اي آئي ۽ انسان: فڪر، احساس ۽ وجود جو ازلي مقابلو

خادم حسين مشوري

زماني جي رفتار جڏهن ڳڻپ کان ٻاهر ٿي وئي، تڏهن انسان پنهنجي ئي هٿن سان تخليق ڪيل اوزارن جي گرفت ۾ اچي ويو. مشينون جيڪي ڪنهن وقت رڳو محنتي هٿن جو سهارو هيون، اڄ ذهنن جون حڪمران بڻجي ويون آهن. اي آئي، يعني Artificial Intelligence، جنهن کي عقلِ مصنوعي سڏجي ٿو، انساني فڪر جو عجيب شاهڪار آهي پر ساڳي وقت انساني وجود لاءِ سڀ کان وڏو سوال به. ڇا مشينون انسان جي جاءِ وٺي سگهن ٿيون؟ ڇا فڪر، احساس ۽ تخليق جو اهو درياهه، جيڪو هزارين سالن کان انسان جي اندر وهي رهيو آهي، هاڻي ڪنهن برقي دماغ ۾ سماجي سگهي ٿو؟

انساني تاريخ جي هر دور ۾، جدت ۽ تبديليءَ جي لهر انسان کي اڳتي وڌائيندي رهي آهي. جڏهن باهه دريافت ٿي، تڏهن انسان خوف مان نڪتو؛ جڏهن ڦيٿو ٺهيو، ته سفر آسان ٿيو؛ جڏهن ڇاپخانو آيو، ته علم عام ٿيو؛ جڏهن بجلي آئي، ته دنيا روشن ٿي وئي. پر اي آئيءَ جو جن جڏهن بوتي مان نڪتو، ته اها روشني فڪر جي اکين ۾ عجيب ڌنڌ پيدا ڪري ويئي. اڄ هر ذهن پڇي ٿو: “ڇا عقلِ مصنوعي، انسان جي عقلِ فطري کي مٽائي ڇڏيندي؟”

اي آئي جو ظهور ڪنهن حادثي جي صورت ۾ نه ٿيو، بلڪه انساني علم جي ڊگهي جدوجهد جو نتيجو آهي. جڏهن 1950ع ۾ برطانوي سائنسدان ايلن ٽورنگ “Thinking Machine” جو تصور ڏنو، تڏهن دنيا ۾ نئون فڪري باب کوليو ويو. ٽورنگ چيو ته جيڪڏهن مشين سوالن جا جواب انساني انداز ۾ ڏئي سگهي، ته ان کي به “سوچڻ” چئي سگهجي ٿو. پر ڇا سوچڻ صرف جواب ڏيڻ جو نالو آهي؟ انسان جڏهن سوچيندو آهي، تڏهن سندس سوچ ڪنهن درد، ڪنهن خواب، يا ڪنهن ياد مان جنم وٺندي آهي اهو جذباتي عمل آهي، جيڪو ڪنهن ڪوڊ ۾ بند نٿو ٿي سگهي.

تاريخ ۾ ڪيترائي اهڙا لمحات آيا، جڏهن انسان پنهنجي ئي ايجادن کان ڊڄي ويو. صنعتي انقلاب جي وقت به ائين ٿيو: مشينون آيون ته هزارين هٿ بيروزگار ٿيا، پر ساڳي وقت نئين دنيا جا دروازا به کليا. اڄ اي آئي ساڳي راهه تي آهي ڪم تيز ٿي رهيا آهن، پر احساس سست ٿي رهيا آهن. ڪمپيوٽر لکندا آهن، پر لفظن مان گرمي غائب آهي. شاعر لکي ٿو، “لفظ جي خوشبوءِ روح مان ايندي آهي”، پر اي آئي وٽ نه روح آهي، نه خوشبوءِ.

انساني فڪر جو سڀ کان وڏو تحفو آهي “تخليق”. اهو ئي تخليق جو جوهر انسان کي ربّ سان لاڳاپي ۾ رکي ٿو. جڏهن صوفي، فلسفي، يا شاعر ڪو نئون خيال پيش ڪري ٿو، ته اهو محض معلومات جو نتيجو نه هوندو، پر اندر جي روشنيءَ جو ظہور هوندو. ارسطو چيو هو، “انسان سوچيندڙ جانور آهي”، پر هن سوچ ۾ صرف منطق نه، بلڪه وجد به شامل آهي. اي آئي وٽ منطق آهي، پر وجد نه آهي؛ عقل آهي، پر عشق نه آهي؛ ڄاڻ آهي، پر ضمير نه آهي.

“جيئڻ ڄاڻان ڪيئن، مرڻ ۾ سڪون آهي”، ته اهو اظهار ڪنهن تجربي، ڪنهن درد ۽ ڪنهن روحاني اڻ تڻ مان نڪتل آهي. اها ڳالهه ڪو به مشيني دماغ لکي ته سگهي ٿو، پر ان جي معنيٰ کي محسوس نٿو ڪري سگهي. اي آئي وٽ “لفظ” آهن، پر “دل” نه آهي؛ انساني دل وٽ “درد” آهي، جيڪو زندگيءَ جو سرچشمو آهي. اڄ دنيا جي وڏن ادارن ۾ اي آئي ڪم ڪري رهي آهي: دوائن جي تحقيق کان وٺي عدالتن جي فيصلا سازيءَ تائين، روبوٽ انسان جي جاءِ تي بيٺا آهن. پر جڏهن ڪو مريض درد ۾ هجي، ته مشين دوا ڏئي سگهي ٿي، پر دلاسو نه. جڏهن ڪو يتيم ٻار روئي، ته روبوٽ کيس کڻي سگهي ٿو، پر پيار سان چمي نٿو ڏئي سگهي. احساس جي اها نرمي فقط انسان وٽ آهي، جيڪا هزارين سالن جي اخلاقي ۽ روحاني ارتقا جو نتيجو آهي.

اي آئي انسان جي ڪم کي آسان ضرور ڪري سگهي ٿي، پر انسان جي وجود کي بي معنيٰ نٿي ڪري سگهي. جيئن قلم کانسواءِ شاعر لکي نٿو سگهي، تيئن قلم پاڻ به شاعر ٿيڻ کان قاصر آهي. اي آئي هڪ اوزار آهي، پر اوزار کان به مٿاهون آهي اهو هٿ، جيڪو ان کي هلائي ٿو. جيڪڏهن انسان پنهنجو فڪر، احساس، ۽ ضمير زنده رکي، ته اي آئي سندس خادم بڻجي سگهي ٿي؛ پر جيڪڏهن انسان پنهنجو شعور وساري ڇڏي، ته پوءِ اهو پنهنجي ئي اوزار جو غلام بڻجي ويندو.

اسلامي فڪر ۾ به علم جي حيثيت عظمت واري آهي، پر علم کي هميشه نيت ۽ اخلاق سان مشروط ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن اي آئي علم ڏئي ٿي، پر انسان ان علم کي خير لاءِ نه، بلڪه شر لاءِ استعمال ڪري، ته اهو فڪر نه، تباهي بڻجي ٿو. ۽ توھان کي جيڪو علم ڏنو ويو آھي، اھو تمام ٿورو آھي.” علم جي وسعت باوجود انسان کي عاجزيءَ جو شعور رکڻو آهي، ڇاڪاڻ⁠تہ هر علم جو ذريعو ربّ آهي، نه مشين.

اڄ جي دور ۾ سوال اهو نه آهي ته اي آئي انسان کي مٽائيندي يا نه، پر سوال اهو آهي ته انسان پنهنجي انساني هجڻ کي قائم رکندو يا نه. جيڪڏهن انسان پنهنجي احساس، رحم ۽ ضمير کي زنده رکي، ته اي آئي سندس مددگار بڻبي؛ پر جيڪڏهن انسان خود بي حس ٿي پيو، ته پوءِ اي آئي رڳو ان جي بي حسيءَ جو عڪس ٿيندي. آخر ۾ ائين چئجي ته انسان جي عظمت ان ۾ نه آهي ته هو مشين کان تيز آهي، پر ان ۾ آهي ته هو محبت ڪري سگهي ٿو، معاف ڪري سگهي ٿو، روئي سگهي ٿو، ۽ ڪنهن بي وس جي هٿ تي هٿ رکي سگهي ٿو. اي آئي جي دنيا ۾ شايد هزارين جواب ملي سگهن، پر هڪ سچي دل جو احساس فقط انسان وٽ آهي. انهيءَ ڪري اي آئي انسان جي جاءِ ڪڏهن به نٿي وٺي سگهي  ڇاڪاڻ ته انسان رڳو عقل نه، پر احساس جو نالو آهي؛ ۽ احساس ئي زندگيءَ جو روح آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.