سماج ۾ قبيلو، ذات برادري سڃاڻپ لاءِ جڙيل آهن، ان حوالي سان قرآن پاڪ ۾ به انسانن کي مخاطب ٿي چيو ويو آهي ته اوهان کي قبيلن ۾ ورهايو ويو آهي، ته جيئن اوهان جي سڃاڻپ ٿي سگهي، شروعاتي طور خاندان جو تصور ئي قبيلي جو بڻ بڻياد بڻيو جنهن ۾ رت جي رشتن توڙي خانداني مفادن جي بنياد تي جڙندڙ رشتن کي قبيلو سمجهيو ويندو هو، اڳتي هلي جيئن خاندان وڌيو ته اهو قبيلو پڻ وسيع ٿيندو ويو ۽ پنهنجيون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڌرتي تي موجود وسيلن جي حاصلات سندن مقصد بڻجي ويو. ان ئي مقصد جي حاصلات لاءِ قبائلي ڪاهون ٿيون، جنهن ۾ هڪ قبيلي ٻئي قبيلي جي قبضي هيٺ آيل علائقن تي قبضا ڪري پنهنجي سلطنت قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
رياست يا سلطنت جي جوڙجڪ ۾ اختياراتي ورڇ ۽ وسيلن جي اڻبرابر حاصلات وري قبيلن جي اندر ننڍ وڏائي ۽ اميري غريبي جي فرق کي جنميو، جنهن کي اڳتي ھلي طبقاتي تضاد جو نالو ڏنو ويو. اهڙي ريت قبائلي ڪاھن دوران ھٿ توڙي مختلف طريقن سان گڏ ڪيل وسيلن جي حاصلات کان پوءِ قبيلن اندر معاشي طور طبقاتي تضاد جا بنياد پيا. ساڳئي رت سان تعلق رکندڙ ماڻهو امير ۽ غريب ٿي ورھائجي ويا، نتيجي ۾ اختيارن جي ورڇ ۾ به طاقت معاشي طور سگهاري طبقي وٽ هلي وئي. ايئن اڄ به جيڪڏهن اسان پنهنجي آس پاس جائزو وٺنداسين ته سماجي طور ڪنهن به قبيلي جا ٻين قبيلن سان قبيلائي مفاداتي تضاد موجود آهن ۽ ساڳي وقت ساڳي قبيلي اندر طبقاتي تضاد پڻ موجود آهن. ڪنهن به قبيلي ذات برادري جي سردار، پٽيل، وڏي ماڻهو ۽ ساڳئي برادري جي عام ماڻهو کي ساڳيو درجو حاصل ناھي هوندو ۽ هي جيڪي ذات برادري جا اتحاد جوڙيا وڃن ٿا اڄڪلهه انهن ۾ به طبقاتي فرق نمايان نظر ايندو آهي، برادري جو وڏيرو ذات برادري جي غريب ماڻهو کي اهميت نـ ڏيندو آهي.
اھڙي صورتحال ۾ انسان دوستي ۽ روشن خيالي جو سوال ضرور ا ٿندو ته ذاتين جي بنياد تي اهڙا بي ڪارج اتحاد ٺاهڻ نه گهرجن، هي قبيلن يا ذاتين جا اتحاد صرف وڏيرڪي ھڪ هٽي کي قائم رکڻ ۽ مظبوط ڪرڻ لاءِ ڪتب ايندي ڏٺا ويا آهن، سردارن ۽ وڏيرن جي اڪثريت سنڌ لاءِ ڪنهن ناسور کان گهٽ نه آهي.ھجڻ تـ ايئن گھرجي ھا تـ برادري اتحاد ۾ برابري جي بنياد تي ھر ڪنهن جي حيثيت کي مڃتا ملڻ لازم هجي ۽ طبقاتي فرق نه هجڻ گهرجي پر ڏٺو وڃي ته فرق واضح نظر اچي ٿو. برادري جو غريب وڏيري وٽ ڪم سانگي ويندو آهي ته هن کي ماڻهو ڪري نه ليکيو ويندو آهي، جيستائين برادري جي ڪنهن چڱي چوکي، مالي طور سکئي ستابي يا برادري ۾ نمايان حيثيت واري جي پرچي کڻي نه وڃي، ان موقعي تي سندس هڪ ئي ذات جي ڪري کيس ڪا اهميت نه ملندي آهي. ٿيڻ ايئن گهرجي ته برادري يا قبيلي جي سردار يا وڏيري کي پنهنجي برادري جي وڏي هجڻ ڪري ابي جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، بغير ڪنهن طبقاتي فرق جي، پر ٿيندو ان جي برعڪس آهي. هو غريب برادري جي فردن کي پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪري پاڻ کي مظبوط ڪندو آهي، کڻي ايئن چئجي ته غريب برادري هن وٽ محڪوم هوندي آهي سندس ورتاءُ حاڪم وارو هوندو آهي جيڪو ذات جي غريبن جي زندگي جا اهم فيصلا ڪرڻ جو اختيار پاڻ وٽ رکندو آهي، هن وقت جڏهن سنڌ انيڪ مسئلن جو شڪار آهي، اتي ذاتين برادرين جا بي مقصد اتحاد بجاءِ اسان کي طاقتور ڪرڻ جي ڪمزو ڪري رهيا آهن، سنڌين جي ڪثير تعداد غريب آبادي آهي جن وٽ نه روزگار آهي نه ئي روزگار جا ڪي وسيلا آهن، تعليم، صحت جهڙيون اهم سهولتون به نه آهن، مهانگائي چوٽ تي چڙهيل آهي جنهن جي ڪري غريب ماڻهو ذهني انتشار مان گذرن پيا، ان ۾ وڏيرڪي بالادستي وارو نظام ڪنهن موذي مرض کان گهٽ نه آهي. سان جي نوجوان نسلن کي گهرجي ته هاڻي هو اهڙن سردارن ۽ ڀوتارن جي اوطاقن تي، انهن جي جاهلاڻن فيصلن تي ڪنڌ هيٺ ڪري ها ۾ ها ملائڻ بجاءِ، پنهنجا فيصلا پاڻ ڪن، پنهنجي خاندان جي تعليم ۽ تربيت کي لازمي بڻائڻ لاءِ ڪوششون وٺن، ننڍڙا ننڍڙا ڪاروبار ڪري پنهنجي معاشي حالتن کي بهتر ڪرڻ جا جتن ڪن. آخر ڪيستائين پاڻ مٿان مسلط ٿيل وڏيرن جي صورت ۾ حاڪمن جي پويان پنهنجو مستقبل تباھ ڪندا رهندا. هنن وڏيرن ۽ سردارن جي ڌوڪي جي ديوار کي سھارو ڏيندڙ غريب طبقو آهي، اگر غريب طبقو پنهنجي پيرن تي بيهي ويو ۽ پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ جي شروعات ڪندو ته سماج ضرور حرڪت ۾ ايندو. هي ڪرهت جهڙا مدي خارج طبقاتي فرق جنهن ۾ هڪ ماڻهو ڪرسي تي براجمان ٿي ڏھ ماڻهو پٽ تي ويهاري اونڌا ابتا فيصلا ڪندا وتن جن جي نتيجي ۾ سماج گھڻ پاسائون ڀوڳي ٿو.
ٻئي پاسي اھو پڻ مشاھدي ۾ اچي ٿو تـ جاگيردار، سردار ۽ وڏيرو اجتماعي طور عورت دشمن ذهنيت رکندو آهي، هنن جي فيصلن ۽ جرڳن ۾ عام طور قاتل ڌر جي ڏھ سالن جي نياڻي يا عورت کي سڱ چٽي ۾ مقتول ڌر جي پوڙهي بيمار اسي سالن جي مرد سان پرڻائڻ جهڙا ڪيترائي غليظ فيصلا ٿيندا آهن، اهڙي نظام کي ٽوڙڻ وقت جي آهم ضرورت آهي، بجاءِ انهن برائين مان پاند آجا ڪرڻ جي اسان اڄ به ويٺا ذات برادرين جا اتحاد جوڙيون.