لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي 11هين ايڊيشن ۾ شامل ٿيندڙ فرنچائيز سيالڪوٽ اسٽالينز کي باضابطا طور تي ملتان سلطانز جي نالي سان ري برانڊ ڪيو ويو آهي.
ان تبديلي جي تصديق اڱاري ڏينهن پي ايس ايل جي چيف ايگزيڪٽيو سلمان نصير ڪئي.
اهو اعلان هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ سلمان نصير، فرنچائز جي مالڪ حمزا مجيد ۽ سي ڊي وينچرز جي سربراهه گوهر شاهه شرڪت ڪئي.
او زي ڊيولپرز اسلام آباد ۾ ٿيل ٽيم نيلامي دوران سيالڪوٽ اسٽالينز جي فرنچائيز 10 سالن لاءِ 18.5 ارب رپين ۾ خريد ڪئي هئي، پر هاڻ ان ڪمپني سي ڊي وينچرز سان اسٽريٽجڪ ڀائيواري قائم ڪئي آهي.
هن ڀائيواري جي تحت گوهر شاهه کي فرنچائز جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي ۽ فرنچائز جو نالو تبديل ڪري ملتان سلطانز رکيو ويو آهي.
You might also like