ڄام شورو سيوهڻ ڊبل روڊ ڏهن سالن کان ڇو مڪمل ناهي ٿي سگهيو، ذميوار ڪير؟

سنڌ هاءِ ڪورٽ موٽروي تي سهولتن واري هڪ ڪيس ۾ سنڌ اندر منصوبا دير سان مڪمل ٿيڻ تي حيرت جو اظهار ڪيو آهي. عدالت ٻڌڻي دوران ڄامشورو کان سيوهڻ روڊ جو به نوٽيس ورتو ته ان روڊ کي ٻٽو ڪرڻ وارو ڪم ڏهن سالن اندر  به مڪمل ناهي ٿي سگهيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج چيو ته اهو منصوبو ڪنهن ٻئي صوبي ۾ هجي ها ته هينئر تائين مڪمل ٿي چُڪو  هجي ها.

سنڌ  جي عوام کي  به ڄڻ ته ان ڳالهه جو انتظار  هو ته جيڪر ڪو طاقت ور  ادارو يا اثر رسوخ واري شخصيت ڄام شورو سيوهڻ ڊبل روڊ جي ايڏي عرصي کان مڪمل  نه ٿيڻ جو آواز اٿاري جنهن جو سنڌ حڪومت تي ڪو  اثر پوي. هاڻي ڏهن سالن کان پوءِ  سنڌ هاءِ ڪورٽ اندر هاءِ وي جي سهولتن بابت ڪيس ۾ ڄام شورو  سيوهڻ روڊ جي مڪمل نه ٿيڻ بابت ڪو آواز اٿيو آهي. اسان عام طور تي پنهنجن مسئلن جي حل ۽ حقن ماڻڻ جي حوالي ۾ الائي به ڇو موئثر  آواز ناهيون اٿاريندا. ڄام شورو سيوهڻ روڊ کي ئي ڏسجي ته ان ڊبل روڊ جي اڏاوت دوران اتان ايندڙ ويندڙ مسافرن کي ڏهن سالن کان تڪليف رسندي رهي آهي. ايئن به ناهي ته ڪو ان روڊ تان رڳو عام ماڻهن جو گذر ٿيندو آهي پر هتان روز حڪمرانن، وزيرن، ججن، وڪيلن، ڪامورن وڏيرن، سردارن، سرمائيدارن ۽ وڏن وڏن آفيسرن جو به اچڻ وڃڻ ٿيندو آهي پر مجال آهي جو ڪو  دانهن ڪري، شڪايت ڪري. اسان جا ميڊيا جا نمائندا به ان اشو کي اونئن اٿاري نه سگهيا جيئن اٿارڻ گهرجي ها. سيوهڻ شريف ۽ ڄام شورو  وٽ اسٽاپن تي ماني کائڻ لاءِ  روز هزارين مسافر مختلف وقتن ۾ ساهي پٽيندا آهن ته ميڊيا جا نمائندا سروي ڪري انهن کان ڄام شورو سيوهڻ روڊ جي مڪمل نه ٿيڻ تي کانئن رايا وٺي ٽي وي چينلن ۽ اخبارن ۾ سروي رپورٽ  طور هلرائي سگهن پيا. ممڪن آهي ته ايڪڙ ٻيڪڙ رپورٽون هليون به هجن پر ان تڪليف جي ازالي لاءِ جيڏو آواز  اٿارڻ گهريو  هو  ايڏو نه اٿاريو  ويو  آهي.

بهرحال دير آيد درست آيد تحت نيٺ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ان مسئلي جي نشاندهي ٿي آهي ۽ نه رڳو نشاندهي ٿي آهي پر هڪ اثرائتو ريمارڪ به ڏنو ويو آهي ته جيڪڏهن ڄام شورو  سيوهڻ منصوبو ڪنهن ٻئي صوبي ۾ هجي ها ته هينئر تائين مڪمل ٿي چُڪو  هجي هان. اها تنقيد سڌي سنئين وفاقي حڪومت تي آهي ۽ ان جي ٻيائي جي نشاندهي ٿي ڪري. عدالت ۾ سنڌ جي مجموعي طور تي سڀني منصوبن ۾ دير ٿيڻ بابت سوال اٿاريو ويو آهي. اها ته واقعي به  حقيقت آهي ته سنڌ جا سڀ ئي ترقياتي منصوبا دير جو شڪار آهن. ان ۾ سنڌ حڪومت به سخت تنقيد جي حقدار آهي پر  موٽروي ۽ هاءِ ويز  جا پراجيڪٽ جيئن ته وفاقي نوعيت جا آهن ۽ وقت سر فنڊنگ سان لاڳاپيل آهن تنهن ڪري به  دير جو ٿي سگهي ٿي.

اها به حقيقت آهي ته اسان وٽ ترقياتي ڪمن ۽ منصوبن تي اوتري مقدار ۾ بجيٽ ناهي رکي ويندي جيتري رکڻ گهرجي. عوام اصل ترقي، ترقياتي ڪمن ۽ منصوبن  کي سمجهندو آهي  پر اسان وٽ ترقياتي ڪم ۽ منصوبا ڏاڍو  ڏکيائي ۽ دير سان تڪميل تي رسندا آهن. هتي اڏاوتن، روڊن،  شاهرائن فلاءِ اوورز  ۽ پلن لاءِ کوٽائي ته هڪدم ڪئي ويندي آهي پر  پوءِ سالن جا سال علائقا کوٽيا پيا هوندا آهن. اها ته سٺي ڳالهه آهي ته ايم ڪيو  ايم جي ٽيهن سالن جي بدترين ۽ دهشت گردي واري دور کان پوءِ پ پ جي 2008 کانپوءِ وارين حڪومتن ۾ ڪراچي کي هٿ لڳو آهي ۽ ترقياتي منصوبن تي ڌڙا ڌڙا ڪم ٿي رهيو آهي  پر تنقيد انهن منصوبن ۾ ٿيندڙ  دير تي آهي. روڊن، پلن، فلاءِ  اوورز ، هاءِ ويز جي اڏاوتن سان يقيني طور تي عوام کي سُکُ ملندو پر جيستائين اهو سُک ملي تيستائين عوام لاءِ اهي کوٽيل علائقا ڪنهن عذاب کان گهٽ ناهن.

اڄ ڏسجي ته سڄِي ڪراچي ڪنهن نه ڪنهن منصوبي لاءِ کوٽيل نظر ايندي جنهن ڪري ڪراچي ۾ هر وقت ٽريفڪ جام رهي ٿي، عوام لاءِ اچ وڃ وارو روز جو سفر وڏو تڪليف وارو ٿئي ٿو. شاگردن شاگردياڻين کي خراب ۽ کوٽيل رستن سبب اسڪولن، ڪاليجن، ۽ يونيورسٽين ۾ وقت تي پهچڻ جو مسئلو ٿئي ٿو. ايئن آفيسن ۽ ڪاروبار  لاءِ گهران نڪتل ماڻهوءَ کي روز سفر ۾ تڪليف رسي ٿي. ٿيڻ ته ايئن گهرجي ها ته هڪ هڪ منصوبو الڳ وقت تي ٿئي ها، هڪ منصوبو  پورو ٿئي ها ته ٻئي ۾ هٿ وڌو وڃي ها پر هتي هڪ ئي وقت ڪيترائي اڏاوتي منصوبا هلي رهيا  آهن جنهن ڪري سڄي ڪراچي کوٽي پئي آهي. برساتن پوڻ سان انهن کوٽيل علائقن ۾ گاڏيون مڪمل طور تي ڦاسي پونديون آهن پر انهن مسئلن ۽ عذابن تي خاموش هوندو آهي ۽ ميڊيا کي به حڪمرانن جي مسئلن جي ڳڻتي هوندي آهي ۽ جڏهن ته ميڊيا جو بنيادي ڪم اهو آهي ته عوام جا مسئلا حڪمرانن کي ٻڌائجن ۽ حل ڪرائجن  پر ان معاملي ۾ درست رخ ۾ ڪم نه ٿو ٿئي. سو سنڌ ۾ موٽريز، هاءِ ويز ۽ روڊن فلاءِ  اوورز کي ڪوشش ڪجي ته وقت سر ۽ هڪ هڪ ڪري پورو ڪجي ته جيئن عوام کي گهٽ کان گهٽ تڪليف کي منهن ڏيڻو  پوي.

جيستائين ڄام شورو سيوهڻ روڊ جي منصوبي ۾ دير  جو معاملو آهي ته حقيقت ۾ ان خلاف ڌار عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائڻ جي ضرورت آهي ته ان منصوبي ۾ دير جو ذميوار  ڪير آهي ۽ پوءِ ان کان پڇاڻو ڪيو وڃي ته ان منصوبي ۾ دير  ڇو ٿي آهي ۽ ان دير سبب عوام کي جيڪا روز تڪليف رسي رهي آهي تنهن مجرماڻي غلفت جو ازالو ڪيئن ٿيندو. ان اشو تي الڳ عدالتي ڪارروائي هلڻ گهرجي پر جيئن اسان مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته جن مسئلن تي اسان کي ترجيحي بنياد تي آواز اٿارڻ گهرجي انهن تي اسان خاموش هوندا آهيون. سو ڄام شورو  سيوهڻ دبل روڊ واري پراجيڪٽ ۾ دير جي ذميوار جتي وفاقي حڪومت، سنڌ سرڪار آهي اتي عوام به آهي جيڪو وقت سر  پنهنجن مسئلن جي حل لاءِ موئثر انداز  سان آواز ناهي اٿاريندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.