سياري ۾ گيس جو شديد ٿيندڙ بحران ۽ ان جو حل

گرمي ۾ بجلي ۽ سياري ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ جو بحران هر سال وڌندو ئي نظر اچي رهيو آهي. بجلي جو گهوٽالو ته 30 سالن کان پهريون ننڍن شهرن ۽ پوءِ وڏن شهرن کي پنهنجي وڪڙ ۾ آندو جيڪو گهٽ ٿيڻ بدران شديد ئي ٿي رهيو آهي البت گيس جي کوٽ ۽ لوڊشيڊنگ جو بحران جنرل پرويز مشرف پنهنجي حڪومتي دور ۾ متعارف ڪرايو، سندس حڪومتي دور 1999کا 2007ع رهيو تنهن کانپوءِ بجلي جي کوٽ سان گڏ گيس جو بحران به وڌندو ئي رهيو آهي جيڪو پڻ شديد کان شديد ئي ٿيندو رهيو آهي.

بجلي ۽ گيس جا اهي بحران سڌو سنئون سماجي ۽ معاشي وهنوار کي متاثر ڪري رهيا آهن پر حيرت آهي ته حڪومت ان جو حل صرف ۽ صرف لوڊشيڊنگ کي ئي سمجهي رکيو آهي پر ان جي مستقل حل ڏانهن ڪا سنجيده اڳڀرائي ڪندي نظر نه ٿي اچي. جڏهن ته وقت ۽ حالتن جي تقاضا اها آهي ته  حڪومت سنڌو سنئون سماجي ۽ معاشي وهنوار کي متاثر ڪندڙ ان بحران کي جيڪر هنگامي بنياد تي حل ڪرڻ جو سوچي، لوچي ۽ ڪو رستو ڪڍي. ان مسئلي تي ڪا عالمي نوعيت جي ٿنڪ ٽينڪ ويهاري ان کان تجويزون وٺي، ڪا عالمي ڪانفرنس ڪرائي ۽ ڏور رس منصوبا بندي ڪري پر ان ڏس ۾ ڪا حڪومتي اوليت نظر نه ٿي اچي. اهو ئي بجلي ۽ گيس جي بحران جو بنيادي سبب آهي.

اصولي طور تي ڏسجي ته بجلي ۽ گيس جو بحران جيڏو وڏو نظر اچي رهيو آهي ته ان جو حل وري سولو آهي بس مسئلو اوليت جو آهي ۽ حڪومت انهن وڏن مسئلن کي اوليتي بنياد تي  حل ڪرڻ جو بظاهر ڪو ارادو نٿي رکي نه ته سوچڻ تي اچي ته ڪنهن به مسئلي جي حل جون ويهه سئو ويهه واٽون نڪري سگهن ٿيون. پر سوال اهو آهي ته سوچي ڪير؟ حڪمران جماعتن جو سڄو ڌيان سياسي رساڪشي ڏانهن، هڪٻئي کي زير ڪرڻ، انتقامي ڪاررواين ڏانهن ۽ پنهنجا پيٽ ڀرڻ  ڏانهن رهيا آهن. جيڪڏهن اوليتي بنيادن تي حڪمران سوچين ته کين هر سال وڌندڙ آبادي جي حساب سان عوام جي بنيادي ضرورتن کي ڏسندي وسيلن کي وڌائڻ جي پاليسي اختيار ڪندي انهن وسيلن کي وڌائڻ لاءِ وڌ کان وڌ ۽ گهڻي کان گهڻي بجيٽ رکي  پر اها انهن وسيلن جي بجيٽ وڌائڻ بدران غير ضروري طور تي حڪمران طبقي جي آسائشن ۽ مراعاتن تي اڻ اعلانيل بجيٽ رکندي آهي.

ٻيو ته ڪجهه پرڏيهي پاليسيون به ملڪي ترقي ۾ رنڊڪون وجهن ٿيون مثال طور پاڪستان روس کان سستو تيل به وٺي سگهي ٿو ۽ ايئن ايران کان ججهي گيس به حاصل ڪري سگهي ٿو. ايران ۽ پاڪستان، پ پ جي 2008ع واري حڪومت ۾ گيس پائيپ لائين جو معاهدو به ڪيو هو پر ايران سان آمريڪا جي خراب لاڳاپن ڪري اهو پاڪستان کي ايران سان گيس پائيپ لائين واري معاهدي تي عمل ڪرڻ نٿو ڏي. يعني هڪڙن سياسي، اقتداري، پارٽي ۽ سامراجي مفادن ڪري به عوامي ۽ ملڪي مفاد قربان ٿي وڃن ٿا. اها ملڪن جي ڀلا ڪهڙي دوستي چئجي جنهن ۾ ڪنهن ملڪ کي ترقي ڪرڻ نه ڏجي ۽ ان ملڪ جي عوام کي مسئلن جي ڌٻڻن ۾ ڦاسائجي به ۽ نڪرڻ به نه ڏجي.

ايئن پاڪستان جڏهن چين سان سي پيڪ معاهدو ڪيو ته ان تي به آمريڪا اعتراض واري رهيو آهي پر جيڪڏهن پاڪستان آمريڪا جي منشا جو خيال نٿو رکي ته ان لاءِ وري مالي مسئلا ۽ بحران پيدا ڪيا وڃن ٿا. جيڪڏهن آمريڪا پاڪستان کي مالي پئڪيج نه ڏئي ها ته اهو رياستي طور تي ڏيوالي جي ڪنڌي تي رسي چڪو هو، هاڻي به مڪمل طور تي پاڪستان مالي ڏيوالي مان نه نڪري سگهيو آهي پر پاڪستان کي آخرڪار پنهنجي پيرن تي ئي  بيهڻو پوندو، ائين سڀ ڪو سمجهي رهيو آهي، سوچي رهيو آهي ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ اهڙن خيالن جو اظهار به ڪيو  وڃي ٿو .

ان لاءِ پاڪستان کي جوش بدران انتهائي هوش مندي ۽ درست رخ ۾ اڳتي وڌڻ جي نئين پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي، آهستي آهستي ۽ غير محسوساتي طريقي سان ان کي ٿوري ٿوري مزاحمت ڪرڻي پوندي. ان لاءِ پهرين مرحلي ۾ پاڪستان جي حڪومت کي گيس ۽ تيل جي بحران تي عالمي طاقتن سان ڳالهائڻو پوندو ته جيئن پاڪستان ايران کان گيس پائيپ لائين واري معاهدي تي عمل ڪري سگهي جنهن لاءِ ايران ته پاڪستان کي  اهو به چتاءُ ڏنو هو ته جيڪڏهن  اهو گيس پائيپ لائين واري ڪيل معاهدي تي عمل نه ڪندو ته ان معاملي کي عدالت ۾ نيو ويندو پر پاڪستان اها مجبوري ظاهر ڪئي ته آمريڪا جي رضامندي بنا اسان گيس پائيپ لائين جي معاهدي تي عمل نٿا ڪري سگهون.

اسان جو ذاتي خيال آهي ته حڪومت جيڪڏهن عوام کي ڍال بڻائي ان معاملي ۾ اڳتي ڪري ۽ ان ملڪ گير احتجاج ڪرائي، هڙتال ڪرائي ته اسان کي گيس کپي ۽ ان لاءِ ايران سان فوري طور گيس پائيپ لائين واري معاهدي تي عمل ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته هي نج عوامي مسئلو آهي ۽ عوامي مسئلي کي بنياد بڻائي ۽ ان کي اڳتي ڪري اها عالمي سطح تي آمريڪا تي دٻاءُ وجهرائي سگهي ٿي، ائين ئي روس کان سستو تيل وٺي مجموعي طور تي ملڪ مان مهانگائي گهٽائي سگهي ٿي پر ان لاءِ ٿوري همٿ، ٿوري چالاڪي ۽ ٿورو عوامي ۽ جمهوري ٿيڻو پوندو اهڙا عوامي قدم حڪومت کڻندي ته يقيني طور تي عوام به حڪومت سان گڏ بيهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.