واٽس ايپ واهپيدار ” يوزر نيم“ ڪيئن ريزرو ڪرائي سگهن ٿا؟ طريقو ڄاڻيو

مئي 2023ع ۾ ميٽا جي طرفان واٽس ايپ ۾ هڪ پرائيويسي کي تحفظ فراهم ڪندڙ فيچر تي ڪم شروع ڪيو ويو هو ته جيئن فون نمبر جي بدران واهپيدارن رابطي جي ڄاڻ لاءِ يوزر نيم استعمال ڪري سگهن، جنهن تي اڃا ڪم جاري ۽ اهو واضح ناهي ته ان کي ڪڏهن متعارف ڪرايو ويندو.
ان حوالي سان گذريل ڏينهن ويب بيٽا انفو جي هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو هو ته ڪمپني هڪ يوزر نيم ريزرويشن سسٽم تيار ڪيو آهي.
هاڻي هڪ نئين رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اينڊرائيڊ ڊوائيسز لاءِ نئين بيٽا ورزن ۾ ريزرو يوزر نيم واري آپشن جو واڌارو ڏٺو ويو آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اِهو فيچر اڃا شروعاتي مرحلن ۾ آهي، پر واٽس ايپ جي طرفان ان کي بيٽا واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرائڻ کان اڳ لڳاتار بهتر بڻايو پيو وڃي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ظاهري طور واٽس ايپ جو مقصد شروع کان ئي هن فيچر جي تحت هڪ هموار ۽ بهترين تجربو مهيا ڪرڻ آهي ۽ ويجهي مستقبل ۾ واهپيدار پنهنجا يوزر نيم ريزرو يا محفوظ ڪرائي سگهندا.
واٽس ايپ موجب، يوزر نيمز وارو فيچر جلد متعارف ڪرايو ويندو ۽ ان جي موجودگيءَ کي يقيني بڻائڻ تي ڪم جاري.
ويب بيٽا انفو جي رپورٽ ۾ اِهو به ڄاڻايو ويو آهي ته يوزر نيم ريزرويشن واري فيچر تي اڃا تائين ڪم جاري آهي، پر نئين اڳڀرائي مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهو جلد متعارف ڪرائي سگهجي ٿو، گهٽ ۾ گهٽ بيٽا واهپيدارن لاءِ ته اهو جلد متعارف ڪرايو ويندو.
جڏهن به اِهو فيچر دستياب ٿيندو ته ان کي استعمال ڪرڻ تمام آسان هوندو.
ان مقصد لاءِ واٽس ايپ کوليو ۽ پروفائل فوٽو واري صفحي تي وڃو.
اُتي نالي، ابائوٽ، فون ۽ لنڪس سان گڏ هڪ نئون يوزر نيم آپشن نظر ايندو.
ان آپشن تي ڪلڪ ڪري توهان پنهنجي پسند جو يوزر نيم ريزرو ڪرائي سگهندا.
ان لاءِ واٽس ايپ جي ڪجهه اصولن جو خيال رکڻو پوندو ۽ جڏهن هڪ يوزر نيم ريزرو ٿي ويندو ته جڏهن به يوزر نيم فيچر متعارف ٿيندو ته واهپيدار ان کي استعمال ڪري سگهندو.
جيتري قدر يوزر نيم ريزرو ڪرائڻ جي اصولن جو تعلق آهي ته ان ۾ ”ڊبليو ڊبليو ڊبليو“ جو استعمال نٿو ڪري سگهجي، يوزر نيم ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ اکر هئڻ ضروري هوندو ته جيئن واهپيدار رڳو انگن تي ٻڌل يوزر نيم نه ٺاهي سگهن.
جي يوزر نيم اڳ ئي ٻين واهپيدارن ريزرو ڪرايو هوندو ته اِهو رکڻ ممڪن نه هوندو ۽ هر واهپيدار جو يوزر نيم انوکو هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.