اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ سگريٽن جي غير قانوني وڪري جو انڪشاف ٿيو آهي، قانوني سگريٽن جي وڪري ۾ گهٽتائي سان ٽيڪس روينيو ۾ ساليانو 300 اربن جو نقصان ٿي رهيو آهي.
رڳو پهرين ٽن مهينن ۾ قانوني سگريٽن جي وڪري ۾ 80 ڪروڙ اسٽڪ جي گهٽتائي ٿي آهي، جنهن سبب سگريٽ سيڪٽر مان فيڊرل بورڊ آف روينيو کي حاصل ٿيندڙ روينيو ۾ به نقصان ٿيو آهي.
مارڪيٽ ذريعن موجب جولاءِ کان سيپٽمبر تائين واليم 7.1 ارب مان گهٽجي 6.3 ارب اسٽڪس تي اچي ويو، هلندڙ سال قانوني سگريٽن جي مارڪيٽ سيل ۾ 4 ارب رپين جي گهٽتائي جو خدشو آهي، رڳو هڪ ٽيئر ون برينڊ جو ساليانو وڪرو 66 ڪروڙن مان گهٽجي 30 ڪروڙن تي اچي ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته صوبن کي سمگل ٿيل سگريٽن خلاف ڪارروائي جو اختيار ڏيڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.
You might also like