سنڌ ۽ بلوچستان جي ساڃاهه وند ڌرين جو گڏ ٿيڻ

تحرير: غلام حسين لغاري

سنڌ سڪائڻ ڌرتي ڦٻائڻ خلاف سنڌ ۽ بلوچستان جون ساڃاهه وند ڌريون هن وقت هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي چڪيون آهن ۽  قومي سطح تي ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ درياهه سنڌ تي پنجاب جي حدن اندر ڇهن ڪئنالن کوٽڻ خلاف تحريڪ اٿي پئي آهي جيڪا ڪالا باغ ڊيم جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ طاقتور ڏسڻ ۾ پئي اچي۔سنڌ سڪائڻ ۽ پاڻي ڦٻائڻ واري سازش خلاف هم آواز ٿيڻ لاءِ بلوچستان جو عوام به سنڌ سان گڏ بيٺل نظر پيو اچي۔ بلوچستان جو اڳوڻو وڏو وزير ۽ نيشنل پارٽي جو مرڪزي سربراهه جناب ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ به پنهنجي ساٿين سميت سنڌ پهچي نيشنل پارٽي سنڌ پاران ڪوٺايل ساڃاهه وندن جي ڪنوينشن ۾ نه صرف شرڪت ڪئي پر اعلان ڪيو ته بلوچستان جو عوام هن مسئلي تي سنڌ سان گڏ آهي ۽ واضح انداز ۾ چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ درياهه سنڌ مان ڇهن ڪئنالن جي کوٽائي ڪرڻ سان نه صرف سنڌ پر بلوچستان جو عوام به متاثر ٿيندو جنهن سان زراعت ته پنهنجي جاءِ تي پر بلوچ ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي به ملي نه سگهندو جيڪو اڳ ۾ ڦرجي چڪو آهي۔

سنڌ سڪائڻ ۽ پاڻي ڦٻائڻ واري مسئلي تي نيشنل پارٽي سنڌ وحدت جي ميزباني هيٺ ڪوٺايل قومي ڪانفرنس ۾ بلوچستان جي اڳواڻن کان علاوه سنڌ جي مختلف قومپرست پارٽين جي مرد توڙي خواتين اڳواڻن ساڃاهه وندن هاري مزدور ۽ انساني حقن جي تنظيمن جي سربراهن پڻ شرڪت ڪئي جن ۾ پاڻي ماهر حسين بخش ٿيٻو , نيشنل پارٽي جي مرڪزي نائب صدر شاهينه رمضان ,نيشنل پارٽي سنڌ جو صدرڌتاج مري,ايس يو پي جو  اصغر قريشي ,ڪامريڊ اقبال ڪميونسٽ پارٽي,ڪامريڊ ثمر جتوئي هاري پارٽي ,آپا طاهره خورشيد نيشنل پارٽي مرڪز , ضيا ڀٽي ,حاجي خان سمون عوامي تحريڪ,امداد چانڊيو هيومن رائٽس ڪميشن ,خادم حسين ٽالپر جمهوري عوامي پارٽي,امير علي جيئي سنڌ محاذ , مجيد ساجدي نيشنل پارٽي ,گلشير شر وطن پارٽي طالب جاکرو ,غلام حسين لغاري ٻيا شامل هئا جن خطاب ڪيو ۽ چيو ته هن ڪانفرنس جو مقصد اقتداري ايوانن تائين سنڌ ۽ بلوچستان جي پرامن ماڻهن جو پيغام پهچائڻو آهي ته سنڌ جو ماڻهو امن پسند ضرور آهي پر سنڌ جي جياپي لاءِ جدوجهد تان ڪڏهن به هٿ نه کڻندو نه وري ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي سان سنڌ سڪائڻ ۽ پاڻي ڦٻائڻ جي اجازت ڏيندو.

نيشنل پارٽي سنڌ پاران ڪوٺايل هن ڪنوينشن کي پارٽي جي مرڪزي صدر ۽ بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جو سماج يرغمال بڻيل آهي، وڏيون سياسي جماعتون، عدالتون ۽ ميڊيا اسٽيبلشمينٽ آڏو مجبور ۽ مصلحت جو شڪار آهن، ملڪ ۾ خوف پيدا ڪيو ويو آهي ۽ چند ماڻهن جي گروهه وارو مٿيون طبقو مزا ماڻي رهيو آهي. هن چيو ته نوان ڪئنال ڪڍي آباد زمينن کي غير آباد ڪرڻ ۽ ڪارپوريٽ سوسائٽيون ٺاهڻ جو سڄو بار سنڌ ۽ بلوچستان مٿان ڪرندو.

سينيئر قومپرست اڳواڻ حسين بخش ٿيٻو چيو ته ڪئنال ڪڍي سنڌ کي سڪائڻ واري منصوبي جي ڪري سنڌ اندر اهڙي تباهي ايندي، جنهن جا مثال دنيا ۾ ڏنا ويندا. هن چيو ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سنڌ جي تمر جا ٻيلا دنيا ۾ ٻئي نمبر تي هئا، پر سمنڊ هن وقت تائين 20 لک ايڪڙن کان وڌيڪ زمين ڳڙڪائي چڪو آهي. جيڪا زمين سمنڊ کائي رهيو آهي جيڪا وري واپس ناهي اچڻي. نيشنل پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ مجيد ساجدي چيو ته ڪڏهن ون يونٽ قائم ڪيو وڃي ٿو ته ڪڏهن ڪالاباغ ڊيم ۽ 6 ڪئنال ڪڍڻ جا اعلان ڪيا وڃن ٿا. غلام محمد بئراج جنرلن کي زمينون ڏيڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو نه ڪي سنڌ جي عوام لاءِ ٺهيو هو.نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر تاج مري چيو ته سنڌو درياهه مٿان رٿيل 6 ڪئنال ڪالاباغ ڊيم جي پاڻي کان پنج ڀيرا وڌيڪ پاڻي کڻندا. هو ابتدائي طور تي 80 لک ايڪڙن کان وڌيڪ پاڻي کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. گڊو ۽ سکر بئراج کان هيٺ پاڻي وڃي ئي نه سگهندو، 6 ڪئنال ٺهيا ته سنڌ ۾ زندگي ئي نه رهندي.  نيشنل پارٽي جي اڳواڻن شاهينه رمضان چيو ته سنڌو درياهه مان جيڪڏهن 6 ڪئنال ڪڍيا ويا ته اسان پاڻي جي هڪ هڪ ڦڙي جي لاءِ پاڻ ۾ ئي پيا وڙهنداسين. هن چيو ته ايس آءِ ايف سي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ زمينون پرڏيهين، خانگي ڪمپنين ۽ سگهارن ادارن جي حوالي ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. هن وقت عرب ملڪن کي دعوتون ڏنيون پيون وڃن ته اهي اچي انهن زمينن تي سيڙپڪاري ڪن، سنڌ هاري ڪميٽي جي صدر ثمر جتوئي چيو ته سنڌو درياهه سنڌ جي ماڻهن جو جياپو آهي، پنجاب سنڌو درياهه سڪائڻ وارو فيصلو واپس وٺي ٻي صورت ۾ حڪمرانن کي ڪالاباغ ڊيم کان وڌيڪ سگهاري مزاحمت کي منهن ڏيڻو پوندو. عوامي جمهوري پارٽي جي صدر خادم حسين ٽالپر چيو ته سنڌو درياهه بچايو ڪميٽي سنڌو درياهه مٿان ڪئنال ڪڍڻ خلاف جدوجهد ڪري رهي آهي. پاڻي نه هجڻ ڪري بدين ضلعي جون 12 يوسيون سڪي ويون آهن، زمين خراب ٿي وئي آهي ۽ سمنڊ زمينون ڳڙڪائي رهيو آهي.  سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻ اصغر قريشي چيو ته ايس آءِ ايف سي ۽ گرين پاڪستان انيشيٽو جي نالي پٺيان سنڌ جي تباهي جا منصوبا لڪل آهن، سنڌ جو پاڻي پاڪستان ٺهڻ کان وٺي چوري ڪيو پيو وڃي، هاڻ مڪمل پاڻي ڦرڻ جي ڪوشش ڪري سنڌو درياهه کي ختم ڪرڻ جي رٿا پڌري ٿي وئي آهي، درياهه کي مارڻ جي لاءِ بند ٻڌا پيا وڃن. ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي اڳواڻ اقبال خان چيو ته ملڪ کي بحرانن جي ور چاڙهڻ ۽ تباهيءَ جي ڪناري تي پهچائڻ ۾ اسٽيبلشمينٽ جو هٿ آهي. هن وقت به ڊالر ڪمائڻ جي لاءِ سنڌ سڪائڻ لاءِ 6 ڪئنال ڪڍيا پيا وڃن. عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ ضياءَ ڀٽي چيو ته  سنڌو درياهه سنڌ جو وجود آهي، درياهه تي ڪئنال قبول ناهن.  عوامي تحريڪ جي اڳواڻ حاجي خان سمون چيو ته ملڪ ٺاهڻ ۾ سنڌين ۽ بنگالين جو ڪردار هو، پر بنگالين کي پاڻ کان ڌار ڪيو ويو ۽ سنڌ سان ظلم ۽ ناانصافي جو سلسلو جاري آهي.  جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ امير علي چانڊيو چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ جهڙن منصوبن جي پٺيان عالمي سامراجي طاقتن جو هٿ آهي، هتان جا حڪمران ۽ سگهاريون ڌريون ته صرف سهولتڪار آهن. وطن دوست پارٽي جي اڳواڻ گلشير شر چيو ته  گرين پاڪستان انيشيٽو ۽ 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ وارو منصوبو ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ جو آهي، ڪئنالن خلاف ٿيندڙ جدوجهد جي لاءِ هارين ۽ مزدورن کي منظم ڪري گڏ کڻي هلڻو پوندو، ڀوتار ۽ وڏيرا ڪڏهن به سنڌ جي ماڻهن سان گڏ ناهن۔ انساني حقن جي اڳواڻ پروفيسر امداد چانڊيو چيو ته سنڌ جي حڪمران جماعت کي ڪئنال ڪڍڻ تي اعتراض آهي ته هو واضح ڪن ته انهن کي ڪئنالن پٺيان سازشي منصوبا قبول ناهن.

نيشنل پارٽي جي هن قومي ڪنوينشن جو وڏو قدم اهو  هو جو آخر ۾ گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سنڌو  تي ڊيم ٺاهڻ۽بيراج اڏڻ  سبب سنڌوء جو ڊيلٽا۽ ٺٽو ضلعو تباھ ٿي ويو آهي ۽سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي چڪو آهي هاڻوڪي حڪومت  گرين انيشيٽو جي نانءُ تي سڄي ملڪ جي 48 لک ايڪڙ زمين ڪاپوريٽ سيڪٽر حوالي ڪري  سنڌو درياھ تي وڌيڪ   6ڪينال ڪڍڻ سان ڪالاباغ ڊيم کان ته پنجوڻ جيترو پاڻي ڦٻائي سنڌ سڄي کي سوڪهڙي جي ور چاڙهڻ جي سازش سٽي آهي جنهن سان ڪراچي سميت سنڌجي شهرن کي پيئڻ لاءِ پاڻي ته نه ملندو مال متاھ پکي پکڻ موت جي ور چڙهي ويندا ماڻهو لڏ پلاڻ تي مجبورٿي ويندا ,ڌاڙا ڦرون ۽ دهشتگردي ۾ تمام گهڻو واڌارو ايندو ،جن ملڪن ۾ ڪارپوريٽ  سيڪٽر کي زمينون ڏنيون ويون  اهي زمينون 20 سالن ۾ پوکي لائق ئي نہ رهيون  ۽ اهڙي طرح هن ملڪ ۾ به ڪارپوريٽ فارمنگ  وايون زمينون تباھ ٿي وينديون جن علاقن ۾ ڪارپورييٽ فارمنگ ٿيندي انهن علائقن پاڪستان جو قانون ته لاڳو نہ ٿيندو انساني۽ بنيادي شهري حق پامال  ٿيندا۔ ڪانفرنس مطالبو ٿي ڪري ته سنڌو تي ڪينال اڏڻ۽ پرڏيهي ڪمپنين کي ڪارپوريٽ فارمنگ  لاءِ زمين  ڏيڻ واري رٿا  بنا ڪنهن دير جي رد ڪئي وڃي ،انعام ،نيلام ۽فوجي ڪامورن جون زمينون رد ڪري  هارين ۾ ورهايون وڃن ،وڏيرن ۽ ڪامورن پاران نڍن آباد گارن  جي زمينن تي قبضا ختم ڪرائي حقيقي مالڪن کي زمين جو قبضو ڏنو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.