان اڳ پنجاب سنڌ کان اجازت نامو وٺڻ جو پابند ھو.
1991ع واري پاڻي معاھدي کان پوءِ پنجاب پنھنجي اھڙن علائقن ۾ نوان واھ کوٽڻ جو سلسلو شروع ڪيا جيڪي اڳ ۾ دريائي آبپاشي واري نظام کان محروم ھئا. اتي پوکي راھي جو دارومدار برسات تي ھوندو ھو يا وري زير زمين جر جي پاڻي تي. پنجاپ اندر آبپاشي جا اھي نوان ۽ جديد نظام ” وفاقي بجيٽ“ مان واپڊا طرفان شروع ٿيا. پنجاب جي صوبائي بجيٽ مان انھن منصوبن تي ٽڪو به خرچ ڪونه ٿيو. انھن نون آبپاشي منصوبن مان فيضياب ڪير ٿيا؟ اھو سوال اھم ته آھي پر ان جو جواب ڄاڻيندي به ڪو ڪونه ڏيندو. جيستائين ڪنھن باراني يا غيرآباد علائقي ۾ مستقل دريائي آبپاشي جو نظام ڪونه ھوندو آھي ته اتي زمين جي مالڪي جو ڪو رڪارڊ به ڪونه ھوندو آھي. مقامي آبادي اڪثر ھڪٻئي جي احترام ۾ ھڪٻئي جي ڪمن ۾ مداخلت ڪونه ڪندي آھي ۽ اھا زمين ان جي ملڪيت ليکي ويندي آھي جنھن جو ان تي قبضو ھوندو آھي. پر ”سرڪاري رڪارڊ“ اھڙيون زمينون ” سرڪاري ملڪيت“ لکيل ھونديون آھن. عام ماڻھو کي ڪو پتو ڪونه ھوندو آھي ته 10-20 سالن کان پوءِ ھنن زمينن لاءِ ”سرڪار“ ڪھڙا منصوبا جوڙيا آھن. پر سرڪار جي اندر ويٺل ” سرڪاري ماڻھن“ کي سڀ خبر ھوندي آھي ته ڪٿي ڪيتري زمين پئي آھي ۽ ان زمين تا نڪرندڙ واھن يا رستن کان پوءِ ان جي ”مارڪيٽ ويليو“ ڪيتري ٿيندي؟
1991ع وارو پاڻي معاھدو ڪرائيندڙ ” وڏي سرڪار“ اھي سڀ منصوبا معاھدي ڪرائڻ کان به گهڻو وقت اڳي ٺاھيون ويٺي ھئي. غير آباد علائقن جو زمينون ” سرڪاري رڪارڊن“ ۾ انھن جي نالي ٿي چڪيون ھيون، بس حجت پوري ڪرڻ لاءِ ” قانوني خانا پوري“ جي ضرورت ھئي، جيڪا مناسب وقت تي ڪئي وئي. 1991ع جي پاڻي معاھدي کان يڪدم پوءِ پھرين مرحلي ۾ پنجاپ جي 4 ضلعن، ۾ 17.5 لک ايڪڙ غير آباد زمين ۾ جديد ترين آبپاشي نظام ”گريٽر ٿل ڪئنال“ منصوبي جي نالي تي شروع ٿي ويو. بظاھر اھو ڪم سال 2000ع کان شروع ٿيو. اڳ ئي تعمير ٿيل چشما جھلم لنڪ ڪئنال جي وچ ۾ ھيڊ ريگيوليٽر ٺاھي جديد ترين پڪن واھن، شاخن ۽ مائينرز جو ڄار تيز ترين رفتار سان وڇائجڻ شروع ٿي ويو.
سنڌو جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ جي لاءِ مختلف چالبازيون ۽ حرفتون ڪيون پيون وڃن سنڌ جو عوام سنڌو تي ڪالاباغ ڊيم سميت ڪو به ڊيم يا ڪئنال قبول نه ڪندو ان ڪري ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي جيڪا سنڌ سان ناانصافي آهي، سنڌ اهڙي ڪنهن به سنڌو دشمن منصوبي کي قبول نه ڪندي. سنڌو ۾ پاڻي جي کوٽ سبب انڊس ڊيلٽا مڪمل تباھ ٿي ويو آهي سمنڊ تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي، انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي نه پهچڻ سبب سڄو فطري ماحول تبديل ٿي ويو آهي ان ڪري سنڌو ۾ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ ٻارنهن مهينا گهٽ ۾ گهٽ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي مسلسل ڇڏڻ گهرجي جيڪو سنڌ سان معاھدو ڪيو ويو پر ان تي عمل نه ٿي رهيو آهي هڪ پاسي سنڌ ۾ اڳ ۾ پاڻي جي کوٽ رهندي آهي ته وري ٻئي پاسي سنڌو مٿان وڌيڪ ڊيم ۽ ڪئنال ٺاهڻ جا منصوبا جوڙيا پيا وڃن. اهڙي سنڌ دشمن فيصلي تي سنڌ جو عوام خاموش نه ويهندو. ان ڪري ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ وڌيڪ ڊيم ٺاهڻ جا منصوبا فوري ختم نه ڪيا ويا ته سنڌ جو عوام سخت عوامي سياسي احتجاج ڪري حڪمرانن کي اهو فيصلو واپس وٺڻ تي مجبور ڪندو. ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ زمينن جي خريدارن جنھن ھزارين ايڪڙ زمينون ورتيون آھن ۽ معاھدو ڪيو آھي تـ پئسا تڏھن ڏينداسين جڏھن پاڻي ڏيندو. پاڻي لاءِ سنڌو درياھ تي ڪينال ڪڍيا پيا وڃن، اھو ڪو عام معاملو ناھي ان جو مطلب اھو آھي ته سنڌ جي زراعت ۽ آباديون تباھ ٿينديون صرف ڪجھه ماڻھن (اشرافيا) کي فائدو ڏيڻ لاءِ.