ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي اميگريشن 15 سالن کان نيب کي گهربل اشهاري جوابدار کي ايئرپورٽ تان گرفتار ڪري ورتو.
ايف آءِ اي ترجمان موجب جوابدار ڪامران احمد خان خلاف 2010 ۾ نيب ڪراچي ۾ ريفرنس داخل ٿيو هو ۽ شروعاتي جاچ موجب جوابدار يو اي اي فرار ٿي ويو هو.
ترجمان ٻڌايو ته جوابدار ڪامران يوگنڊا کان ڪراچي ايئرپورٽ پهتو هو ۽ ان جو نالو اسٽاپ لسٽ ۾ شامل هو.
ترجمان موجب جوابدار گرفتاري کان بچڻ لاءِ مالٽا جو پاسپورٽ ۽ ريزيڊنٽ ڪارڊ استعمال ڪيو، ان ايجنٽ جي مدد سان 6 هزار آمريڪي ڊالرن عيوض مالٽا جو پاسپورٽ ۽ ريزيڊنٽ ڪارڊ ٺهرايو.
ترجمان ٻڌايو ته جوابدار طرفان پيش ڪيل پاسپورٽ ۽ ريزيڊنٽ ڪارڊ جعلي نڪتو، ڇو ته سفري رڪارڊ موجب جوابدار ڪڏهن به مالٽا جو سفر نه ڪيو هو.
You might also like