ڏکڻ آفريڪا خلاف پهرين ٽيسٽ لاءِ امڪاني پليئنگ اليون سامهون اچي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا خلاف پهرين ٽيسٽ لاءِ پاڪستاني ٽيم امڪاني پليئنگ اليون سامهون اچي وئي.
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جي وچ ۾ پهرين ٽيسٽ 12 آڪٽوبر کان شروع ٿيندي، ٻنهي ٽيمون جا رانديگر اڄ منجهند قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ ٽريننگ سيشن ۾ شرڪت ڪندا.
ذريعن موجب، پاڪستان ٽيم مئنيجمينٽ طرفان پهرين ٽيسٽ جي پليئنگ اليون بابت غور ويچار جاري آهي.
پهرين ٽيسٽ ۾ ٻن ريگيولر فاسٽ بالرن ۽ ٻن اسپنرن سان ميدان ۾ لهڻ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عارضي هيڊ ڪوچ اظهر محمود، اسپنر آصف آفريدي جي بالنگ مان متاثر آهي ۽ سندس ڊيبيو جي حق ۾ آهي.
امڪاني پليئنگ اليون لاءِ عبدالله شفيق، امام الحق، شان مسعود ۽ بابر اعظم جا نالا غور هيٺ آهن، جڏهن ته سعود شڪيل، محمد رضوان، سلمان علي آغا ۽ ساجد خان جا نالا پڻ فهرست ۾ شامل آهن.
ان کانسواءِ شاهين آفريدي، نعمان علي ۽ خرم شهزاد جي نالن تي ويچاريو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.