بيروت (ويب ڊيسڪ) لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله ڏکڻ لبنان ۾ ٻن اسرائيلي مارڪوا ٽينڪن کي نشانو بڻائڻ جو دعويٰ ڪئي آهي.
جاري ڪيل بيان موجب، حزب الله جي ويڙهاڪن ڪفر شوبا ۽ ڪفر ڪلا وارن علائقن ۾ ٻن اسرائيلي مارڪوا ٽينڪن کي نشانو بڻايو.
حزب الله جو چوڻ آهي ته ڪفر ڪلا ۾ نشانو بڻايل اسرائيلي ٽينڪ کي ڪڍڻ لاءِ آيل ٻن اسرائيلي ٽينڪن کي به نشانو بڻايو ويو.