آمريڪا ۾ ڊونالڊ ٽرمپ جي ٻيهر واپسي

تحرير: خليق ميمڻ

گذريل سال پنج نومبر تي آمريڪا ۾ چونڊون ٿيون، چونڊن ۾ ڊيموڪريٽڪ جي جوبائيڊن ۽ ريپبليڪن جي ڊونالڊ ٽرمپ وچ ۾ سخت مقابلي کانپوءِ ڊونالڊ ٽرمپ وڏي اڪثريت سان آمريڪا جو ٻيو ڀيرو صدر چونڊجي آيو، جنهن جي حلف برداري جي تقريب اڄ يعني ويهه جنوري 2025ع تي رٿيل آهي، جنهن کانپوءِ ڊونالڊ ٽرمپ آمريڪا جو 47 هون صدر ٿي ويندو.

آمريڪي چونڊون هونئن ته گهڻي ڀاڱي طئي ٿيل نتيجن تي ٻڌل هونديون آهن، تنهن هوندي به آمريڪا جي پنجاھ رياستن منجها رڳو ست اهڙيون رياستون آهن، جيڪي فيصلائتو ووٽ ڏينديون آهن. جنهن به صدارتي اميدوار کي انهن فيصلائتي رياستن منجهان ڪاميابي ٿي اهو ڄڻ ته آمريڪا جو صدر چونڊجي ويو. هن ڀيري ته صدر ٽرمپ نه رڳو انهن رياستن ۾ وڏي اڪثريت سان کٽي ڪمال ڪري ڏيکاريو پر ٽرمپ اقليتي ووٽ پڻ تمام گهڻي تعداد ۾ حاصل ڪيو، جيڪو هميشه ڊيموڪريٽڪ کي ملندو هو.

آمريڪا جو چونڊيل صدر ڊونالڊ ٽرمپ جو هي ٻيو دور آهي. ان کان اڳ هن 2016ع جي اليڪشن ۾ ڊيموڪريٽڪ جي هلري ڪلنٽن کي شڪست ڏني هئي، ايئن هن ٻئي ڀيرا ٻن عورت اميدوارن کي شڪست ڏئي صدارتي پَڳ پاتي آهي. جيتوڻيڪ 2016ع واري چونڊ ڊونالڊ ٽرمپ لاءِ تمام ڏکي هئي پر پاڻ کي آمريڪي عوام آڏو زبردست انداز ۾ نه رڳو  پيش ڪيو پر هن عوام آڏو پاڻ کي بهتر اميدوار طور رکيو ۽ پنهنجي مخالف اميدوار هلري ڪلنٽن جون جيڪي به برايون هيون سي سڀ عوام آڏو زبردست انداز سان ٻڌائي کين پاڻ ڏانهن متوجهه ڪيو.

ائين ڊونالڊ ٽرمپ پنهنجي منفرد انداز سان ماڻھن کي پنهنجو ڪرڻ لڳو. جڏهن سڄي دنيا اهو چئي رهي هئي ته هلري ڪلنٽن ئي آمريڪا جي صدر ٿي رهي آهي ۽ هُو تاريخ ۾ پھرين آمريڪي صدر جو اعزاز پنهنجي نالي ڪندي، ته اهڙن تجزين ۽ تبصرن کي غلط ثابت ڪندي ڊونالڊ ٽرمپ، هلري ڪلنٽن کان گهٽ ووٽ کڻندي به ڪاميابي ماڻي، ٽرمپ جي ان ڪاميابي دنيا کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو هو ته هاڻي هي اڌ چريو ٽرمپ دنيا جو الائي ڇا ڪندو. ٿيو به ائين ئي هن اچڻ ساڻ ستن مسلمان ملڪن مٿان آمريڪا ۾ اچڻ تي پابندي هڻي ڇڏي. ايران سان ڪيل نيوڪلير معاهدي کي ختم ڪري ڇڏيو. موسميات تبديلي واري مسئلي کي غير سنجيدگي سان ڏسڻ سميت کوڙ اهڙا فيصلا ڪيائين جنهن سان دنيا آڏو آمريڪا جو چهرو خراب نظر اچڻ لڳو. جنهن جي نتيجي ۾ هن 2020ع واري اليڪشن هارائي ۽ اهو به پھريون ڀيرو آمريڪا ۾ ٿيو هيو ته ڪو هارايل صدر اليڪشن جي نتيجن مڃڻ کان انڪار ڪري ۽ احتجاج جو رستو اختيار ڪري.

گذريل سال وارين چونڊن جا شروعاتي اميدوار ته جوبائيڊن ۽ ٽرمپ هئا پر جيئن جيئن اليڪشن ويجهي ايندي وئي تيئن مقابلو سخت ٿيڻ لڳو. آمريڪي چونڊن کان اڳ ٿيندڙ صدارتي بحث ٿيندا آهن. جڏهن پهريون صدارتي بحث ٿيو ته ان ۾ جوبائيڊن پنهنجي پوڙهائپ جي ڪري بحث ۾ ٽرمپ کان هارائي ويو نتيجي ۾ جوبائيڊن خلاف پنهنجي پارٽي توڙي پارٽي کان ٻاهر ويٺل بااثر ماڻهن جو زور وڌي ويو ته بائيدن چونڊ وڙهڻ تان هٿ کڻي ۽ ٻئي ڪنهن کي موقعو ڏئي. پهرين ته بائيدن هٿ کڻڻ کان انڪاري رهيو پر زور وڌي وڃڻ تي هٿ کنيائين پر ان وقت تائين ڏاڍي دير ٿي چڪي هئي.

ڊيموڪريٽڪ پارٽي صدارتي اميدوار لاءِ جوبائيڊن سان گڏ ڪم ڪندڙ سندس نائب صدر ڪملا هارس جي چونڊ ڪئي. ڪملا هارس جنهن جو اصل نسل آمريڪي – هندستاني هجڻ ڪري اها توقع ڪئي وئي ته هيءَ آمريڪا ۾ موجود اقليت ووٽ کي پاڻ ڏانهن مائل ڪندي. شروع ۾ ائين لڳو ته ڪملا هارس ٽرمپ آڏو ڪمزور اميدوار آهي پر هن پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور استعمال ڪيو آهي ۽ اهو تاثر ڏيڻ ۾ ڪامياب وئي ته ٽرمپ کي هارائڻ سولو آهي. ڪملا هارس جيتوڻيڪ تمام ڀلي چونڊ مهم هلائي پر هن جو ڪجهه ڳالهين تي چٽو نه هجڻ ووٽر لاءِ ڪشش پيدا نه ڪري سگهيو  ۽ ٽرمپ ان ڳالهه مان ڀرپور فائدو وٺندي وڏي اڪثريت کيس شڪست ڏئي، پاڻ. ٻيو ڀيرو ۽ آمريڪا جو 47 هون صدر چونڊجي ويو.

آمريڪا جي صدارتي تاريخ پڙهڻ کان پوءِ اها خبر پوي ٿي ته هر آمريڪي صدر جي پنهنجي پهرين دور ۾ اها ڪوشش رهي آهي ته هُو ڪئين به ڪري آمريڪا جو ٻيو ڀيرو به صدر ٿي وڃي، ڇو ته آمريڪا جي آئين ۾ ٻن کان وڌيڪ ڀيرا صدر ٿيڻ جي اجازت ڏنل نه آهي. تنهن ڪري  آمريڪي صدر چاهيندو آهي هُو ٻه ڀيرا صدر ٿئي. ٻئي ڀيري صدر ٿيڻ کان پوءِ ان جي اوليت هوندي آهي ته هُو هاڻي اهڙو ڪم ڪري وڃي جيڪو کيس تاريخ ۾  امر ڪري. تنهن ڪري اوهان کي آمريڪا جي تاريخ ۾ هر اڳوڻي صدر جي ڪا نه ڪا اهڙي ڳالهه نظر ايندي جيڪا کيس تاريخ ۾ امر ڪيو بيٺي هوندي.

ان ڳالهه مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن ڀيري صدر ٽرمپ جو سڄو زور پاڻ کي تاريخ ۾  امر ڪرڻ تي هوندو. تنهن ڪري ٿي سگهي ٿو ته ٽرمپ اسرائيل ۽ فلسطين مسئلي کي حل ڪرائڻ جي ڀرپور ڪوشش سان گڏ  يوڪرين ۽ روس جي جنگ ختم ڪرائڻ به ڪاميابي حاصل ڪري، جيڪڏھن ائين ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو ته نوبل انعام به ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿو. ۽ ائين ڊونالڊ ٽرمپ پاڻ تاريخ ۾ امر ڪري سگهي ٿو.

گذريل سال وارين چونڊن جا شروعاتي اميدوار ته جوبائيڊن ۽ ٽرمپ هئا پر جيئن جيئن اليڪشن ويجهي ايندي وئي تيئن مقابلو سخت ٿيڻ لڳو. آمريڪي چونڊن کان اڳ ٿيندڙ صدارتي بحث ٿيندا آهن. جڏهن پهريون صدارتي بحث ٿيو ته ان ۾ جوبائيڊن پنهنجي پوڙهائپ جي ڪري بحث ۾ ٽرمپ کان هارائي ويو نتيجي ۾ جوبائيڊن خلاف پنهنجي پارٽي توڙي پارٽي کان ٻاهر ويٺل بااثر ماڻهن جو زور وڌي ويو ته بائيدن چونڊ وڙهڻ تان هٿ کڻي ۽ ٻئي ڪنهن کي موقعو ڏئي. پهرين ته بائيدن هٿ کڻڻ کان انڪاري رهيو پر زور وڌي وڃڻ تي هٿ کنيائين پر ان وقت تائين ڏاڍي دير ٿي چڪي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.