سنڌ جو عوام سنڌو درياهه جو وڪرو برداشت نه ڪندو: سنڌياڻي تحريڪ

ڪراچي (پ ر) سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئير نائب صدر نور احمد  ڪاتيار، ايڊووڪيٽ خالد تنيو، پره سومرو، زبير نوناري 17 نومبر تي اعلانيل ريلي لاءِ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گهر گهر وڃي دعوتون ڏنيون. رزاق آباد ۾ عوامي پريس ڪلب ملير ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئير نائب صدر نور احمد ڪاتيار، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، پره سومرو، خالد تنيو چيو ته سنڌو درياهه سنڌ جي جياپي جو واحد ذريعو آهي، سنڌ جو عوام سنڌو درياهه جو وڪرو برداشت نه ڪندو، پنجاب جا حڪمرانن ڏيڍ سئو سالن کان سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙا هڻي رهيا آهن، انهن کي سنڌ جي پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي جو حساب ڏيڻو پوندو، هندستان کي وڪرو ڪيل ٽي ندين ۾ سنڌ جي مرضي شامل ناهي، هندستان سان ڪيل معاهدو آبي دهشتگردي آهي. سنڌ جو پاڻي پنجاب ۽ هندستان جا حڪمران ملي ڀڳت ڪري چوري ڪري رهيا آهن، سنڌ جو پاڻي چوري ٿيڻ سبب خوشحال ۽ سر سبز سنڌ بدحال ۽ بنجر بڻجي وئي آهي، سنڌ ۾ ماحولياتي تباهي آئي آهي، گرمي پد ۾ اضافو ٿيو آهي، پاڻي بند ٿيڻ سبب تمر جا ٻيلا تباهه ٿي ويا آهن، ٺٽي، سجاول ۽ بدين جون هزارين ايڪڙ زمينون سمنڊ پائي ويو آهي. لکين مهاڻا دربدر ٿيا آهن. ٻي طرف عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئير نائب صدر نور احمد ڪاتيار ۽ خالد تنيو ابراهيم حيدري ۾ پاڪستان فشر فوڪ فور جي چيئرمين مهراڻ سنڌي، حاجي شفيع محمد ڄاموٽ جي فرزند سهيل ڄاموٽ ۽ ٻين کي دعوتون ڏنيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.