سمارٽ فونز جي دنيا ۾ ايپل جو هر نئون قدم ٻين سمارٽ ٺاهيندڙن لاءِ هڪ مثال بڻجي ٿو.
هن هفتي ايپل طرفان بنا سم ڪارڊ آءِ فون ” آءِ فون ايئر“ جي مهورت کان پوءِ اهو بحث شروع ٿي ويو آهي ته ڇا مستقبل ۾ موبائل فونز مان سم ڪارڊ مڪمل طور ختم ٿي ويندا؟
نئين آءِ فون ايئر رڳو ”اي سم“ يعني ڊجيٽل سم تي هلي ٿو، جنهن ۾ پلاسٽڪ سم جي ضرورت نه هوندي، واهپيدار سولائيءَ سان مختلف نيٽ ورڪ تي منتقل ٿي سگهن ٿا.
ماهرن جو خيال آهي ته ايپل جو اِو قدم فزيڪل سم ڪارڊ جي دور جي پڄاڻي جي شروعات آهي.
آمريڪا ۾ اي سم 2022 کان موجود آهي، پر آءِ فون ايئر دنيا جو پهريون فون آهي جنهن ۾ روايتي سم استعمال نٿي ڪري سگهجي.
ايپل جو چوڻ آهي ته آءِ فون 17، 17 پرو ۽ 17 پرو ميڪس ۾ سم ٽري موجود هوندي، جڏهن ته ٻين ڪمپنين جهڙوڪ سامسنگ ۽ گوگل به اي سم ڏانهن وکون وڌائي رهيون آهن، پر سندن مختلف فونز ۾ روايتي سم سان گڏ اي سم جو آپشن به موجود آهي.
سي ايس ايس ان سائٽ جي رپورٽ موجب، 2024 جي آخر تائين دنيا ۾ هڪ ارب 30 ڪروڙ سم ۽ اي سم استعمال ڪندڙ هئا، ۽ 2030 تائين اها انگ اکر ٽن اربن کان به وڌڻ جي اميد آهي.
اي سم جا ڪيئي فائدا آهن، مثال طور فون ۾ وڌيڪ گنجائش، وڏي بيٽري لڳائڻ، ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ آسانيءَ سان سروسز بدلائڻ. ماحولياتي طور تي به اي سم وڌيڪ لاڀائتي آهي.
پر ڪجهه ماهرن جو چوڻ آهي ته پيرسن ۽ ٽيڪنالاجي تي گهٽ ڀاڙيندڙ ماڻهن لاءِ اها تبديلي ڏکي ثابت ٿي سگهي ٿي.
پاڪستان ۾ به اي سم موجود آهي، ۽ سڀ موبائل ڪمپنيون اِهي فراهم ڪري رهيون آهن، پر اها روايتي سم جي ڀيٽ ۾ مهانگي آهي.
مارڪيٽ ۾ اي سم جي سراسري قيمت اٽڪل ڀڳ 2000 رپيا آهي، ۽ رڳو جديد ۽ مهانگن فونز ۾ اي سم جو آپشن آهي.
انڊسٽري ماهر احمر فهيم موجب، اي سم جو وڏو فائدو اهو آهي ته فون گم يا چوري ٿيڻ جي صورت ۾ ان کي آساني سان ٽريس ڪري سگهجي ٿو.
ان کانسواءِ اي سم تي هڪ وقت ۾ چار نمبر آپريٽ ڪري سگهجن ٿا، پرڏيهه ۾ سفر دوران به سهولت رهي ٿي.
پاڪستان ۾ اي سم حاصل ڪرڻ لاءِ پهرين اهو ڏسڻو پوندو ته توهان جو فون اي سم سپورٽ ڪري ٿو يا نه.
ان کان پوءِ موبائل ڪمپني جي آفيس ۾ بائيو ميٽرڪ ڪرائڻ سان ”بار ڪوڊ“ ملي ٿو، جنهن کي اسڪين ڪرڻ سان اي سم فعال ٿي وڃي ٿي.
You might also like