ايران جو يورپ کي حملن ۾ شريڪ ٿيڻ کان پري رهڻ جو چتاءُ

تهران (م ڊ) ايراني پرڏيهي کاتي جي ترجمان اسماعيل بقائي يورپي ملڪن کي خبردار ڪيو آهي ته اهي ايران خلاف ڪنهن به  قسم جي فوجي ڪارروائي يا حملي ۾ شامل ٿيڻ کان پاسو ڪن. ايران جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن يورپي ملڪ ايران خلاف جنگ ۾ شريڪ ٿيا ته ان کي باضابطا اعلانِ جنگ تصور ڪيو ويندو. ترجمان واضح ڪيو ته اهڙي ڪنهن به عمل کي ايران خلاف اڳرائيءَ ۾ برابر جي شرڪت سمجهيو ويندو. ايران پاران هي بيان هڪ اهڙي وقت ۾ آيو آهي جڏهن علائقي ۾ ڇڪتاڻ وڌيل آهي، جنهن جو مقصد يورپي قوتن کي مداخلت کان روڪڻ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.