يوٽيوب ۾ ڏوڪڙ ڪمائڻ جي خواهشمندن لاءِ نوان طريقا متعارف

جڳ مشهور وڊيو شيئرنگ پليٽفارم يوٽيوب واهپيدارن لاءِ آمدني حاصل ڪرڻ وارو عمل وڌيڪ آسان بڻائي ڇڏيو آهي.
نيويارڪ ۾ ٿيل ”ميڊ آن يوٽيوب“ نالي ايونٽ ۾ ڪمپني طرفان اعلان ڪيو ويو ته هاڻي واهپيدار برانڊ ڊيلز ۽ يوٽيوب شاپنگ پروگرام ذريعي وڌيڪ پئسا ڪمائي سگهندا.
ڪمپني موجب، وڊيوز ۾ پراڊڪٽ ٽيگز لاءِ ”آٽو ٽائيم اسٽيمپس“ ۽ ”آٽو آئيٽمز ٽيگنگ“(اهل شين لاءِ ) متعارف ڪرايا ويا آهن، جڏهن ته شارٽس لاءِ نئون ”برانڊ لنڪ“ فيچر پڻ شامل ڪيو ويو آهي.
نئين حڪمت عملي تحت ڊگهين وڊيوز ۾ برانڊ اسپانسرشپ شامل ڪرڻ جو موقعو ملندو ۽ ڪنهن برانڊ سان معاهدو مڪمل ٿيڻ جي صورت ۾ صارف اسپانسرشپ هٽائي ٻي برانڊ کي اها جاءِ وڪرو ڪري سگهندو.
ڪمپني جو چوڻ آهي ته اِهو نئون فيچر ايندڙ سال جي شروعات ۾ محدود واهپيدارن لاءِ آزمائشي بنيادن تي متعارف ڪرايو ويندو، جڏهن ته مصنوعي ڏاهپ (اي آءِ) تي ٻڌل سسٽم واهپيدارن کي بهترين وقت تي پراڊڪٽ ٽيگ رکڻ ۾ مدد ڏيندو.
يوٽيوب جو چوڻ آهي ته هي فيچر هن سال جي آخر تائين سڀني لاءِ دستياب هوندو.
ان سان گڏ شارٽس ٺاهيندڙ واهپيدار جلد ئي برانڊ لنڪ شامل ڪري سگهندا، جنهن سان ڏسندڙن لاءِ پراڊڪٽ ڳولڻ ۽ خريدڻ وارو عمل سولو بڻجي ويندو.
يوٽيوب طرفان اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته برانڊز کي اهڙن واهپيدارن بابت ڄاڻ ڏني ويندي جيڪي ”ڪريئيٽر پارٽنرشپ“ لاءِ بهترين هوندا.
ڪمپني طرفان اِها سهولت گوگل ايڊز ۾ هڪ خاص ٽيب جي صورت ۾ مهيا ڪئي ويندي.
ان کانسواءِ يوٽيوب شاپنگ پروگرام کي وڌيڪ مارڪيٽن ۾ وڌائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ برازيل به شامل آهي.
ڪمپني موجب، گذريل 4 سالن دوران يوٽيوب واهپيدارن، فنڪارن ۽ ميڊيا ڪمپنين کي 100 ارب ڊالرز کان وڌيڪ ادا ڪيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.