شادين تان ڪيترو ٽيڪس گڏ ٿيو؟ تفصيل سامهون اچي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ٻڌايو آهي ته ملڪ ۾ شادي تقريبن تان ٽيڪس وصولين ۾ وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، ڇو ته ملڪي سطح تي شادي تقريبن تي ود هولڊنگ ٽيڪس وصولي کي يقيني بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويو آهي.
ايف بي آر جي دستاويز موجب مالي سال 25-2024 ۾ شادين تي ود هولڊنگ ٽيڪس ڪٽوتي ۾ 19 سيڪڙو واڌ ٿي، جڏهن ته ايونٽ مينيجمينٽ سيڪٽر ۾ دستاويزي عمل وڌي رهيو آهي ۽ مالي سال 2025 ۾ شادين تي ود هولڊنگ ٽيڪس وصولي 2 ارب 2 ڪروڙ رپيا رهي.
دستاويز موجب گذريل مالي سال شادين تي ود هولڊنگ ٽيڪس جي مد ۾ 50 ڪروڙ رپين جي واڌ سان هڪ ارب 70 ڪروڙ رپين جون وصوليون ٿيون، ان واڌ جو سبب ايف بي آر جي سخت نگراني آهي.
ايف بي آر ٻڌايو ته ٽن وڏن شهرن ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ شادين تي خرچن تي وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، قانون تحت شادي هالز، مارڪيز، هوٽلن کان ٽيڪس وصول ڪيو پيو وڃي، ريسٽورنٽس، ڪلبز يا ڪميونٽي سينٽرن ۾ ٿيندڙ تقريبن تان ايڊوانس ٽيڪس وصول ڪيو ويندو آهي.
دستاويز موجب تقريبن ۾ کاڌي پيتي، سجاوٽ ۽ ٻين لاڳاپيل خدمتن تي به ٽيڪس وصوليون شامل آهن.
وڌيڪ ٻڌايو ويو ته فعال ٽيڪس لسٽ ۾ شامل ماڻهن تي 10 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو آهي، جڏهن ته نان فائلرز جي شادي تقريبن تي 20 سيڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس لاڳو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.