آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڏانهن پي ٽي آءِ جو واجهائڻ!؟

تحرير: وسعت الله خان

”هيلو منهنجا پاڪستاني آمريڪي دوستو.جيڪڏهن مان کٽي ويس تھ منھنجو واعدو آھي ته عمران خان جي جلد کان جلد جيل مان آزادي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندس.هو منهنجو دوست آهي. مون کي هن سان محبت آهي.مان ٻيھر ھن جي اقتدار ۾ واپسي جي حمايت ڪندس. اسان لاڳاپن جي مضبوطي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين.عمران خان زنده باد.“

پنج نومبر کان ٽڪ ٽاڪ تي گردش ڪندڙ ھن ”تاريخي“ وڊيو کي اک ڇنڀ ۾ ڏسندڙ لڳ ڀڳ 25 لکن ۾ توهان جو ڀاءُ بھ شامل آھي، پر ان کي شيئر ڪندڙ 20 ھزارن ۾ توھان جو ڀاءُ شامل نھ آھي. شيئر تھ توهان جي ڀاءُ به ڪرڻ چاھي پيو، پر ڪلڪ ڪرڻ کان اڳ ئي دبنگ فلم جي ھيروئن سوناڪشي سنھا جي اھا لائن ياد اچي وئي تھ”ٿپڙ کان نھ پر پيار کان ڊپ لڳي ٿو صاحب“خدا انھن نام نھاد فيڪٽ چيڪرن کي برباد ڪري جن کان اسان جي پل کن جي خوشي بھ سَٺي نھ ٿي ٿئي.پتو پيو تھ وڊيو تھ ٽرمپ صاحب جي ئي آهي پر اها 12 مئي 2017 جي آهي. ”اين بي سي“  يوٽيوب چينل سان خاص ڳالهھ ٻول ڪندي انٽرويو جي ھن حصي ۾ ٽرمپ،ايف بي آءِ،جي ڊائريڪٽر جيمس ڪومي کي اوچتو برطرف ڪرڻ جي فيصلي جو دفاع ڪري رھيو آھي.ان بصري ٽڪري تي خان صاحب جي ڪنھن ديواني ٽرمپ جو آواز ڪلون ڪري،پنھنجي دل جي ڳالھھ مڙھي ڇڏي ۽ سوشل ميڊيا جون ھوائون ان کي اڏائي کڻي ويون.خان صاحب جي ڀيڻ عليمھ خان کان جڏهن ڪنھن ’اتاولي‘ رپورٽر ان وڊيو بابت پڇيو ته هن الٽو سوال ڪري وڌو ته ”ڇا ٽرمپ اسان جو بابو لڳي ٿو  ؟“

ھڪڙي لحاظ سان هن وڊيو جي صورت ۾ فالتو  فنڪاري جي ايئن ضرورت نھ ھئي، ڇو ته سڀني کي خبر آهي ته آمريڪا ۾ خان صاحب جي لابي پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ جي لابي کان وڌيڪ فعال آهي. ان آمريڪي ڪانگريس جي 62 اصلي ڊيموڪريٽڪ ميمبرن کان گذريل مهيني ئي صدر بائيڊن جي نالي هڪ اصل خط لکرايو ھو. جنھن ۾ خان صاحب جي آزادي جي لاءِ اثر رسوخ استعمال ڪرڻ جو مطالبو ڪندي پاڪستان ۾ انساني حقن جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار  ڪيو ويو ھو.ان کان علاوه ايمنسٽي سميت ڪيترن ئي سرگرم انساني حقن جون تنظيمون بھ پاڪستان جي حالتن  تي بقول پرڏيھي کاتي ”بي بنياد تبصرا“ ڪنديون رهنديون آھن.پر واشنگٽن ۾ ھوا جو رخ بدلجي چڪو آهي.ڪانگريس جا ٻئي ايوان ريپبلڪنز  جي ڪنٽرول ۾ آهن. پرڏيهي پاليسي جي مينيو ۾ وچ اوڀر،ايران،يوڪرين، چين، هندستان، غير قانوني مهاجر ۽ ماحوليات سڀني کان مٿي آھن. پاڪستان في الحال نئين آمريڪي اسٽريٽجي مينيو ۾ جيڪڏھن آھي تھ بنھه ھيٺ آھي.

جيڪڏهن آمريڪا ۾ متحرڪ پي ٽي آءِ ،لابي صدر ٽرمپ کان ھڪ اصلي ٽوئيٽ لکرائڻ يا ھڪ اڌ جملو زبان مان چورائڻ ۾ڪامياب ٿي بھ وڃي ٿي تڏھن پڻ  پاڪستان جي داخلي پاليسي تي ان جو ڪيترو اثر پوندو؟جهڙي طرح ٽرمپ جي آمد کانپوءِ وائيٽ ھائوس،ڪانگريس ۽  قدامت پسند ججن سان ڀريل سپريم ڪورٽ هڪ پيج تي اچي ويا آهن، اهڙي طرح پاڪستان ۾ 26هين آئيني ترميم جي منظوري ڏيندڙ تابعدار پارليامينٽ، نئين تشڪيل ڏنل عدليه ۽ سياسي و قومي استحڪام جي ضامن  اسٽيبلشمينٽ بھ ھڪ پيج تي آھن.خاص طور تي هٿياربند فوج جي سربراهن جي عهدي جو مدو ٽن مان وڌائي پنج سال ڪرڻ ۽ وڌيڪ پنجن سالن جي مدي ۾ واڌ جو رستو کليل رکڻ واري قانون جي منظوري کانپوءِ ’9 مئي جو سانحو‘  2032 تائين گھلي سگھجي ٿو.

انهن ضروري انتظامن جي نتيجي ۾ وسيع تر قومي مفاد ۽ ملڪي استحڪام جي  لاءِ ايندڙ ڏينھن ۾ جيڪي به قدم کنيا ويندا، اهي عين قانوني ۽ آئيني حدن اندر هوندا. ھونئين بھ 26هين ترميم کانپوءِ ڪنهن کي آئيني حدن کان ٻاهر نڪرڻ يا ڪنھن آئين کان مٿاھين  قدم کڻڻ جي ضرورت ئي نھ رھي آھي.

ڄڻ ته بي يقين مستقبل کي محسوس ڪندي اسلام آباد ۾ ھڪ آئيني بند ٻڌو ويو آھي.تھ جئين 8 فيبروري جي چونڊ نتيجن کي تحفظ ملي سگھي ۽ ھلڪو ڦلڪو يا وچولي درجي جو ٻاھريون دٻاءِ سھي سگھجي.

جن هي آئيني پروڊڪٽ ڊزائين  ڪئي آهي، انھن کي چڱيءَ طرح معلوم آھي ته خان کي کليل ڇڏي، ملڪ ۾ رکڻ جيترو خطري وارو آھي ان کان وڏو خطرو خان کي پرڏيهه ملڪ پارسل ڪرڻ آھي.جيڪڏهن ھڪ ماڻهو جيل ۾ رهڻ کان پوءِ به چپ نھ پيو ٿئي ۽ اسيري جو مزو پيو وٺي آهي ته پوءِ سوچيو ته هو ٻاهر اچي ڪيترو رائتو ڦھلائيندو ؟ تنھنڪري جيل جو آپشن في الحال بهتر آهي، گهٽ ۾ گهٽ ملاقاتون ۽ چرپر تھ ڪنٽرول ۾ آهن.

رھي پي ٽي آءِ ،تھ اھڙي اپوزيشن تھ  الله تعاليٰ هر ڪنهن کي عطا ڪري.ڪنھن ليڊر جو سياسي بلڊ گروپ  ڪنهن ٻئي ليڊر سان نٿو ملي.هر ڪنهن کي ٻئي تي يقين جي حد تائين شڪ آهي، هر ڪو پنھنجي ليکي خان صاحب کي ويجهو آهي ۽ هر ڪو ڦني خان آهي. اهڙي صورت ۾ جيڪڏهن ڪنهن وڏي عوامي طبقي جي سياسي حمايت حاصل بھ آھي ته پوءِ ان جو فائدو؟ جڏهن اهو ئي ناھي معلوم تھ ان حمايت جو آچار وجھڻو آھي يا مربو ٺاھڻو آھي يا ڪچو استعمال ڪرڻو آھي.

اھڙي پاڻ ھرتائي واري ماحول ۾ ڀائو ٽرمپ اصلي وڊيو بھ جاري ڪري ڇڏي تھ ڪھڙو فرق پوندو ؟ آمريڪا هجي يا ڪو ٻيو ملڪ، بائيڊن هجي يا ٽرمپ، ڀلا ڪهڙو ملڪ رياستي سطح جي لاڳاپن کي ڪنھن ھڪ شخص جي لاءِ  داءُ تي لڳائي ٿو؟ ڇا 45 سال اڳ ليبيا، شام ۽ سعودي عرب جي دٻاءَ ڀٽو کي بچائي ورتو ۽ ڀٽو جي ڦاهي کان پوءِ پاڪستان سان لاڳاپن ۾ ڏار پئجي ويا هئا؟ڇا آنگ سانگ سوچي جي آزادي جي لاءِ مسلسل اولهھ جي دٻاءَ جي نتيجي ۾ ميانمار جي فوجي قيادت پوئتي هٽي وئي يا ھن پنھنجي مرضي جا شرط مڃرائي سوچي کي عارضي طور آزاد ڪري وري سلاخن پٺيان موڪلي ڇڏيو.

اھا الڳ ڳالھھ آھي تھ  ڪو شخص نيلسن منڊيلا هجي، پر منڊيلا پڻ ھڪ ئي آهي.منڊيلا  تان ياد آيو ته ڪنهن به نظام کي تبديل ڪرڻ جي تحريڪ ھلائڻ جي لاءِ پرڪشش، عمل جوڳو عوام دوست نظريو ، انتھائي يڪسوئي،رٿابندي ،ڊسپلين،صبر ۽ سرفروشي جو جذبو گھربل ھوندو آھي. شور مچائڻ يا سوشل ميڊيا تي ھاو ھو، واري ٽريڊنگ لابنگ يا ڪنھن عالمي وڏيري جي ڪايا ڪلپ ٽوئيٽ جو انتظار  ڪافي نه ھوندو. اهڙين ڪچين پڪين ڪوششن جو نتيجو ٿڪل سمجھوتن جي شڪل ۾ عام طور تي نڪرندي ڏٺو ويو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.