سن جي سياسي ۽ شاگرد تاريخ ۾ 4 مارچ 1967ع مزاحمت، شعور ۽ سڃاڻپ جي بڻجي چڪو آهي. 1960ع واري ڏهاڪي ۾ ملڪ اندر سياسي جمود هو. فوجي حڪمراني هيٺ سياسي سرگرمين تي پابنديون هيون، ميڊيا تي ڪنٽرول هو ۽ تعليمي ادارن کي به سخت نگراني هيٺ رکيو ويو هو. سنڌ اندر لساني ۽ انتظامي پاليسين سبب بيچيني وڌي رهي هئي. شاگردن کي محسوس ٿي رهيو هو ته سندن آواز کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي.اهڙي ماحول ۾ 4 مارچ 1967ع تي شاگردن احتجاج ڪيو، جنهن جو بنيادي مطالبو تعليمي ۽ انتظامي ناانصافين جو خاتمو هو. پرامن ريلي کي روڪڻ لاءِ طاقت جو استعمال ٿيو، لاٺي چارج ۽ گرفتاريون ٿيون. ڪيترائي شاگرد زخمي ٿيا. ان ڏينهن جو تشدد شاگرد تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ بدران وڌيڪ سگهارو بڻائي ويو.
سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ شاگرد سياست کي هميشه قيادت جي نرسري سمجهيو ويو آهي. ڪيترائي قومي ۽ جمهوري اڳواڻ شاگرد سياست مان نڪري آيا. شاگرد تنظيمون رڳو اليڪشن مهم هلائڻ لاءِ نه، پر فڪري بحث، ادبي سرگرمين ۽ سماجي شعور لاءِ به سرگرم رهيون. 4 مارچ کان پوءِ شاگردن ۾ هڪ نئون اعتماد پيدا ٿيو ته هو رڳو درسي ڪتابن تائين محدود نه آهن، پر سماج جي تبديليءَ جو حصو پڻ بڻجي سگهن ٿا. اهو ڏينهن سنڌي شاگرد تحريڪ لاءِ سڃاڻپ جو نُڪتو بڻيو.
اڄ جڏهن 4 مارچ ياد ڪيو وڃي ٿو ته سوال اڀري ٿو: ڇا موجوده دور ۾ شاگردن کي ساڳيو سياسي ۽ تنظيمي حق حاصل آهي؟ ملڪ اندر ڪيترن ئي سالن کان شاگرد يونينز تي پابنديون لڳل آهن. تعليمي ادارن ۾ سياسي سرگرمين کي سيڪيورٽي خطري سان ڳنڍيو وڃي ٿو. انتظاميا جو موقف آهي ته سياست سبب تشدد، گروهه بندي ۽ تعليمي ماحول متاثر ٿئي ٿو. پر ٻئي پاسي دليل ڏنو وڃي ٿو ته سياست تي مڪمل پابندي نوجوانن کي بي آواز بڻائي ٿي. جڏهن شاگردن کي ڳالهائڻ، چونڊ ڪرڻ ۽ منظم ٿيڻ جو حق نه ملندو، تڏهن هو يا ته لاتعلق ٿي ويندا يا غير رسمي ۽ بي ضابطه طريقن سان احتجاج ڪندا.
سنڌ جي موجوده حالتن ۾ بيروزگاري، مهانگائي، تعليمي بجيٽ ۾ گهٽتائي ۽ يونيورسٽين جي مالي بحران جهڙا مسئلا شاگردن کي متاثر ڪري رهيا آهن. پر انهن مسئلن تي منظم شاگرد آواز گهٽ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، ڇاڪاڻ ته تنظيمي ڍانچو ڪمزور يا غير موجود آهي.
4 مارچ 1967ع جو ڏينهن ياد ڏياريندو آهي ته نوجوان نسل جڏهن گڏ ٿي پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿاري ٿو ته سماج ۾ تبديلي ممڪن ٿي پوي ٿي. پر اهو به سچ آهي ته هر تحريڪ کي ذميواري، برداشت ۽ جمهوري قدرن سان اڳتي وڌڻ گهرجي. اڄ جي شاگرد سياست لاءِ ضروري آهي ته هو ذاتي يا گروهي مفادن بدران تعليمي سڌارن، تحقيق جي بهتري، شفاف داخلا پاليسي، اسڪالرشپ ۽ ڪيمپس جي آزادي جهڙن معاملن تي ڌيان ڏين. 4 مارچ جو ورثو رڳو نعرا هڻڻ سان نه، پر فڪري پختگي سان زنده رهندو. رياست جو ڪم نوجوانن کي خاموش ڪرائڻ نه، پر کين ٻڌڻ آهي. جيڪڏهن شاگرد يونينز لاءِ واضح ضابطا، چونڊ ضابطا اخلاق ۽ احتساب جو نظام ٺاهيو وڃي ته سياست تعليمي ماحول لاءِ خطرو نه رهندي، پر مثبت قوت بڻجي سگهي ٿي.
دنيا جي ڪيترن ئي جمهوري ملڪن ۾ يونيورسٽين اندر شاگرد نمائندگيءَ کي تسليم ڪيو وڃي ٿو. اتي اختلاف راءِ کي خطري بدران تعليمي عمل جو حصو سمجهيو وڃي ٿو. سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ به اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، جتي بحث مباحثو، تنقيد ۽ اختلاف کي برداشت ڪيو وڃي.
نوجوان نسل جي اڳيان چئلينج اڄ جو شاگرد سوشل ميڊيا جي دور ۾ رهي ٿو، جتي معلومات جي کوٽ نه آهي، پر تجزيي ۽ تنظيم جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي. 1967ع ۾ شاگرد روڊن تي نڪتا، اڄ شاگرد آن لائين مهم هلائين ٿا. پر سوال اهو آهي ته ڇا اهي مهمون عملي تبديلي آڻي سگهن ٿيون؟ شاگرد سياست کي شخصيت پرستي يا جذباتي نعريبازي کان مٿي اٿي علمي ۽ پاليسي بنيادن تي بيهارڻ جي ضرورت آهي. تعليمي معيار، تحقيق، ٽيڪنالاجي، ۽ روزگار سان لاڳاپيل مسئلا اڄ جي شاگردن جا بنيادي موضوع هجڻ گهرجن.
4 مارچ کي رڳو تقريبن ۽ تقريرن تائين محدود ڪرڻ تاريخ سان انصاف نه هوندو. ان ڏينهن جي شهيدن ۽ زخمين جي ياد جو تقاضو آهي ته تعليمي ادارن کي آزاد، محفوظ ۽ جمهوري بڻايو وڃي. شاگردن کي حق ڏنو وڃي ته هو پنهنجي نمائندگي چونڊي سگهن، پنهنجا مسئلا منظم طريقي سان پيش ڪري سگهن ۽ پاليسي ٺاهڻ ۾ حصو وٺي سگهن. ساڳئي وقت شاگردن تي به ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هو تشدد، نفرت ۽ ذاتي دشمنيءَ کان پاسو ڪن. سياسي اختلاف کي علمي دليلن سان حل ڪرڻ ئي 4 مارچ جي روح سان سچو وفادار ٿيڻ آهي.
4 مارچ 1967ع سنڌي شاگرد تحريڪ جو سنگ ميل آهي. اهو ڏينهن ٻڌائي ٿو ته نوجوان جڏهن پنهنجي سڃاڻپ ۽ حقن لاءِ اٿن ٿا ته تاريخ جو رخ بدلجي سگهي ٿو. پر اڄ جي دور ۾ اصل سوال اهو آهي ته ڇا اسان پنهنجي تعليمي ادارن کي اهڙو ماحول ڏئي رهيا آهيون، جتي نوجوان آزادانه سوچ ۽ منظم سياست ذريعي سماج جي بهتريءَ ۾ حصو وٺي سگهن؟ جيڪڏهن جواب نه ۾ آهي، ته پوءِ 4 مارچ جي ياد صرف رسمي رهجي ويندي. جيڪڏهن جواب ها ۾ بدلائڻو آهي، ته شاگرد سياست تي لڳل پابندين جو نئون جائزو وٺڻو پوندو، ضابطن سان گڏ آزادي ڏيڻيون پونديون ۽ نوجوانن تي اعتماد ڪرڻو پوندو. ڇو ته تاريخ ٻڌائي ٿي: جڏهن نوجوانن کي دٻايو وڃي ٿو ته بيچيني وڌي ٿي، ۽ جڏهن کين موقعو ڏنو وڃي ٿو ته هو قومن جو مستقبل سنواري سگهن ٿا. 4 مارچ جو پيغام به اهو ئي آهي شعور، تنظيم ۽ جمهوري جدوجهد.