چين پاران ايران تي اسرائيلي ۽ آمريڪي حملن جي مخالفت، ترت جنگ بندي جو مطالبو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ايران خلاف اسرائيلي ۽ آمريڪي فوجي حملن جي مخالفت ڪندي فوري طور جنگبندي جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
چيني پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل بيان موجب، چيني پرڏيهي وزير وانگ ئي اڱاري ڏينهن پنهنجي اسرائيلي هم منصب گيڊيئن سار سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ”طاقت جو استعمال مسئلن جو حل ناهي، پر ان مان نوان مسئلا جنم وٺندا آهن ۽ ڊگهي مدي ۾ سنگين نتيجا سامهون ايندا آهن.“
بيان موجب، وانگ ئي چيو ته ”فوجي طاقت جي اصل اهميت جنگ جي ميدان ۾ ناهي، پر جنگ کي روڪڻ ۾ آهي.“
هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ”چين بين الاقوامي ۽ علائقائي تڪرار ڳالهين ۽ ڊائيلاگ ذريعي حل ڪرڻ تي يقين رکي ٿو ۽ موجوده صورتحال ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو.“
واضح رهي ته ان کان اڳ چيني پرڏيهي وزير سومر ڏينهن ايران، عمان ۽ فرانس جي پرڏيهي وزيرن سان پڻ رابطو ڪيو هو، جڏهن ته چيني پرڏيهي وزير آچر ڏينهن روسي هم منصب سرگئي لاوروف سان به ايران جي صورتحال تي ڳالهايو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.