نوابشاھ (رپورٽ: ايم بي چانڊيو) ايئر پورٽ ٿاڻي جي حد وي آئي پي روڊ ڀرسان سڳي ماءُ ڪومل شيخ پنھنجي ٻن ڄاڙن پٽن پنجن ورھين جي محمد رضا ۽ محمد حمزه ولد عاصم شيخ جا تيز ڇري سان ڳلا ڪپي ڇڏيا، ٻنھي معصوم ٻارڙن جا لاش نوابشاھ جي پي ايم سي اسپتال آندا ويا جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، ان موقعي تي مقتول ٻارڙن جي چاچي رضوان شيخ چيو ته ڀاڄائي کي ڪڏھن ڪڏھن مرگھي جا دورا پوندا ھئا جنھن جو علاج سکر ۽ ٻين شھرن مان ھلندڙ ھو، ٻي ڪا به اھڙي ڳالھه ڪانه ھئي، اسان کي خبر ناھي ته ڀاڄائي پنھنجي پٽن کي ڇو قتل ڪيو آھي، جڏھن ته پاڙي وارن جو چوڻ آھي ته گھر مان ڪڏھن به اسان اھڙو ڪو آواز نه ٻڌو، اڄ خبر پئي ته کيس مرگهي جا دورا پوندا ھئا، اي سيڪشن پوليس جوابدار ماءُ ڪومل شيخ کي گرفتار ڪري ورتو آھي، ڊي ايس پي سٽي غلام مرتضي ميراڻي جو چوڻ آهي ته ٻارن جو والد عاصم جاويد الائيڊ بئنڪ جو ملازم آھي. وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آھيون.