” ٻن سالن تائين ڌوکو ڏيندا رهيا، مدد ڪئي وڃي“ نمرا مهرا جي وڊيو وائرل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) گلوڪارا نمرا مهرا پنهنجي ئي ميوزڪ وڊيوز رليز ڪندڙ ميوزڪ ليبل ڪمپني تي مسلسل ٻه سال ڌوڪو ڏيڻ ۽ پنهنجن گانن جا سڀ حق غير قانوني طور تي ٻي ڪمپني کي وڪڻڻ جو الزام مڙهي ڇڏيو.
گلوڪارا انسٽاگرام تي جاري ڪيل هڪ مختصر وڊيو ۾ دعويٰ ڪئي ته ميوزڪ ليبل ”بيانڊ رڪارڊز“ گذريل ٻن سالن کان کيس ڪو به معاوضو نه ڏنو، جڏهن ته غير قانوني طريقي سان سندس گانن جا رائٽس به ٻي ڪمپني کي وڪرو ڪيا ويا.
نمرا مهرا نه رڳو ميوزڪ ليبل ڪمپني پر ان جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (سي اي او) جبران خان تي به ڌوڪو ڏيڻ جو الزام لڳايو ۽ چيو ته هوءَ ٻن سالن تائين انهن جي ٺڳي ۾ رهي۔
نمرا مهرا جو چوڻ هو ته ٻن سالن تائين هن سان ڪوڙو ڳالهايو ويو ، هن پنهنجون ميوزڪ وڊيوز پاڻ ٺاهيون، پنهنجا انٽرويوز پاڻ ڪرايا ۽ پوءِ سڀ تيار شيون ڪمپني کي ڏنيون، جڏهن ته ڪمپني انهن سڀني جو ڪريڊٽ پاڻ وٺندي رهي.
سندس چوڻ هو ته ساڻس واعدا ڪيا ويا ته جلد ئي معاهدو ڪيو ويندو ۽ کيس سمورا حق ۽ معاوضو ڏنو ويندو، پر ٻن سالن تائين رڳو غلط بيانين سان کيس ڌوڪي ۾ رکيو ويو.
هن ٻڌايو ته جڏهن به هوءَ ميوزڪ ڪمپني ۽ ان جي سي اي او کان پيسن ۽ معاهدن بابت پڇندي هئي ته اهي ڪو نه ڪو بهانو بڻائي ڳالهه ٽاري ڇڏيندا هئا.
گلوڪارا موجب، تازو ئي کيس خبر پئي ته سندس ميوزڪ ڪمپني سندس سڀ گيتن جا حق ٻي ڪمپني کي وڪڻي ڇڏيا آهن، جنهن تي کيس سخت صدمو رسيو ۽ هاڻي هوءَ انصاف گهرڻ لاءِ اڳتي آئي آهي.
نمرا مهرا ڪمپني خلاف قانوني ڪارروائي جو به اعلان ڪيو ۽ چيو ته سندس وڪيل ميوزڪ ليبل کي قانوني نوٽيس موڪلي ڇڏيو آهي.
گلوڪارا ميوزڪ انڊسٽريءَ سان واڳيل ٻين شخصيتن ۽ مداحن کان اپيل ڪئي ته سندس ساٿ ڏنو وڃي ۽ حق ڏيارڻ ۾ مدد ڪئي وڃي.
نمرا مهرا جي الزامن تي هن وقت تائين ميوزڪ ليبل طرفان ڪو به ردِعمل سامهون نه آيو آهي، جڏهن ته گلوڪارا جي وڊيو تي ڪيترن ئي فنڪارن ۽ مداحن تبصا ڪندي سندس جرئت ۽ بهادري جي واکاڻ ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.