اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته ايران ايٽمي هٿيار نه ٺاهڻ تي متفق ٿي ويو هو، جوهري ڳالهين ۾ هاڪاري اڳڀرائي باوجود ايران تي حملو ڪيو ويو، ايران تي حملو ٿيو ته پاڪستان سرعام ان جي مذمت ڪئي. سينيٽ اجلاس ۾ ڳالهائيندي پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ايران تي حملي ۽ ايران جي مختلف ملڪن تي جوابي حملن کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي پاليسي بيان ڏنو. اسحاق ڊار چيو ته ايران کي سعودي عرب جي سرزمين حملن لاءِ استعمال نه ٿيڻ جي خاطري پاڪستان وٺي ڏني، ايران جي معاملي تي پاڪستان جي پرخلوص سفارتي ڪوششن کي ملڪ اندر غلط رنگ ڏيڻ مناسب ناهي. اسحاق ڊار ايوان کي ٻڌايو ته پاڪستان جي ڪوششن بابت ايراني قيادت ڀرپور آگاهه آهي، جڏهن پاڪستان وٽ سلامتي ڪائونسل جي صدارت هئي تڏهن به اسان آمريڪا ۽ ايران جي مسئلي تي ڪيترائي بحث ڪرايا. سندس چوڻ هو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جو عمل ڪاميابي سان هلي رهيو هو، جنهن ۾ عمان ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري رهيو هو، وڏي اميد هئي ته ايران سان ڳالهيون هاڪاري پاسي وڃي رهيون آهن، پر ان دوران گذريل سال جون جهڙو حملو ايران تي ٿي ويو. هن چيو ته” منهنجي آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سان به ملاقات ٿي، ايران ايٽمي هٿيار نه ٺاهڻ تي متفق ٿي ويو هو، پاڪستان ايران جي پرامن ايٽمي توانائي جي استعمال جي حق جي حمايت ڪئي، آمريڪا ايران جي سموري ايٽمي پروگرام کي مڪمل ختم ڪرڻ چاهيو پئي جڏهن ته اسان ايران کي پرامن ايٽمي پروگرام جاري رکڻ تي راضي ڪيو.“ سندس چوڻ هو ته اسان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ اسلام آباد ۾ ٽياڪڙي لاءِ تيار هئاسين، اسان جي موقف سبب ئي ايراني پارليامينٽ اندر تشڪر پاڪستان جا نعرا لڳا، سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان واضح لفظن ۾ ايران تي حملي جي مذمت ڪئي ۽ معاملي کي سفارتي سطح تي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملي جي جواب ۾ ايران نار ملڪن تي حملو ڪيو، ايران چيو ته آمريڪا جي اڏن تي حملو ڪري رهيا آهيون، اتي ايئرپورٽس کي نشانو بڻايو ويو، اسان کي هن تڪرار ۾ نه پوڻ گهرجي، جيڪڏهن انهن ملڪن تي حملو نه ٿئي ها ته اسان آمريڪا ۽ اسرائيل جي حوالي سان ايران سان گڏجي آواز بلند ڪريون ها، اسان کي خبر آهي ته مزاحمت ٿيندي آهي پر اسان 15 منٽن اندر مذمت ڪئي.اسحاق ڊار چيو ته 12 سالن کان پوءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ اتفاق راءِ سان ٺهراءُ پاس ٿيو، حڪومت طرفان ڳالهين جي ڪوششن ۾ ڪا گهٽتائي ناهي، اسان مڪمل طور آن بورڊ آهيون، مان ۽ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سڌي رابطي ۾ آهيون، رابطي لاءِ اسان کي پرڏيهي کاتي جي ضرورت ناهي.