ڪارونجهر سنڌ جو ورثو آھي.پر ڇا کيرٿر جبل سنڌ جو ورثو ناھي ؟

تحرير: فاروق سرگاڻي

سنڌ ۾ ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي جي خلاف سمورا قوم پرست، ترقي پسند، سول سوسائٽي جا ماڻهو سرگرم ٿي روڊن تي احتجاج ،ڌرڻا ھڻڻ سميت  سوشل ميڊيا تي ڪارونجھر جي ڪٽائي خلاف احتجاج ڪن پيا. جيڪو سٺو سنوڻ آھي. ٿيڻ به ائين ئي کپي.بلڪل ائين ئي اسان ماڻھن کي ھرمحاذ تي سرگم ٿي پوري ايڪي ۽ ٻڌي سان پنھنجو پورو پورو ردعمل ڏيکارڻ کپي.جنھن جو نتيجو به اسان جي سامھون ئي آھي ته حڪومتي ڌريون ڪارونجھر جبل جي غيرقانوني ڪٽائي بند ڪرڻ تي مجبور ٿيون ۽ ڪارونجھر جي پوري حصي کي ورلڊ ھيريٽيج ۾ شامل ڪري ھميشه لاءِ محفوظ ڪيو ويو.

جھڙي ريت ڪارونجهر سنڌ جي سونهن آھي. جنهن ۾ چراگاھ آھن، جتي ماڻهن جي چوپائي مال سميت ھزارن ماڻھن جي جياپي جو ذريعو آھي، جنھن سان هزارين زندگيون واسطو رکن ٿيون.اھڙي ريت اسان کي اھو پڻ سمجهڻ کپي ته کيرٿر جي جابلو پٽي به اسان جو قيمتي ۽ تاريخي ورثو آھي، کيرٿر نيشنل پارڪ ھن ملڪ جي ٽئين نمبر تي وڏي پارڪ آھي، جيڪا 300 ھزار ڪلوميٽرن تي ڦهليل آھي، ھن پارڪ کي نيشنل پارڪ جي درجو 1974ع ۾ مليو.

کيرٿر نيشنل پارڪ ملير ضلعي کان شروع ٿي،  جنهن ۾ خوبصورت جبل، تاريخي قبرون ، قديم آثار، گوتم ٻڌ جي دور جا اھڃاڻ پڻ  ملن ٿا.

کيرٿر نيشنل پارڪ ۾ طرحين طرحين جا ناياب پکي،جيت،جيوڙا،گاھ،ٻوٽا ۽ جانور ساھ کڻن ٿا.جنهن کي ھڪ منظم سازش طور ميگا پروجيڪٽ تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آھي ۽ ڪري رھيو آھي .

پر مجال آھي جو ڪو مقامي ماڻھو ،سياسي،سماجي اڳواڻ،سول سوسائٽي سميت اختياريون ڪو نوٽيس وٺن يا ڪا ڪارروائي ڪن. اسان جو ماڻھو الائي جي ڇو ان حساس معاملي تي خاموش تماشائي نظر اچي رھيو آھي.ايتري قدر جو ھن کيرٿر نيشنل پارڪ ۾ ھر  قسم جي سرگرمي تي بندش لڳل آھي.سرداري ۽ وڏيرڪي اثررسوخ ھجڻ ڪري وڏي پئماني تي ھتي شڪار ٿي رھيو آھي.ھتي چراھگاھ ختم ڪري اڏاوتون ٿي رھيون آھن.قيمتي وڻن جي واڍي سرعام ھلي رھي آھي.پر ڪڇي ڪير؟

ھتي خطي کي متاثر ڪرڻ ۾ وڏو  بحريا ٽائون جو به وڏو ڪردار رھيو آھي .جنهن سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت کي ختم ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آھي ۽ اڃان به ان جو قبضو وڌندو وڃي ٿو، جيڪو ھاڻي کيرٿر نيشنل پارڪ جي حدن ۾ داخل ٿي چڪو آھي، اتي تمام خوبصورت جبلن ۽ ناياب قسم جي وڻن کي ڪٽيو وڃي ٿو، ندين جا پيٽ خالي ڪيا پيا وڃن.

ھن سال جيڪا ڪراچي ۾ گرمي جي شدت وڌي آھي ان جا سبب به  ملير جي سموري زراعت کي ختم ڪري اتي ميگا پروجيڪٽ تعمير ڪرڻ آھي. اھي پروجيڪٽ سنڌ جي غريب مسڪين ماڻهن جي زمينن تي ناجائز قبضا ڪري تعمير ڪيا وڃن ٿا. ان لينڊ مافيا کي مقامي بروڪرن جي حمايت حاصل آھي، جيڪي حقيقت ۾ وڏيرن جا پاليل آھن مطلب ته اڻ سڌي طرح سنڌ جو وڏيرو سنڌ جي زمينن کي نيلام ڪري پيو.  ڪجهه  ڏينهن پهرين حفيظ بلوچ ۽ رخمان گل پالاري وڃي ڪورٽ ۾ ڪيس به  داخل ڪيو ھو. جنهن جي رد عمل ۾ ڪورٽ جي طرفان ھڪڙو عملو ٿڌو ندي ۽ ان جي ڀرپاسي واري علائقي سميت مور مرادي قبرستان تائين سروي ڪري آيا. ان وقت بحريا ٽائون جي عملي پنهنجو ڪم بند ڪري ڇڏيو، جيڪي ندين جو پيٽ خالي ڪندڙ ۽ قيمتي وڻن وڍائي ڪندڙ ماڻهو ھئا .

پر ھاڻي انهن فطرت  دشمنن سنڌ جي فطري سونهن کي ختم ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو آھي.  بحريا ٽائون ۽ ٻين ميگا پروجيڪٽن اسان جو ڪلچر، ٻولي، ثقافت کي تمام وڏو نقصان رسايو آھي. ھتي سنڌ جي فطرتي سونهن ۽ خوبصورت جبلن کي ڪٽيو وڃي ٿو پر ڪنهن ۾ مجال ڪونهي جو اھو مزاحمت ڪري، اھڙي فطرت دشمن منصوبي جي روڪڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آھي.  اسين فطرت سان پيار ڪندڙ ، ترقي پسند ۽ وطن دوستن ساٿين کي گذارش ڪنداسين ته اچو اسان جو ساٿ ڏيو.ته پاڻ سڀ گڏجي سنڌ جي ٻين سڀني وسيلن سميت  ا کيرٿر نيشنل پارڪ کي به بچائڻ جا جتن ڪيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.