ايران ڪرد فوج کي ملڪ اندر داخل ڪرڻ جي آمريڪي سازش ناڪام بڻائي ڇڏي

تهران(عوامي آواز نيوز)ايراني صحافي جون حسين چيو آهي ته ايران هيل تائين نار وارن   ملڪن تي حملا انهيءَ لاءِ ڪري رهيو آهي ڇو ته پهرين وڏي حملي کان پوءِ آمريڪي بحري جهاز ابراهيم لنڪن پوئتي هٽي ويو، ۽ ان کان پوءِ سڀئي حملا نار وارن ملڪن جي آمريڪي ايئر بيسز تان ٿي رهيا آهن،هن چيو ته ايران آمريڪا پاران ڪوريا کان گهرايل ميزائل انٽرسيپٽرز کي 30 ڪامي ڪازي ڊرونز سان نشانو بڻائي ختم ڪري ڇڏيو آهي.هيلتائين ايراني فوج 15 ويوز ميزائل لانچ ڪري چڪي آهي. ايران گذريل 48 ڪلاڪن ۾ جيڪي ميزائل فائر ڪيا آهن، اهي گذريل جنگ ۾ ڪڏهن به نه فائر ٿيا هئا،هن چيو ته ايران آمريڪا جي ڪوشش کي به ناڪام بڻايو آهي ته ڪرد فوج کي ايران ۾ داخل ڪيو وڃي.ايران ۾ جيڪي جذبات آهن، ان تي مان حيران آهيان، ڇو ته ايران ڀر جا ماڻهو علي خامنه اي لاءِ روئي رهيا آهن ۽ گهڻا ماڻهو رستن تي نڪتل آهن.هاڻي جيڪو ٿي رهيو آهي، اهو ايران جو انتقام آهي.

قطر ۾ موساد جو سيل ناهي:پرڏيهي وزارت

دوحا(عوامي آواز نيوز)قطر جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماجد الانصاري چيو آهي ته ايران قطر ۾ ميزائل حملي کان اڳ اطلاع نه  ڏني هئي. دوحا ۾ پريس ڪانفرنس دوران ترجمان چيو ته ايران نه رڳو فوجي تنصيبات تي حملو ڪيو، پر سڄي قطر ۾ حملا ڪيا، قطر جي حمد انٽرنيشنل ايئرپورٽ کي به نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جيڪا ناڪام ٿي وئي.ترجمان وڌيڪ چيو ته في الحال ايران سان اسان جو ڪو رابطو ناهي، اسان وٽ موساد سيل جي موجودگي بابت ڪا اطلاع ناهي،هن چيو ته .اها دعويٰ غلط آهي ته خليجي ملڪن تي دٻاءُ وجهڻ سان ڳالهين ۾ واپس آڻجي سگهجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.