علائقائي صورتحال، وزيراعظم پاران اڄ پارلياماني قيادت جو اجلاس طلب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف عالمي صورتحال تي پارلياماني قيادت جو اجلاس اڄ سڏائي ورتو آهي. وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار سينيٽر راڻا ثناءُ الله موجب پارلياماني ليڊرز جو ان ڪئميرا اجلاس ۾ محمود خان اچڪزي ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر کي به  دعوت ڏني وئي آهي. سينيٽر راڻا ثناءُ الله ٻڌايو ته وزيراعظم اڄ صبح ساڍي يارهين وڳي رٿيل اجلاس ۾ سمورن پارٽين جي سربراهن ۽ پارلياماني قيادت کي دعوت ڏني آهي. هن وڌيڪ چيو ته خطي جي موجوده صورتحال ۽ ايران تي ٿيل حملن بابت آگاهي لاءِ سڀني کي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي. سينيٽر جو چوڻ هو ته وزيراعظم جي هدايتن موجب اپوزيشن قيادت ۽ پارٽي سربراهن کي اجلاس ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻن کي چيو ويو آهي ته ذاتي ۽ جماعتي سياست کان هٽي ڪري مشورن ۾ حصو وٺن. ان سلسلي ۾ محمود اچڪزئي چيو ته حڪومت کي چيو آهي ته پارليامينٽ اجلاس گهرايو وڃي. هن چيو ته اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ جو فيصلو اڄ صبح ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.