نجڪاري: ترقي يا تباهي!

تحرير: غلام حسين جوڻو

هن وقت، اسان جو ملڪ معاشي لحاظ کان ڪمزور آهي. ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويو آهي. معيشت بهتر نه هئڻ ڪري ملڪ جو ڪاروهنوار بيروني ملڪن جي قرضن تي هلي پيو. خاص ڪري آءِ ايم ايف وٽان ملندڙ قرض تي گذارو ڪيو پيو وڃي. جنهن جي ڳرن شرطن تي عمل ڪرڻ ڪري مهانگائي وڌي آهي ۽ غربت ۾ اضافو پڻ ٿيو آهي. حڪومت به مجبوري ۾ اهي شرط قبول ڪندي رهي ٿي. تڏهن وڃي ان کان قرض جي قسط ملي ٿي. اهو، ملندڙ قرض وري حڪمرانن جي عياشين ۽ آفيسرن جي ڪرپشن جي ور چڙهيو وڃي ٿو. ملڪ جا خزانا ساڳيا خالي رهن ٿا. جڏهن خزانا خالي رهجيو وڃن ته پوءِ ملڪ هلائڻ لاءِ گھر جا ٽپڙ به کپائڻا پئجيو وڃن ٿا يا ٺيڪي تي ڏيئي گذارو ڪرڻو پئجيو وڃي. حڪومت صرف ڪوڙا بيان جاري ڪري عوام کي گمراهه ڪري رهي آهي. عوام کي بيوقوف بنائي رهي آهي. عوام کان وري ٽئڪس وصول ڪيو وڃي ٿو. پر، خبر ناهي ته ٽئڪس جي رقم ڪٿي استعمال ٿي رهي آهي. ڪيئن خرچ ڪئي وڃي ٿي. ان متعلق حڪمران ئي ٻڌائي سگھن ٿا. جن جا شاهي خرچ به تمام وڏا آهن. خرچن جو ڪاٿو ئي ڪونه آهي. بس، جيڪا رقم ملي سا هڙپ ٿيو وڃي. ڪجهه رقم وري اسان جا غريب، شريف ۽ ايماندار آفيسر کايو وڃن. جيڪي ادارن تي خرچ ڪونه ٿا ڪن. انهن پئسن جو جائز طريقي سان استعمال ڪونه ڪيو پيو وڃي.

اهڙي صورتحال ۾ حڪومت ادارن جي هلائڻ جي قابل ئي ڪونه ٿي رهي. نا اهل حڪمران ادارن کي کپائڻ، ٺيڪي تي ڏيڻ يا نجڪاري ڪرڻ لاءِ سوچيندا آهن. پاڪستان ۾ ريلوي نظام ڏاڍو ڪاميابي سان هلي رهيو هو. اهو، نفعي بخش ادارو آهي. جنهن جي ذريعي حڪومت کي ڪافي ناڻو ملندو رهيو آهي. پر، هن وقت اهو به خساري ۾ پيو وڃي. حڪمرانن ۽ انتظاميه ۾ شايد اها صلاحيت ڪونه رهي آهي جو، ان اداري کي خساري مان ڪڍن. پر، کاتي ۾ ڪارين رڍن جو تعداد وڌندو پيو وڃي. جنهن هڻي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آهي. کاتي جا گوڏا کپي ويا آهن. مالي خسارو وڌي ويو آهي. جنهن ڪري ريلوي کاتي جي نجڪاري لاءِ به حڪومت ڪيترائي دفعا گڏجاڻيون ڪيون آهن. ڪيتريون ئي گاڏيون بند ڪيون ويون آهن ۽ ڪجهه گاڏيون پرائيويٽ ڪمپني کي ٺيڪي ۾ ڏنيون ويون آهن. ٺيڪي مان ملندڙ پئسا حڪمرانن جي ڪاروهنوار ۾ استعمال ٿين پيا يا ڪنهن ٻئي هنڌ ڪرپشن جي ور چڙهيو وڃن. تن جي باري ۾ ڪابه خبر ڪونه ٿي پوي. ڪجهه گاڏيون اڃا به حڪومت سنڀالي رهي آهي ۽ اهي حڪومت جي نگراني هيٺ هلي رهيون آهن پر، ٻڌو اٿئون ته اهي به جلد ئي نجڪاري ۾ وڃڻ واريون آهن. انهن مان حڪومت کي مقرر ڪيل هدف جيترو پئسو ڪونه ٿو ملي. سڀ گاڏيون پرائيويٽ ڪمپنين جي حوالي ٿيڻ واريون آهن. اهڙي طرح ريلوي کاتو ترقي جي بدران تباهي جي طرف وڃي رهيو آهي. جنهن کي ڪامورن، ريلوي جي عملي ۽ حڪمرانن هٿ وٺي تباهه ڪيو آهي. قومي نقصان ڪيو اٿن. جنهن جو ازالو ڪرڻ به ڏاڍو ڏکيو آهي. اهو ادارو جڏهن مڪمل طرح پرائيويٽ ٿي ويندو ته پوءِ ڀاڙا به وڌي ويندا جيڪي مسافرن لاءِ پريشاني جو باعث بنجندا ۽ سفري سهولتون به اڻپوريون ٿي وينديون.

اهو حال نه رڳو ريلوي کاتي سان آهي. پر، اسٽيل ملز ڏانهن نظر ڦيرائجي ٿي ته اتي به ادارو پوئتي وڃي رهيو آهي. هڪ نفعي بخش اداري جي ٻيڙي ٻوڙي ويئي آهي. ان کي نجڪاري ڪرڻ لاءِ ڪيترائي دفعا سوچيو ويو آهي. پر، اڃا اها خانگي ڪمپني جي حوالي ڪونه ڪئي اٿن. حالتون ٻڌائين ٿيون ته، اسٽيل مل به حڪومت هلائي نه ٿي سگھي. جنهن ڪري پرائيويٽ ڪمپني جي حوالي ڪئي ويندي. ان اداري کي هلائڻ جي معاملي ۾ حڪومت مڪمل طرح ناڪامياب ٿي ويئي آهي. هن اداري جا کوڙ ملازم رٽائيرمينٽ وٺي چڪا آهن. ڪن کي زبردستي نيڪالي ڏني پئي وڃي باقي جيڪي نوڪريون ڪري رهيا آهن تن کي به صحيح طريقي سان پگھارون ڪونه ٿيون ملن. جنهن ڪري اهي پريشان حال نظر اچن ٿا. اسٽيل ملز جا ملازم به رت پيا روئن. پر، هو مجبور آهن ڪيڏانهن وڃن. جيڪڏهن سرڪاري اسپتالن ڏانهن نظر ٿي ڪجي ته، اسپتالن جا حال به هيڻا لڳا پيا آهن. ڪيتريون ئي اسپتالون اين جي اوز جي حوالي ڪيون ويون آهن. اهي هاڻ اين جي اوز جي ماتحت ڪم ڪن پيون. اهڙي طرح پوسٽ کاتي جا به ترا، ئي نڪري ويا آهن. اهو سڀ ڪجهه اقتدار ڏڻين جي غيرسنجيدگي جو نتيجو آهي. جنهن ڪري ادارا تباهي جي ڪنڌي تي وڃي پهتا آهن جيڪڏهن آهستي، آهستي اهي قومي ادارا پرائيوٽ ڪمپنين کي ٺيڪي ۾ ڏنا ويا ته پوءِ سڄو ملڪ گروي ٿي ويندو. حڪمران صرف نالي جا، ئي حڪمران رهجي ويندا. سندن هٿن ۾ ڪجهه به ڪونه بچندو. حڪمران جيڪو هٿ رکيو آهي آئون سمجهان ٿو ته ڪوبه کاتو ڪونه بچندو جيڪو حڪومت وٽ هجي ۽ ان جو انتظام حڪومت ئي سنڀالي سڀئي کاتا پرائيوٽ ئي ويندا. مطلب ته سڀني کاتن جي ڀينگ ڪئي پئي وڃي. ڪهڙن ادارن جا نالا لکجن ! ملڪ جي قومي ادارن کي نيلام ڪندڙ ذميوار حڪمران ۽ عملدار يعني آفيسر ئي آهن. اهو به هو وڏو قومي نقصان ڪري رهيا آهن. وڏو ڏوهه ڪري رهيا آهن. حالانڪه سندن ذميواري آهي ته هو ملڪ جي ادارن کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪن. جيئن انهن وٽان ناڻو ڪمائي ملڪ جي معيشت کي سگھارو ڪري سگھجي. ملڪ جي صنعت ۽ واپار کي اڳڀرو ڪري سگھجي عوام جا مسئلا حل ڪري کين بدحالي مان ڪڍي خوشحالي جي طرف وٺي وڃڻ ۾ آساني ٿي سگھي. پر، حڪمرانن جي اهڙي نيت ئي ڪونه آهي. ڪنهن کي ميار ڏجي. هتي قصو ئي ابتو لڳو پيو آهي.

هاڻ، وري پي آءِ جهڙي قومي اداري کي نيلام ڪرڻ لاءِ حڪومت تيار ٿي ويئي آهي. ان سلسلي ۾ حڪومت طرفان واڪ به ڏنا ويا آهن جيڪي خانگي ڪمپنيون انهن واڪن ۾ شريڪ ٿيون سي، تقريبن پوئتي هٽي ويون. صرف هڪ ڪمپني ڏهه ارب روپين جي ٻولي ڏني آهي. جڏهن ته حڪومت جو اهو خيال آهي ته، پاڪستان انٽر نيشنل ايئر لائين (PIA) کي خساري کان بچائڻ لاءِ سٺ سيڪڙو شيئرز وڪرو ڪرڻ لاءِ پنج ڪمپنين هر هڪ عارف حبيب ڪارپوريشن، ايئر عربيه ڪمپني، وائي بي هولڊنگ پرائيوٽ، پاڪ ايٿنول پرائيوٽ ۽ بليو ورلڊ ڪنسورشيم کي ٻولي لڳائڻ لاءِ چونڊيو ۽ کين مدعو ڪيو ويو ته، هو پنهنجا واڪ ڏين. حڪومت کي اندازو هو ته پي آءِ اي جا سٺ سيڪڙو شيئرز گھٽ ۾ گھٽ پنجاسي ارب روپين تائين ويندا. پر، اهو واڪ ٻڌي چئن ڪمپنين ڪابه دلچسپي ڪونه ڏيکاري. باقي هڪ ڪمپني بليو ورلڊ ڪنسور شيم ٻولي ۾ حصو ورتو ۽ ڏهه ارب روپين جي ٻولي لڳائي. ياد رهي ته هي ادارو ڪافي سالن کان خساري ۾ وڃي رهيو آهي. حڪومت هر سال اربين روپين جو خسارو ڀري ٿي ۽ اها رقم ڏيئي ٿي. جنهن ڪري حڪومت پي آءِ اي کي نجڪاري ۾ ڏيڻ لاءِ راضي ٿي آهي ته جيئن حڪومت تان مالي بار جهڪو ٿي سگھي. جيڪي سال ۾ اربين روپيا ڏيڻا ٿا پون سي ڏيڻ کان بچي پوندا. ڪن معاشي ماهرن جي چوڻ موجب هن اداري جي نجڪاري آءِ ايم ايف جي شرطن تحت ڪئي پئي وڃي. آءِ ايم ايف اهو شرط رکيو آهي ته، جيڪو ادارو منافع بخش نه هجي، ان کي خانگي ڪمپنين جي حوالي ڪرڻ گھرجي. بهرحال مذڪوره واڪ حڪومت جي اميدن کان تمام گھڻو گھٽ آهي. جنهن ڪري حڪومت پريشان ٿي ويئي آهي ۽ هاڻ اهو فيصلو ڪابينا ڏانهن موڪليو ويندو ۽ اتان کان اها منظوري ورتي ويندي. تنهن کان پوءِ ان کي نجڪاري ۾ ڏيئي سگھجي ٿو. ڪي ڄاڻو ماڻهو ته ائين چئي رهيا آهن ته، ڪمپني واڪ جي رقم تمام ٿوري ٻڌائي آهي. جنهن جي ڪابينا منظوري مشڪل ڏيئي. حڪومت پنجاب کي نواز شريف به هدايتون ڏنيون آهن ته، ڄاڻايل ادارو ٺيڪي، نيلامي يا نجڪاري جي ذريعي حاصل ڪيو وڃي. هاڻ ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي. پي آءِ اي جي قسمت جو فيصلو  ڪهڙو ٿو ڪيو وڃي ڪهڙي ڪمپني انهيءَ کي هلائڻ لاءِ مڪمل طرح تيار ۽ آماده آهي. ان سڄي صورتحال جي خبر ايندڙ چند ڏينهن ۾ پئجي ويندي. ان جي باري ۾ هن وقت ڪجهه به چئي نه ٿو سگھجي ۽ نه وري ڪا حتمي راءِ ڏيئي سگھجي ٿي.

هاڻ، سوال ٿو پيدا ٿئي ته، ادارا ڇو تباهه ٿي رهيا آهن يا تباهي جي طرف وڃي رهيا آهن انهن جا ڪهڙا ڪارڻ ۽ سبب ٿي سگھن ٿا. سڀ کان پهريائين اهم سبب اهو آهي ته، حڪمرانن جي بي ڌياني، ناقص نظام ۽ منصوبا بندي، ڪرپشن ۽ نااهلي جي ڪري ادارا پوئتي وڃي رهيا آهن. اهي وڃي تباهي جي ڪناري پهتا آهن. مطلب ته سرڪار سڳوري جي غير سنجيدگي ۽ بي ڌياني ادارن جي تباهي جو خاص سبب آهي. ان کان علاوه ادارن جو عملو، ڪرپشن ۾ ملوث رهي ٿو. ان ڪرپشن ۾ وڏا آفيسر توڙي هيٺيون عملو به ملوث آهي. جيڪو ادارن کي ٻنهي هٿن سان ڦري لٽي رهيو آهي ۽ تباهه ڪري رهيو آهي. هر اداري ۾ ڪارين رڍن جو تعداد وڌندو پيو وڃي. انهن ڪارين رڍن کان ڪابه پڇا ڳاڇا ڪانه ٿي ڪئي وڃي. جنهن ڪري سندن من وڌندو پيو وڃي ۽ هو خوب ڪرپشن ڪري رهيا آهن. جڏهن ته ايماندار ملازم خاموش ٿي ويا آهن. انهن جي ڪانه ٿي هلي ۽ نه ڪي وري ٻڌي وڃي ٿي. ۽ انهن جو تعداد به ڪارين رڍن کان ڪافي گھٽ آهي يعني اٽي جي لوڻ برابر آهي. سياسي عمل دخل به ادارن ۾ وڌندو پيو وڃي. بااثر سياسي ماڻهو ادارن کي اشارن سان هلائي رهيا آهن. جنهن ڪري ادارا مفلوج ٿيندا پيا وڃن ۽ ادارا صحيح طريقي، قانون ۽ قاعدي موجب ڪونه ٿا هلن. قاعدن، قانونن ۽ ميرٽ جي کلم کلا لتاڙ ٿي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.