ميڊيا اندر روز خبرن جو طوفان هوندو آهي، روز خبرن جو نئون طوفان برپا ٿيندو آهي خبرن جي ان طوفان ۾ ڪيتريون ئي خبرون ٻڏي وينديون آهن جنهن نتيجي ۾ انهن جو فالو اپ ياد ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته نئين ۽ تازين خبرن جي ئي اثر مان ماڻهو ناهي نڪري سگهندو تنهن ڪري عام طور تي گهڻيون خبرون ۽ واقعا پوءِ يا ته وسري ويندا آهن يا وري ياد هوندي به نئين خبرن سبب انهن ڏانهن جوڳو ڌيان ناهي ويندو .
پر جس آهي دادو جي سيتا سرجڻهار فورم کي جيڪو روز پريا ڪماري جو واقعو ياد ڏياريندي رهندو آهي ته پريا ڪماري کي اغوا ٿئي هيترا ڏينهن گذري چُڪا آهن. اها تنظيم جيڪڏهن رڳو پريا ڪماري جي اغوا جي واقعي جا روز ڏينهن ئي ڳڻائي تڏهن به وڏي ڳالهه آهي پر ان پريا ڪماري جي اغوا واري واقعي جي ياد ۾ باقاعدي تحريڪ هلائي رهي آهي جيڪا غير معمولي ڳالهه آهي.
دادو مان ان پرياڪماري جي بازيابي لاءِ هلندڙ تحريڪ جي رپورٽ غوث جهتيال باقاعدگي سان موڪليندو آهي. سندس تازي رپورٽ موجب پريا ڪماري 23 مهينن کان اغوا ٿيل آهي جڏهن ته سيتا سرجڻهار فورم کي اها تحريڪ هلائيندي 219 ڏينهن گذري چُڪا آهن. فورم جا سرواڻ مشهور ميمڻ، شهزاد علي ميمڻ، شبير احمد بالادي، علي اڪبر خانزادو، آصف خانزادو، عبدالرزاق سيال، آذان ميمڻ، محبوب علي بالادي روز پريا ڪماري جي آزادي جو مطالبو ڪندا آهن.
پريا ڪماري کي سکر جي ويجهو سنگرار شهر مان ڏهين محرم جي سبيل پياريندي اغوا ڪيو ويو هو. 9 سالن جي اها ٻارڙي اها سبيل پياري اصل ۾ سنڌ جي عظيم مذهبي رواداري جي روايت ورجائي رهي هئي. اها جيئن ته سنڌ جي عظيم روايت رهي آهي جيڪا سنڌ جي مخصوص سڃاڻپ رهي آهي سا جيئن ته سنڌ جي هندو ۽ مسلمان برادري ۾ صدين کان قائم آهي تنهن ڪري پريا ڪماري کي ڀلي پاڻ کي شعوري طور ان شاندار پس منظر جي پروڙ نه هجي پر سندن والدين کي جيئن ته ڀلي ڀت ان جي تاريخي ڄاڻ هئي ته يقينن انهن ئي پنهنجي ڌيءُ کان ان عظيم مذهبي رواداري جي روايت جي آبياري ڪرڻ چاهي هوندي پر کين بلڪل به اهو اندازو نه هوندو ته ان نيڪي جي صلي ۾ کين ناقابل برداشت سزا ملندي ۽ سنڌ ان جي عظيم مذهبي رواداري جي روايت کي ڌڪ رسائڻ لاءِ سندن معصوم ڌيءُ کي ايئن اغوام ڪري گم ڪيو ويندو جو اها ڳولهيو نه لڀيندي.
پرياڪماري جو اغوا يقينن هڪ معمو آهي پر هن جديد دور ۾ اهو معمو نه هئڻ گهرجي. هن دور ۾ اصولي طور رياستي، حڪومتي ۽ انتظامي ادارن کي پنهنجن جديد وسيلن سان پنهنجي گورننس ته جيڪر وڌيڪ مضبوط ڪرڻ گهرجي پر حيرت جي ڳالهه آهي ته جديد ٽڪنالاجي جو وري بدي جي طاقتن بظاهر وڌيڪ فائدو ورتو آهي. بظاهر ان ڪري ٿا چئون جو اسان اهو مڃڻ لاءِ تيار ئي ناهيون ته ڪو حڪومتي ۽ رياستي نيٽ ورڪ کان بدي ۽ ڏوهاري طاقتن جو نيٽ ورڪ مضبوط ٿي سگهي ٿو. اسان جو خيال آهي ته بدي ۽ ڏوهاري طاقتن جو نيٽ ورڪ اصل ۾ خود حڪومت ۽ رياست يا مقامي انتظاميا جي سهڪار ڪري ئي مضبوط ٿيو آهي. حڪومتي ۽رياستي سهڪار بنا سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي ته ڪو بدي ۽ ڏوهاري جي طاقتن جو نيٽ ورڪ حڪومتي نيٽ ورڪ کان مضبوط ٿي سگهي. سو هتي حيرت انگيز طور تي هڪڙن خاص سياسي سامراجي اقتداري ۽ انتظامي مفادن ڪري ملڪ کي ڪرائيم اسٽيٽ بڻايو ويو آهي.
پرياڪماري جي اغوام واري واقعي ۾ به گهڻا ئي شڪ شهبا آهن،جن هن اغوا جي هڪ واقعي کي معمو بڻائي ڇڏيو آهي. عام تاثر اهو آهي ته پريا جي اغوا واري واقعي ۾ جيئن ته با اثر ڌريون ملوث آهن جيڪي ميڊيا ۾ نشانبر به ٿي چُڪيون آهن پر انهن تي طاقت ور ڌرين جو هٿ آهي. اهي طاقت ور هٿ غير جانبدار ٿين ۽ جوابدارن جي سرپرستي ڪرڻ ڇڏي ڏين ته هڪ هفتي اندر پريا ڪماري بازياب ٿي سگهي ٿي. هن ڪيس ۾ اسان سڀني جون اکيون تڏهن کُلي ويون هيون جڏهن پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه پريا ڪماري بابت پڇيل هڪ سوال صحافين مٿان ڏمرجي پيو ته آخر اوهان کي پريا ڪماري جي ايتري ڇو ڳڻتي آهي۽ ٽن سالن کان پوءِ اوهان کي وري ڇو اها ياد آئي آهي. ان بيان مان ڇا اهو تاثر نٿو ملي ته حڪومت پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ سنجيده ناهي ۽ ڄاڻي واڻي ڪن لاٽار ڪري رهي آهي. بهرحال ڪجهه به هجي حڪومت ٽن سالن کان پرياڪماري جي اغوا جو بظاهر پتو نه لڳائي سگهي آهي، اها نه ٻڌائي سگهي آهي ته پريا جيئري به آهي يا نه. جيڪڏهن زندهه آهي ته ڪٿي آهي. حڪومتي بيانن مان ڪجهه وقت اڳ اهو ظاهر ٿي رهيو هو ته شايد ان کي پتو پئجي ويو آهي ۽ اها ڪنهن ڊيل ذريعي پريا ڪماري کي بازياب ڪرائي وجهندي اهڙو اشاور به ڏنو ويو هو پر وري اهو معاملو پس پر ده هليو ويو. تنهن ڪري اسان جو خيال آهي ته جيستائين ڪيس ۾ دٻاءُ نه وڌو ويندو تيستائين ڪو کڙ تيل نه نڪرندو. پر اهو دٻاءُ وجهڻ به ڪنهن جوکم کان گهٽ ناهي. اهو به به ممڪن آهي ته با اثر طاقتن پريا ڪماري جي والدين کي به ڌمڪائي خاموش ڪرايو هجي ۽ کين موتمار انتظار ۽ رت جا ڳوڙها وهائڻ تائين محدود ڪيو هجي. جڏهن ته سنڌ واسين به پنهنجي وس ۽ وت آهر گهڻو ڪجهه ڪيو آهي، تمام گهڻو آواز اٿاريو آهي. پر جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي ته خبرن جي روز برپا ٿيندڙ طوفان سبب پراڻيون خبرون ۽ واقعا دٻجي وڃن ٿا پر شابس آهي دادو جي سيتا سرجڻهار فورم کي جيڪا روز پريا ڪماري کي پاڻ به ياد ڪري ٿو ۽ حڪومت کي به سندس بازيابي ياد ڏياري ٿو جنهن جو لازمي آهي ته ڪو کڙ تيل نڪرندو، ان ڪري اسان دادو جي سيتا سرجڻهار فورم جي ان تحريڪ کي واکاڻيون ٿا ۽ اميد ڪيون ٿا ته سندن اها تحريڪ ضرور گهربل نتيجي تي پهچندي.