هائبرڊ نظام جو ٻيو نالو ڊڪٽيٽرشپ آهي!؟

مشتاق ميراڻي

)نئين تاريخي دور ۾ هائبرڊ ريجيم (نظام) هڪ آمراڻو نظام آهي – روسي سياسي سائنسدان، ايڪاتيرينا شلمان(

  1. پسمنظر:

پاڪستان جي دفاعي وزير خواجه آصف (17 جُون 2025) تي عرب نيوز کي انٽرويو ڏيندي چٽن لفظن ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ هائبرڊ نظام آهي. هن وڌيڪ اِهو به چيو ته اُهو سٺي نموني ڪم ڪري رهيو آهي. مون جڏهن مختلف ماڻهن سان پاڪستان جي سياسي نظام بابت ڳالھه ٻولھه ڪئي ته معلوم ٿيو ته ڪيترن ئي ماڻهن کي هائبرڊ نظام جي بلڪل به ڄاڻ نه آهي ۽  اِهو هائبرڊ نظام جمهوريت کان ڇو مختلف آهي؟ ان سياسي ڄاڻ جي کوٽ کي نظر ۾ رکندي هيءُ مضمون لکيو ويو آهي.

آمريڪا، واشنگٽن ڊي- سي ۾ قائم فريڊم هائوس جي (2025) جي رپورٽ مطابق 26 سيڪڙو ملڪ هائبرڊ نظام تحت هلي رهيا آهن، سوئيڊن جي يونيورسٽي آف گوٿنبرگ ۾ قائم V-Dem  اداري جي (2025) جي رپورٽ مطابق 9.7 سيڪڙو ملڪن هائبرڊ نظام اختيار ڪيو آهي ۽ دي اڪنامسٽ انٽيليجنس يونٽ جي (2025) جي رپورٽ موجب اٽڪل 22 ملڪن ۾ هائبرڊ نظام کي رائج ڪيو ويو آهي. فريڊم هائوس جي (2025) جي سروي مطابق دنيا جي 40 سيڪڙو آبادي هائبرڊ نظام جي تحت زندگي گذاري رهي آهي.

فريڊم هائوس (2025) مطابق هائبرڊ نظام ۾ رهندڙ ملڪ جن ۾ پاڪستان، بنگلاديش، البانيا، آرمينيا، بوسنيا ۽ هرزيگوينا، ڪوموروس، فجي، جارجيا، اُردن، لبنان، ملائيشيا، ميڪسيڪو، مراڪش، نائيجيريا ۽ انڊونيشيا وغيره اچي وڃن ٿا.

پهريون دفعو  (1995) ۾ عورت پروفيسر، ٽيري لين ڪارل هائبرڊ ريجيم جو تصور پنهنجي مشهور مضمون(The Hybrid Regimes of Central America) جڳ مشهور آمريڪا جي جانس هاپڪنز يونيورسٽي جي جمهوريت جي رسالي(Journal of Democracy)  ۾ ڇپرائي ان جو تعارف ڪرايو، جنهن ۾ هُن سادي نموني سان اُن کي بيان ڪيو ته هائبرڊ ريجيم جمهوري ۽ آمراڻي عنصرن جو ميلاپ آهي.

  1. هائبرڊ نظام جو تصور ۽ ان جا مختلف پهلو:

هائبرڊ نظام جي ڪابه هڪ واضح وصف يا تصور نه آهي، جمهوريت تي تحقيق ڪندڙ عالمي ماهرن ۽ عالمي ادارن مختلف تصور يا وصفون ٻڌايون آهن، جن ۾ ڪجھه هيٺ ڏنيون ويون آهن:

  1. ليري ڊائمنڊ (سياسي سائنسدان ۽ جمهوريت جي اڀياس جو ماهر) موجب هائبرڊ نظام هڪ اُهڙو سياسي نظام آهي جنهن ۾ جمهوري ادارا ته موجود هوندا آهن (جهڙوڪ چونڊون)، پر اهي آزاد ۽ منصفاڻي طور ڪم ناهن ڪندا، حڪومت اقتدار کي برقرار رکڻ لاءِ جمهوريتي طريقيڪار سان گڏ غير جمهوري طريقا به استعمال ڪندي آهي. مثال طور؛ چونڊون ته ٿين ٿيون، پر انهن ۾ ڌانڌلي، ميڊيا ۽ مخالف جماعتن تي پابنديون ۽ جمهوريت ۽ آمريت جو ميلاپ شامل آهي.
  2. اسٽيون ليوٽسڪي (آمريڪي سياسي سائنسدان، هارورڊ يونيورسٽي جو پروفيسر) ۽ لوسن وي (آمريڪي/ڪينيڊين سياسي سائنسدان، يونيورسٽي آف ٽورنٽو)، هنن ٻنهي جي مطابق هائبرڊ نظام اهڙو نظام آهي جتي چونڊون ته ٿين ٿيون، پر حڪمران ڌر رياستي وسيلن جو غلط استعمال ڪري چونڊ مقابلي کي غير منصفاڻو بڻائي ڇڏي ٿي. جيئن؛ مخالف جماعتن کي محدود آزادي، عدالت ۽ ميڊيا تي حڪومتي اثر ۽ چونڊن ۾ حڪمران ڌر کي واضح فائدو ڏنو ويندو آهي.
  3. فريد زڪريا (مشهور صحافي، سياسي تجزيه نگار ۽ ليکڪ) جي سوچ مطابق ڪجھه ملڪ چونڊ ذريعي حڪومت ٺاهين ٿا، پر اُن ۾ شهري آزاديون، قانون جي بالادستي ۽ انساني حق محفوظ ناهن هوندا.
  4. فريڊم هائوس اهڙن ملڪن کي ڪجھه آزاد(Partially Free) سڏيو آهي، جنهن ۾ ڪجھه سياسي حق مليل هوندا آهن، پر شهرين کي مڪمل آزادي نه هوندي آهي.
  5. دي اڪنامسٽ انٽيليجنس يونٽ جي جمهوري انڊيڪس ۾ هائبرڊ ريجيم جي ائين درجابندي ڪئي آهي ته جتي چونڊن ۾ بيقاعدگيون، ميڊيا تي دٻاءُ ۽ عدليه جي محدود آزادي هجي.

هائبرڊ نظام ۾ گهٽ ۾ گهٽ هيٺيان پهلو موجود هوندا آهن:

  1. هائبرڊ نظام جمهوري نظام جي شڪل ۾ موجود هوندو آهي، جنهن ۾ چونڊ ٿيندي آهي، اسيمبليون ٺهنديون آهن، قانون سازي اسيمبلين جي ذريعي ٿيندي آهي، عدالتي نظام موجود هوندو آهي، ميڊيا ڪم ڪندي آهي، سول سوسائٽي کي ڪم جي اجازت هوندي آهي، پر سڀ ڊڪٽيٽرشپ يا فسطائيت جي ڪنٽرول ۾ هوندا آهن. مثال طور چونڊون شفاف ۽ منصفاڻيون نه هونديون آهن، انهن چونڊن جا نتيجا طاقتور ڌر جي مرضي مطابق ٺاهيا ويندا آهن، اسيمبلين جي ذريعي صوبائي/رياستي حڪومتون ٺاهيون وينديون آهن.
  2. آئين موجود هوندو آهي، پر آئين ۾ ڏنل شهرين جي بنيادي انساني حقن جي کليل لتاڙ هوندي آهي، عدليه به پنهنجو ڪم ڪندي رهندي آهي، پر انصاف نه ملندو آهي. هي سڀ ادارا اسيمبليون، حڪومتون، عدليه ۽ ميڊيا اِهي سڀ ڊڪٽيٽرشپ جي هدايتن تي ڪم ڪندا آهن. هي نظام مڪمل طور عوام کان جمهوري حق کسي ڪنهن خاص طبقي يا حڪومتي اداري کي ڏنو ويندو آهي.
  3. ان جي ڀيٽ ۾ جمهوريت جي وصف ۽ روح مطابق ماڻهن جي طرفان حڪومتون ٺهنديون آهن. صاف، شفاف ۽ منصفاڻيون چونڊون وقت تي ٿينديون آهن، عدليه آزاد هوندي آهي، ميڊيا کي ڪم ڪرڻ جي مڪمل آزادي هوندي آهي، شهرين جي بنيادي انساني حقن جي ضمانت ڏنل هوندي آهي ۽ حڪومت ماڻهن جي اڳيان جوابده هوندي آهي. هاڻي هن ٻن مختلف نظامن کي جڏهن توهان ڀيٽيو ٿا ته بظاهر ته ائين لڳندو آهي ته هائبرڊ ۽ جمهوريت جا ادارا هڪ جهڙا هوندا آهن، پر جمهوريت ۾ سڀ طاقت عوام وٽ هوندي آهي.
  4. هائبرڊ نظام ملڪ ۾ مڪمل طور خوف جو سرشتو پيدا ڪندو آهي ۽ ان ملڪ ۾ شهري آزادي ۽ اظهار جو حق استعمال نه ڪندا آهن، اُهي گهڻو ڪري احتجاج کان ڊنل هوندا آهن، ميڊيا تي ڪنٽرول جي ڪري حق ۽ سچ جي ٻولي غائب هوندي آهي ۽ حڪومتي پاليسيون عوام جي راءِ تي نه، پر قابض طاقت جي فائدي ۾ رائج هونديون آهن.
  5. ڏٺو اِهو ويو آهي ته هائبرڊ نظام جي ضرورت ان ڪري به پوندي آهي ته عالمي نظام ۾Legitimacy وٺي سگهبي آهي، پر اِهو هڪ لڪل ڊڪٽيٽرشپ جو نظام آهي. هن وقت جن به ملڪن ۾ هائبرڊ نظام موجود آهي انهن ملڪن کي عالمي قوتن جو مڪمل آشيرواد، حمايت ۽ مدد مليل آهي.
  6. هائبرڊ نظام ۾ سياسي طاقت ڪنهن وٽ آهي؟:

اِها ڳالھه ته واضح آهي ته جمهوريت ۾ سياسي طاقت ته صرف عوام وٽ هوندي آهي ۽ عوام پنهنجا نمائندا ۽ حڪومت پاڻ چونڊيندو آهي ۽ مقرر وقت کانپوءِ ان حڪومت کي واڌ ڏيڻ يا ان جي جڳھه تي ٻي حڪومت کي چونڊيندو آهي، پر هائبرڊ نظام ۾ اها طاقت عوام وٽ نه، پر ڪنهن ٻئي هنڌ هوندي آهي جنهن ۾ حڪومتي دفاعي ادارا، مشهوري پرست (Populist) سياسي اڳواڻ يا ڪنهن گروھ وٽ موجود هونديون آهن، تنهنڪري ڪوبه هڪ فارمولو هائبرڊ نظام جي ملڪن تي رائج نٿو ڪري سگهجي. مثال طور: وچ آمريڪا جي ملڪن ۾ گهڻو ڪري پاپولر جماعتون يا پاپولر اڳواڻن وٽ هونديون آهن.

  1. هائبرڊ نظام تي تنقيد:

هي نظام مڪمل طور غير جمهوري ۽ ڊڪٽيٽرشپ تي ٻڌل آهي. هن نظام ۾ اقتدار هڪ خاص اداري يا طبقي وٽ هوندو آهي، جيڪو حڪومت جي ادارن کي استعمال ڪري پنهنجي شخصي مفاد لاءِ اقتدار ۾ رهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. هائبرڊ نظام ۾ انساني حق ۽ سياسي آزادين تي مڪمل پابندي هوندي آهي ۽ ميڊيا (اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ سوشل نيٽورڪ) پابنديءَ هيٺ ڪم ڪندا آهن. هائبرڊ نظام ۾ شفافيت جي مڪمل کوٽ هوندي آهي ۽ ماڻهن جي راءِ جو احترام نه ڪيو ويندو آهي. هن نظام تحت رشوت ۽ خاص طبقي کي فائدي پهچائڻ لاءِ ناجائز معاشي سيڙپڪاڙي ۽ ترقياتي فيصلا ڪيا ويندا آهن. هن نظام ۾ عام شهري ۽ قابض طبقن جي وچ ۾ تمام گهڻو مفاصلو هوندو آهي، جنهن ۾ عوام جي حقن ۽ تڪليفن کي بلڪل نظرانداز ڪيو ويندو آهي. هائبرڊ نظام لاءِ چيو وڃي ٿو ته اُهو جمهوريت جو اڻپورو روپ آهي جيڪو ٿوري عرصي لاءِ ته ڪامياب ٿي سگهي ٿو، پر وڏي عرصي لاءِ اهو ملڪ يا سماج ۾ سياسي، سماجي، معاشي ۽ نفسياتي تباهي آڻيندو آهي. هائبرڊ نظام سماج ۾ ڊڪٽيٽرشپ ۽ فسطائيت جو ڪلچر پيدا ڪندو آهي.

پڄاڻي:

90 جي ڏهاڪي کان هڪڙو سياسي نظام ظاهر ٿيو آهي جنهن جمهوري نقاب ۾ مڪمل ڊڪٽيٽرشپ ۽ فسطائيت  جو روپ ڌاريو آهي. جمهوريت تي جيڪي به محقق ۽ ادارا ڪم ڪن ٿا انهن جي گهڻو ڪري هڪ ئي راءِ آهي ته هائبرڊ نظام ۾ ظاهري طور جمهوري ادارا قائم ٿيل آهن ۽ اُهي ڪم به ڪن ٿا، پر هڪ خاص ڊڪٽيٽرشپ يا فسطائيت جي اندر پابند ٿيل آهن. جمهوريت تي ڪم ڪرڻ جي ادارن مطابق اٽڪل 51 ملڪ هائبرڊ نظام ۾ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ دنيا جي 8.2 بلين آباديءَ مان 40 سيڪڙو عوام هن نظام کي ڀوڳي رهيو آهي. هائبرڊ نظام ماڻهن کان نه صرف جمهوري حق کسي ٿو، پر اُهو سماج ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ پيدا ڪري ٿو. جنهن ۾ شهرين جا سياسي، ثقافتي ۽ معاشي حق غضب ٿين ٿا. اُهي بنيادي انساني حقن کان به محروم آهن. هن نظام تحت هڪ خاص طبقو حڪمراني جي ذريعي ملڪ ۾ ڪرپشن، رشوت ۽ پنهنجن کي نوازڻ واري روش وڌائي ٿو ۽ عوام لاءِ معاشي تڪليفون (جهڙوڪ بک، بي روزگاري ۽ غربت) وڌائي ٿو. ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته هائبرڊ نظام جو مڪمل خاتمو ڪري سماج ۾ اصلي صورت ۾ جمهوري نظام قائم ڪيو وڃي، جنهن ۾ صاف، شفاف ۽ منصفاڻيون چونڊون، حڪومت جو احتساب، آزاد عدليه، انساني حقن جو تحفظ، ميڊيا جي آزادي ۽ حڪومت ماڻهن جي سياسي، سماجي ۽ معاشي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.