ڀيڻ پروين موسيٰ ميمڻ جي کوڙ سارن ڪتابن جي روشنيءَ ۾ سندس ڪيل ادبي خدمتن جا ڪيترائي حوالا آھن. جن ۾ ھيل تائين ھن جو خاص اڀريل حوالو ته محقق ۽ وڏي قد واري دانشور جو آهي ئي، پر گڏوگڏ ھن وقتي وقتي گذريل ٽيتاليھن سالن کان ڪھاڻيون به پئي لکيون آهن، انڪري ڪھاڻيڪاره وارو به رَليو ھليو آهي. جيڪي مختلف رسالن ۽ مخزنن ۾ شايع پڻ ٿينديون رهيون آهن. جن کي ھاڻي سھيڙي "ويھه تولا سون” نالي سان ڪتابي صورت ڏني اٿائين. جنھن لاءِ مونکي اعزاز بخشيندي لکڻ جو چيو اٿائين.
سو ھي ڪتاب ھٿن ۾ کڻي مان ھن جي پھرين ڪھاڻي "سکن جو سنسار” پڙھڻ شروع ڪئي، ته ائين لڳو، ڄڻ ڪنھن ھوريان ھوريان وھندڙ نديءَ ۾ ٻيڙيءَ تي ويٺو ھُجان ۽ ڀيڻ جو خيالن جو وھڪرو ۽ تخليقي ھوا جو رخ بنا ساھيءَ جي منھنجي سوچ جا سِڙه سنوان ڪندو، اڳتي وڌائيندو ويو… وڌائيندو ويو .پھرين سِٽَ کان ھن جا ڪردار پاڻ ۾ گَھِرو لاڳاپو پيدا ڪندا، مون لاءِ دلچسپ ماحول جوڙيندا ھلندا ھليا. فريه، انهي جي ماءُ بلقيس، والد عبدالخالق، ننڍي ڀيڻ، ڀاءُ، آفيسر، ھن جو سُڀاءُ، ذميواريون سڀ گڏوگڏ تمام عاليشان نموني ۽ انتھائي ڪشادگيءَ سان عام فھم ۽ ٺھڪندڙ ٻوليءَ ۾ وڃي پنھنجي ھڪ غير معمولي ۽ مختصر ڪھاڻيءَ گهرج پٽاندر ڌماڪيدار ڪلائيميڪس کي رسيا. جيڪو ڪھاڻيءَ کي ذھن ۾ تازي رکڻ لاءِ بيحد ئي ضروري ھوندو آھي.
سو ھن مجموعي جي ھيءَ پھرين ڪھاڻي "پھرين وَٽِي، کيرَ ڀَلِي” وانگر محسوس ٿي ۽ ڀيڻ جو جيڪو محقق ۽ دانشور وارو مقام منھنجي ذھن ۾ تمام گهڻو مانائتو ۽ مٿانهون آهي، ھڪ ڄاڻو ۽ پَڪي پُختي ڪھاڻيڪاره طور به پنھنجو نئون تعارف ڪرائي سوچ کي باغ مان گهُلي آيل ھوا جي تازي جهوٽي جيان معطر ڪري ويو.
ڪتاب جي ٻي ڪھاڻي (سندس پھرين تحرير) "چري”، جيڪا ڀيڻ جي بقول ٻاويھن سالن جي عمر ۾ لکي ھئائين ۽ ميرپورخاص مان ڇپجندڙ ھڪ ماھوار رسالي "چانڊوڪي” ۾ 1980ع ڌاران ڇپي هئي.
ھيءَ ڪھاڻي اديءَ ھڪ سچي واقعي کان متاثر ٿي لکي ھئي ۽ مون جڏهن اُھا پڙھي پوري ڪئي، ته ڪجهه گهڙيون حيرت ۽ اچرج جي جَھانَ ۾ ته ھليو ئي ويس، پر ڪھاڻيءَ ۾ پينو فقيرياڻي "سَڀِي”، جنھن کي سندس ميرن ڪپڙن ۽ گدلاڻ سبب فوڪس ڪيل گهر اندر "چري” ڪري ڪوٺيو وڃي ٿو، جي ڪردار جو خاص طور تي سندس ابھم پٽڙي جي غربت سبب موت جو بي ڪنارِ دردُ مَنَ اندر ۾ ڇُلندو ۽ وڏي پيڙا ۾ قابو ڪري تَڙَپَ جي ڪيفيت ۾ چوکنڀو ٻڌي ڇڏيندڙ محسوس ٿئي ٿو.
ڪھاڻيءَ جي پڄاڻيءَ ۾ "سَڀِي” عرف”چري” پٽ جي علاج جي مدد لاءِ ورتل ڪجهه پئسن جو ٿورو ڪجهه وکرن جي سوکڙيءَ نموني لاھي ٿي ته ليکڪا ھن کي "ڏاھي” جي لقب سان نوازي ادب جي تاريخ ۾ لازوال ڪري ڇڏي ٿي.
"ڊائيوو” ڪھاڻيءَ ۾ پوڙھن پيءُ، ماءُ جي الڳ الڳ ڪردارن کي چٽي کانئن پري دور ديسن ۾ گهاريندڙ اولاد جي غم ۽ سندن اڪيلائيءَ جي احساس کي انوکي اسلوب سان ائين ظاهر ڪيو ويو آهي، جو پڙھندي ماڻهو ان کي پنھنجو درد سمجهڻ لڳي ٿو.
ڪردار نگاري ۽ منظر نگاريءَ جي اعليٰ خوبيءَ سان گڏ ڀيڻ ھن ڪھاڻيءَ جي آخري جملي ۾ پڙھندڙ تائين ھڪ وڏو پيغام فن ۽ فڪر جي اھڙي رنگ سان رسائي ٿي، جيڪو اڻ مِٽُ ھجڻ جي احساس سان ذھن تي نقش ٿي وڃي ٿو.
ڪتاب جي چوٿين ڪھاڻي "زينا” پڻ مٿين ڪھاڻين جيان پڙھندڙ کي پھرين جملي کان پنھنجي گرفت ۾ آڻي ٿي ۽ پنھنجي پَڪَڙَ پڄاڻيءَ تائين قائم رکيون ھلي ٿي. جنھن مان بخوبي اھو اندازو ٿئي ٿو ته، ڀيڻ ڪھاڻيءَ کي زبردستي نه ٿي لکي، پر ڪھاڻي کيس مجبور ڪري ٿي ته،”مونکي لِکُ.”
تڏهن ته پڙھندڙ سندس قلم جي روانيءَ واري سحر ۾ اچي ڪھاڻيءَ کي آخر تائين بنا ڪنڌ ھيڏي ھوڏي ڦيرائڻ جي ساھُ منجھائي پڙھندو وڃي ٿو ۽ آخر ۾ وڃي ڊگهو ساھُ کڻي وري پنھنجي دماغ ۾ ڪھاڻيءَ جي پلاٽ کي ڦيرائي ڪھاڻيڪاره جي سوچ جي ڪماليت کي داد ڏيڻ کان رھي نٿو سگهي.
ھن ڪھاڻيءَ جي مُکُ ڪردار "زينا” سان سندس سھيلي "شفق” پاران ٿيل دوکيبازيءَ کي ته ڀيڻ ڀرپور نموني چٽيو آهي، پر ان جي خانداني پس منظر کي به تمام سھڻي پيرايي ۾ لکڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ۽ ڪھاڻيءَ جي پڄاڻي ھڪ "غير رواجي” عزم تي ڪري ان کي نئون ۽ خوبصورت رخ عطا ڪيو آهي.
"سيٺياڻي” ڪتاب جي پنجين ڪھاڻي پڙھندي سوچيندو ھليس، ته ڀيڻ وٽ موضوعن جي "الڳتا” ڪيڏي نه سُٺي آهي. ھر ڪھاڻي ٻيءَ کان ڌارَ. نه رڳو ڌارَ، پر انهن جي قصي کي به جُداري نموني پئي کڻي. انداز بيان ۽ گفتگو جي لحاظ کان.
مٿين ذڪر ڪيل ڪھاڻين مان ھن ڪھاڻيءَ ۾ ان جي گهرج آھر ماڻهن ۾ ڳالهائجندڙ ٻوليءَ جي استعمال تمام گهڻي دلچسپي پيدا ڪئي آهي. خاص طور تي عورتاڻي لھجي جي چاشنيدار ٻولي. جيڪا محاورن ۽ چَوِڻين جو چولو پائي وڌيڪ سُھڻي ۽ پنھنجو مثال پاڻ بڻجندي آهي. سو ڀيڻ جي قلم مان ھن ڪھاڻيءَ سرججي اکين آڏو ھڪ اھڙو جَھانُ نروار ڪيو آهي، جيڪو ان جو ئي ڀاڳ، بخت ۽ نصيب ڀاسي ٿو.
ڪھاڻيءَ جي مُک ڪردار "شازيه”
جي ڳالهه سندس "حسن” جي "ڪشمير” کان شروع ڪري ڀيڻ ان کي ائين اڳتي وڌائي ٿي، جيئن ڪا "فاسٽ ٽيمپو” واري مووي وڌائيندي آهي يا ڪا تيز رفتار ريل گاڏي مسافر کي ھڪ اسٽيشن کان کڻي، اُڏائيندي پنھنجي منزل طرف رَوان دَوان ٿيندي آهي.
سو "سيٺياڻي” به پاڻ سان وڏو ۽ حيرتناڪ داستان کڻي، اداسيءَ جي اُجاڙ اسٽيشن تي پڙھندڙ کي پھچائي ان مان ھٿ ڪڍي ٿي ۽ اُھو ويڳاڻو ويڳاڻو رھجي وڃي ٿو.
منھنجي ذاتي راءِ موجب ھي ڪھاڻي ھڪ فلم جو ساز و سامان به کنيو بيٺل آهي، ته ڪنھن طويل ڊراما سيريل جو به. ڪاش، ڪو قابل ذھن رکندڙ ليکڪ/ ڊراما نگار ائين ڪري وجهي ته، ھن جي اڇوتائپ ڏور ڏور تائين ڦھلجي ھزارن، لکن جي پسند جو شرف حاصل ڪري سگهي ٿي.
ڇھين ڪھاڻي "اعتبار” پڙهي پوري ڪئي ته، پنھنجي ديس ۾ پڙھيل لکيل ۽ نوڪري پيشه عورت توڙي غريب، گهرن ۾ ٻيلپو ڪندڙ عورت جي مرد جي بالادستيءَ جي ڪري حيثيت ۾ فرق جي نه ھجڻ جو درد اکين ۾ اڀري، دل ۾ لھي دود دکائي ويھي رھيو. اعتبار جي ڪچي تند لغڙ جي مانجهي لڳل ڏور جيان محسوس ٿي. جنھن کي ڪھاڻيءَ اندر غير محسوس انداز ۾، وڏي تجربيڪار ڪھاڻيڪار جيان آھستي آھستي اُڀاري ادي پروين موسيٰ ميمڻ ڏاڍي ڪاريگريءَ ۽ بيحد فنائتي نموني پڄاڻيءَ تي اوچتو ڇِڪَ ڏئي وڍَ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. جنھن سان ڪھاڻي، عام رواجي بدران شاھڪار ۽ يادگار جو روپ وٺي ذھن ۾ تاحيات روشني پکيڙي ڇڏي ٿي.
ڪھاڻي "خزانو”، جيڪا ڪتاب ۾ ستين نمبر تي شامل ڪيل آهي، بنھين نئين موِضوع کي سامھون آڻي ٿي. جنھن ۾ پيءُ ۽ پٽ جي نفسيات جو تمام گھرائيءَ سان، مڪمل ڪھاڻيپڻي جي ويس ۾ جائزو ورتو ۽ پيش ڪيو ويو آهي. جنھن جي پڄاڻي ڏاڍي معنيٰ خيز ته آهي ئي ۽ پڙھندڙ کي مثبت دڳ تي پڻ وٺي ويندڙ آھي، پر بدبودار جاگيرداري نظام جي ھڪ نئين صورت پسرائي، ڪھاڻيڪاره جي روشن خيالي ۽ ضمير جي آواز کي به عيان ڪندڙ آهي ۽ اھا به اھڙي غير محسوس انداز ۾، جو ڀيڻ جي ذھانت جو معترف ٿيندي، کيس داد ڏيڻ کان رھي نٿو سگهجي.
"ويڳو پيءُ” ڪتاب جي اٺين ڪھاڻي آهي. پڙهڻ کان اڳ سوچيم پئي ته، ويڳي پيءُ کان نفرت جي جذبي کي اڀاريندڙ ھوندي. ڇو ته اسان جي سماج ۾ ويڳا پيئَرُ سُٺائي رکندڙ نه ھوندا آھن. پر ڪھاڻي جيئن جيئن پڙھندو ويس، اُھو سماج جو ڄاتل سڃاتل چھرو ڪنھن به ھنڌ نظر نه آيو. پڄاڻيءَ تي پھچي ازخود زبان مان دانھَن نڪتي،”ابوءِ…!”
پيئَرُ ايئن به ٿيندا آهن، ڄاڻڻ لاءِ فيصلو پڙھندڙن جي عدالت تي ڇڏيان ٿو ۽ ڪھاڻيءَ تي ان حوالي سان قلم کي موڙي ٻئي گَسَ تي وٺي وڃي، ايترو چوڻ ۽ لکڻ ضروري سمجهان ٿو ته، ڪھاڻيڪاره جي عقل جي آرسي ڪيتري نه اُجري ۽ شفاف آهي. جنھن ۾ ٻين ڪھاڻيڪارن کي پنھنجي قلم جو چھرو ضرور ڏسڻ گهرجي. ڇو ته ڏيئي مان ائين ئي ڏيئو ٻرندو آهي ۽ سماج جو چھرو ڌوئڻ لاءِ اھڙي ادب جو فروغ لازمي ھوندو آھي. (هلندڙ)