جيتوڻيڪ القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي سزا کان پوءِ غير يقيني واري صورتحال وقتي طور وڌي وئي آھي. پر اميد آهي ته جيئن جئين پي ٽي آءِ غير جذباتي ٿي جائزو وٺندي، سھڻي طريقي سان اڳتي وڌڻ جو رستو ڳوليندي. ان وقت تائين تڪراري مسئلا درست ٿيڻ شروع ٿي ويندا.ان دوران حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ ڳالهيون جاري آهن، جنهن ۾ پي ٽي آءِ تاحال ٻه مطالبا لکت ۾ پيش ڪري چڪي آھي. جيتوڻيڪ سياسي معاملن ۾ ڪا ڊيڊ لائين قطعي نھ ھوندي آھي.ان ھوندي بھ حڪومت ڪو متوازن رستو ڳولي ٿي ۽ پي ٽي آءِ کي مفاهمت لاءِ قبوليت جوڳي آڇ ڪري ٿي، ته پوءِ سياسي معاملن نبرڻ جو امڪان ٿي سگهي ٿو. اهڙي صورت ۾ عمران خان يا سندس دوست سياسي ڳالهه ٻول واري رستي کي ڇڏي نھ سگهندا. ڇاڪاڻ ته عمران خان قانوني ۽ سياسي طور ڦاٿل آهي، ان مان نڪرڻ جو واحد رستو سياسي ڳالهين سان ئي ڪڍي سگهجي ٿو.
جيتوڻيڪ پي ٽي آءِ اڃا فيصلو نه ڪيو آهي ته ان کي حڪومت سان ڳالهين کي ڪيتري سنجيدگي سان وٺڻ گهرجي. سياسي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ کي لازمي طور تي پنهنجن قانوني مسئلن کي ٿورو جدا ڪرڻو پوندو. ساڳئي طرح کين سوشل ميڊيا ۽ پريس ڪانفرنسن ۽ بيانن ۾ پنهنجي لهجي جي تکاڻ گهٽائڻو پوندو. ھڪ طرف پي ٽي آءِ آمريت جي اڳيان نه جهڪڻ، نظام سان بغاوت ، مڪمل آزادي ۽ جمهوريت جي حصول تائين جدوجهد جي ڳالهه ڪري ٿي، پر ان جماعت کي يقين رهيو آهي ۽ اهو اعلان بھ ڪيو ويندو رھيو آھي تھ پي ٽي آءِ صرف طاقتور حلقن سان ڳالهين ذريعي معاملا حل ڪرڻ چاهي ٿي. اهڙي خواهش جي تڪميل صرف مفادن جي تحفظ لاءِ ٿي سگهي ٿي، اهڙي سياسي اڳواڻ پاران حقيقي جمهوريت لاءِ جدوجهد جاري رکڻ جي ڳالھھ حقيقت ۾ گمراهه ڪندڙ هوندي.
پاڪستان جي معروضي حالتن مطابق، يعني، جيڪو ‘لي آئوٽ’ اسٽيبلشمينٽ هن وقت سياسي ۽ جمهوريت لاءِ مقرر ڪيو آهي، ان جي دائري اندر رھي ئي سرگرم رھڻ جو خواھشمند اڳواڻ طئي ٿيل گيم آف رولز کي قبوليندي ئي سياسي اڳڀرائي جي اميد ڪري سگھي ٿو.عمران خان ۽ پي ٽي آءِ کي پڻ ‘راند’ لاءِ مقرر ڪيل قاعدن ۽ اصول کي مڃڻو پوندو. پي ٽي آءِ پهرين احتجاج جي سياست ذريعي نظام جو تختو اونڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ۽ هاڻي دٻاءُ ۽ نعريبازي سان حڪومت جھڪائڻ چاهين ٿا. پر انهن وٽ اڃا ڪا چٽي سياسي ايجنڊا موجود ناهي. پي ٽي آءِ ظاهري طور تي صرف اسٽيبلشمينٽ سان ڀائيواري چاهي ٿي، جنھن جو امڪان ھن وقت نھ آھي. انهيءَ ڪري عمران خان ۽ سندس ساٿين کي ٻين سياسي پارٽين سان سهڪار جي اهميت کي سمجهڻ گهرجي.
9 مئي ۽ 26 نومبر جي واقعن جي جاچ جو معاملو اصل ۾ هڪ نعرو آهي. اهو قانون ٽوڙڻ جو معاملو آهي. جيڪو رياست، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ عدالتن ذريعي ٿيندو .سپريم ڪورٽ آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ 9 مئي جي سانحي جي جوابدارن جي سزائن ۽ فيصلن تي غور ڪري رهي آهي.جيڪڏهن فيصلو فوجي عدالتن جي خلاف اچي ٿو ته اهو يقيني طور تي پي ٽي آءِ ۽ جمهوري قوتن کي ڪجهه سهولت مهيا ڪندو، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته ملڪ جي عدليه 9 مئي جي واقعن بابت فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏينهن جيڪو ٿيو ان کي وساريو ۽ اڳتي وڌو. ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ اهو واضح ڪري ڇڏيو آهي ته انهن واقعن کي وسارڻ ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ تيار ناهي. 26 نومبر جي واقعي بابت پڻ حڪومت طرفان سڌي طرح ۽ اسٽيبلشمينٽ طرفان اڻ سڌي طرح ساڳيو موقف اچي چڪو آهي. اهڙي صورت ڪري ٻنهي واقعن جي عدالتي جاچ سان بھ مسئلو حل نه ٿيندو، بلڪه مسئلي جو حل ان ڏينهن ٿيندڙ تشدد جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ سڃاڻپ ۽ غلطين جي معافي آھي.
پي ٽي آءِ گذريل هفتي بئريسٽر گوهر علي ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ملاقات جو اعلان ڪيو آهي. پارٽي چيئرمين ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۾ واضح چيو آهي ته ان ملاقات ۾ اسان پنهنجا مسئلا پيش ڪيا. عوام کي وڌيڪ تفصيل نه ٻڌايو ويو آھي. اهو به نوٽ ڪرڻ گهرجي ته القادر ٽرسٽ ڪيس بابت پي ٽي آءِ جو موقف هو ته فيصلي ۾ دير عمران خان تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته پي ٽي آءِ پاران آرمي چيف سان ملاقات جي هڪ ڏينهن پوءِ ڪيس جو فيصلو ٻڌايو ويو. جنهن ۾ عمران خان کي 14 سال ۽ بشريٰ بي بي کي 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
ان مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته آرمي چيف سان ملاقات جي باوجود اهو چٽو آھي ته فيصلا ملڪ جي عدالتي نظام ذريعي ڪيا ويندا، پي ٽي آءِ ۽ عمران خان کي عدالتي نظام کان ئي وٺڻو پوندو. پاڪ فوج جي ترجمان جي آفيس طرفان آرمي چيف جي پي ٽي آءِ اڳواڻن سان ملاقات بابت ڪو بيان جاري نه ٿيو آھي. گذريل هفتي آءِ ايس پي آر هڪ پريس رليز ۾ چيو هو ته آرمي چيف، سياسي اڳواڻن سان ملاقات ۾ دهشتگردي خلاف گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ سياسي اڳواڻن تي واضح ڪيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن ان موقعي تي سياسي صورتحال بابت ھڪ ٻھ اشارا ڏنا ھئا. جنھن ۾ اهو بيان به شامل هو ته "اسان سڀ غلطين مان سکڻ چاھيون ٿا ۽ انھن تي پشيمان ٿيڻ گھرجي“ اھو شايد هڪ واضح اشارو هو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ اڳتي وڌڻ چاهي ٿي ته ان کي ڇا ڪرڻ گهرجي.
بئريسٽر گوهر علي، آرمي چيف سان سڌي طرح ڳالهيون شروع ڪرڻ جي خبر ٻڌائيندي اھو بھ ٻڌائڻ گھرجي تھ آرمي چيف ملاقات ۾ صلح لاءِ ڪهڙا شرط پيش ڪيا آهن. اهو چوڻ تمام ڏکيو آهي ته پاڪستان آرمي چيف پي ٽي آءِ اڳواڻ جي دوبدو ملاقات ڪئي آهي، مطلب ته آرمي چيف پي ٽي آءِ جي سياسي وفد سان ملاقات ڪئي ۽ انهن جون شڪايتون ٻڌيون. اهڙي واقعي جو ضرور ڪو رڪارڊ ھجي ھا. آءِ ايس پي آر يا حڪومت ضرور ڪو بيان جاري ڪري ھا. هي اعلان پي ٽي آءِ طرفان هڪ طرفو ڪيو پيو وڃي. تنهن ڪري، اهو چئي سگهجي ٿو ته ملاقات ضرور ٿي، پر اها دهشتگردي جي وسيع ايجنڊا جي اجلاس ۾ ٿي. ان موقعي تي ڪجهه ڳالهيون ضرور ٿيون هونديون. شايد اهو ئي سبب آهي جو آرمي چيف چيو ته غلطيون ٿينديون آهن ۽ انهن تي افسوس نه ڪرڻ گهرجي.
جڏهن ته ٻين ذريعن کان پڻ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي آرمي چيف سان ملاقات جي دعوائن بابت معلومات سامهون آئي آهي. ڊان اخبار رپورٽ ڪيو آھي تھ سيڪيورٽي ذريعن موجب، ملاقات دهشتگردي جي خاتمي جي معاملن جي تناظر ۾ ٿي. بئريسٽر گوهر سياسي معاملن تي ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي کيس چيو ويو ته هو سياستدانن سان سياسي معاملن تي ڳالھائي. ملاقات بابت هي رپورٽ ان تاثر کان بلڪل مختلف آهي جيڪو بئريسٽر گوهر علي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
ان حوالي سان، حڪومت جي ڳالهين واري ٽيم جي ميمبر، سينيٽر عرفان صديقي جو بيان پڻ دلچسپيءَ کان خالي نه آهي. ڊان نيوز جي پروگرام ‘ان فوڪس’ ۾ ڳالهائيندي، هن چيو ته هو پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر خان جي آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ‘ملاقات’ جي سڀني تفصيلن ۽ ڳالهين کان واقف آهي. هن هڪ ملاقات جو مثال ڏيندي چيو تھ خاندان جا ڪي ماڻھو گڏ ٿين ٻھ ماڻھو رڪجي ڪري خاندان جا وڏا چون تھ اسان کي توھان سان ضروري ڳالھھ ڪرڻي آھي.بيٺي بيٺي ڳالهھ ٻڌي وڃي تھ ان کي ملاقات نٿو چئي سگھجي.
هن چيو ته جيڪڏهن بئريسٽر گوهر صاحب ائين سمجهي ٿو. عليمه خان به جي آجيان ڪري رھي آھي ۽ عمران خان به اطمينان جو اظهار ڪري رهيو آهي، ته پوءِ اهو ٺيڪ آهي. پوءِ انهن کي پنهنجي ڳالهين واري ٽيم کي ٻڌائڻ گهرجي ته جنهن دروازي جو اهي انتظار ڪري رهيا هئا اهو کلي ويو آهي. ڇاڪاڻ ته ھڪ ئي وقت حڪومت سان پٺئين دروازي سان ڳالهيون نھ ٿيون ٿي سگهن.
ھاڻي پي ٽي آءِ کي اھو واضح ڪرڻ گهرجي ته احتجاج ۽ ڪاوڙ جي سياست بدران، ٿورو صبر ڏيکارڻ گهرجي. مسئلن جو سنجيدگي سان جائزو وٺڻ گهرجي، قوم ۽ ملڪ جي مسئلن تي به غور ڪرڻ گهرجي. بھرحال ملڪ جي هڪ وڏي حصي جي اميد آهي. عوام جا ووٽ وٺندڙ جماعت تي ڪجهه ذميواريون بھ ٿين ٿيون.ھنن حالتن ۾ پي ٽي آءِ کي حڪومت کان وڌيڪ ذميواري ڏيکارڻ جي ضرورت آهي. صرف هڪ متوازن ۽ سنجيده سياسي طريقو ئي پي ٽي آءِ لاءِ اڳتي وڌڻ لاءِ رستو صاف ڪري سگهي ٿو.