ذهني بيماريون، حساس ذهن ۽ سماجي رويا

سيما عباسي

انساني ذهن هڪ  اهڙي منفرد ۽ نازڪ جهان جو نالو آهي، جنهن ۾ احساسن جا وھڪرا، خيالن جا طوفان ۽ يادن جا پاڇا گڏجي  هڪ اهڙي سمنڍ  جي تخليق ڪن ٿا، جنهن جي تري ۾ لڪل درد کي هميشه ظاهري لفظ نٿا اظھاري سگهن. جسم زخمي ٿئي ته پٽي ٻڌي ويندي آهي، پر ذهن زخمي ٿئي ته گهڻا ماڻهو ان زخم کي ڏسندي  به نه سڃاڻي سگهندا آهن.

اسان جي سماج جو الميو اهو آهي ته ذهني بيمارين کي اڄ به بيماري نٿو مڃيو  ۽ سمجهيو وڃي. ڊپريشن هجي يا بيچيني، انزائيٽي هجي يا ذهني فوبيا، دل جي زخم کي اڪثر ماڻهن “چريائپ”، “ڊرامو” يا “ڪمزوري” جو نالو ڏئي ڇڏيندا  آهن. نتيجي ۾ جيڪي ماڻهو ذهني طورىاندر ئي اندر پنهنجي ذاتي مسئلن جا جهيڙا وڙهي رهيا هوندا آهن، سي پنهنجي درد کي لڪائڻ ۾ ئي ٿڪجي پوندا آهن ۽ اندروني وحشت سندن شخصيت جا املھ گهرا جوھر کائي ڇڏيندي آهي. حساس ذهن رکندڙ انسان، خاص ڪري فنون لطيفه سان لاڳاپيل فڪري ۽ هنري تناظر جي ماڻهن ۾ اهي تڪليفون وڌيڪ شدت سان محسوس ٿين ٿيون، ڇاڪاڻ⁠ ته انهن جي نظر عام نگاهه کان گهري، انهن جي دل عام دلين کان نرم ۽ انهن جو احساس عام احساسن کان هزار درجا وڌيڪ جاڳيل ۽ گهرو هوندو آهي. هڪ معمولي جملي جو زخم به انهن لاءِ تيز ترين محسوس ٿيندو آهي

سماج جي سخت لفظن، لاپرواهيءَ  ۽ بي حسي وارن روين  ۾ انهن جي اندر جي دنيا آهستي آهستي ٽٽڻ ۽ ڌڏڻ لڳندي آهي. سماج اديب کان سوچ ته وٺي ٿو، پر ان سوچ جي قيمت طور سندس درد کي سمجهڻ لاءِ تيار ناهي. اهڙي ناموافق اديبن، فنڪارن ۽ حساس ماڻهن کي نفسياتي مونجهارا نفسياتي بيمارين جي ڪناري تائين وٺي وڃن ٿا اڪثر ڪري جتي ماڻهو ٻين کي مسڪراهٽ ڏيندا رهن ٿا پر پنهنجي اندر ۾ خاموش ماتم کڻي گهمندا وتندا آهن. ذهني بيماريءَ جي علاج ۾ سڀ کان پهرين ضرورت دوا نه پر انساني روين جي ٿيندي آهي. ذهن کي دوا کان اڳ ڪنهن جي هٿ جي ضرورت هوندي آهي، ڪنهن جي ٻڌڻ جي ضرورت هوندي آهي، ڪنهن جي دل سان ڳنڍجڻ جي ضرورت هوندي آهي. جديد نفسيات به ان ڳالهه تي متفق آهي ته ذهني تڪليفن جي شروعاتي مرحلن ۾ ڪائونسلنگ، ٽاڪ ٿراپي ۽ جذباتي سهڪار دوا کان وڌيڪ اثرائتو نتيجو ڏين ٿا. ڇو ته گفتگو زخم جي جڙ تائين پهچي ٿي، جڏهن ته دوا رڳو تڪليف کي ڪجههه وقت لاءِ سلائيڊ ڪري ٿي.

ساڳي تناظر ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ڊاڪٽر بلال جي خودڪشي به گهڻو زير بحث رهي آهي هن جي وال کي وزٽ ڪبو ته هڪدم اهو احساس ٿيندو ته خودڪشي کان اڳ ڳچ عرصو هو پنهنجي پوسٽين ۽ لفظن رکڻ جي تناظر ۾ شديد ڊپريشن ۽ انزائيٽي جو شڪار هيوهتي ماڻهن جي بي حسي تي به شديد ڪاوڙ اچي ٿي ته هن سان دوستيءَ جا دعويدار يا هن سان واسطيدار ماڻهن هن جي انهن مايوسي وارن پوسٽين تي هن جي خودسوزي کان پهريان ڪن.

حقيقت اها آ ته ڪنهن سان دل جي ڳالهه ڪري روئي پوڻ علاج آهي، ڪنهن جو ٻڌڻ وارو ڪن هجي ته اهو دوا آهي، ڪنهن جي قبوليت ۽ احترام دل کي ٻيهر جيئڻ سيکاري ٿو.اسان جي سماج کي سڀ کان پهرين اها تبديلي آڻڻي پوندي ته ذهني بيماريءَ کي شرمندگي نه سمجهيو وڃي. جنهن ڏينهن انسان ذهن جي تڪليف تي به اوترو ئي سنجيده ٿيو ويندو، جيترو جسماني بيماريءَ تي ٿيندو آهي، ان ڏينهن گهڻا گهر ٽٽڻ کان بچي ويندا، گھڻا نوجوان اداسيءَ کان بچي ويندا ۽ گھڻا حساس ذهن تباهيءَ بدران تخليق جي راهه ڏانهن موٽي ايندا. قومن کي زوال تڏهن ايندو آهي جڏهن هو ذهني  بيماريءَ کي نظرانداز ڪنديون آهن. ڇو ته فڪر ٽٽي پوي ته مستقبل ٽٽي پوندو آهي  ذهني تڪليف عيب ناهي. اديبن کي، فنڪارن کي، ۽ حساس دلين کي سهارو ڏيڻ، سندن درد کي سمجهڻ ۽ سندن احساس جو احترام ڪرڻ ئي سماجي شفا جو پهريون قدم هئڻ گهرجي. ذهنن کي سهارو ڏيڻ دراصل نسلن کي سهارو ڏيڻ جي برابر آهي. جيڪو سماج سوچيندڙ ذهنن کي بچائي ٿو، اهو سماج پنهنجي آئيندي کي روشن ڪري ٿو.

حقيقت اها آهي ته ذهني تڪليف جو حقيقي علاج دوا جي دٻن ۾ نه پر انسانن جي روين ۾ لڪل هوندو آهي. جڏهن ڪنهن جي ذهن ۾ خوف جا پاڇا لرزن ٿا، جڏهن  ڪاريون راتيون سمهڻ کان انڪار ڪن ٿيون، جڏهن دل روزمره جي شور ۾ به اجاڙن وانگر لڳڻ لڳي ٿي، تڏهن اصل ۾ انسان دوا نه، بلڪه ڪنهن جي موجودگي چاهي ٿوڪنھن جو اطمينان ڏيندڙ آواز، ڪنهن جي همدردي  واري ڏسندڙ اک، ڪنهن جي احترام ڀري ڳالهه. ٽاڪ ٿراپي، ڪائونسلنگ ۽ جذباتي سهڪار اڄ جديد نفسيات جا سڀ کان مضبوط طريقا مڃيا وڃن ٿا، ڇو ته اهي انسان جي اندر لهي، تڪليف جي بنياد تائين رسن ٿا سچ اهو آهي ته گفتگو روح جي دوا آهي؛ جڏهن لفظ اندر ئي اندر قيد ٿي وڃن ٿا، تڏهن ماڻهو ٻاهر کان زنده پر اندر کان مُرده ٿيڻ لڳندو آهي. ڳالهائڻ، اظهار ڪرڻ ۽ روئڻ اهي سڀ علاج آهن. انهن سان ذهن جو دٻاءُ هلڪو ٿيندو آهي. ڪنهن جي نرم روئي سان هڪ ڀيرو روئي وٺڻ ڪڏهن ڪڏهن هڪ مهيني جي دوا کان وڌيڪ فائديمند ثابت ٿيندو آهي ٿو.

خاندان هن سفر ۾ سڀ کان اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن گهر ۾ اهڙو ماحول هجي جتي ماڻهو پاڻ کي بنا خوف ظاهر ڪري سگهن، ته گھڻا ذهني طوفان آمدگي جي هوا سان ئي ٿمجي وڃن. پر بدقسمتي سان اڪثر گهرن ۾ ماڻهو ٻڌڻ بدران فيصلو ٻڌائن ٿا، سمجهڻ بدران تنقيد ڪن ٿا، ۽ علاج ڏيڻ بدران نالا رکڻ ۽ طنز ڪرڻ شروع ڪن ٿا. هڪ لفظ انسان کي ٽوڙي سگهي ٿو، ۽ هڪ لفظ انسان کي ٻيهر بڻياد ڏئي سگهي ٿو. انهيءَ ڪري گهر، دوست ۽ معاشرو علاج جا پهريان درجا آهن،

اديبن ۽ حساس ذهن وارن ماڻهن لاءِ سهارو ٻيڻو اهم آهي. شاعر، فنڪار ۽ فڪر جا ماڻهو پنهنجي ئي احساسن جي دنيا ۾ رهندا آهن؛ اهي دنيا کي ٻين کان گهرو ڏسندا آهن ۽ ٻين کان گهري ڪيفيت محسوس ڪندا آهن. جيڪڏهن اهڙن دلين کي مذاق، لاتعلقي يا بدگماني ملي ٿي ته اهي ورهين جو زخم کڻي خاموش ٿي وڃن ٿا. ۽ جڏهن حساس دلين تي سماج جا ڀاري جملہ پوڻ لڳن ٿا ته تخليق جو چشمو به سڪي سگهي ٿو. تنهن ڪري اديب کي ڏک نه، ڀروسو کپندو آهي؛ خاموشي نه، گفتگو کپندي آهي؛ تذليل نه، عزت کپندي آهي. دنيا جون مهذب قومون پنهنجي فنڪارن ۽ فڪر جي ماڻهن جي نفسياتي سنڀال کي قومي ذميواري سمجهن ٿيون، ڇو ته انهن کي خبرهوندي آهي ته فڪر جي تاريڪي سان قومون اونداهيءَ هيٺ اچي وينديون آهن.

اسان جي تعليمي ادارن کي به هاڻي اهو شعور پيدا ڪرڻو پوندو ته نفسياتي صحت ڪنهن سبجيڪٽ کان گهٽ ناهي. اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ڪائونسلنگ روم، پرسڪون ڳالهه ٻولهه جا موقعا ۽ استاد، شاگردن لاءِ ٻڌندڙ وجود طور هجڻ گهرجن. نوجوانن کي اهو احساس هئڻ گهرجي ته ذهن جي تڪليف ڪنهن ڪمزوري جو نالو نه آهي، بلڪه هڪ اهڙي حالت آهي جنهن جو علاج موجود آهي۽ ان لاءِ شرم نه شعور جي ضرورت آهي.

آخرڪار، ذهني بيماريءَ مان نڪرڻ جو رستو انسان کي پاڻ مان ئي ملندو آهي، پر اهو تڏهن ممڪن ٿئي  سگهي ٿو جڏهن سماج سندس هٿ نه ڇڏي. محبت ڪنهن به علاج کان وڌيڪ اثرائتي دوا آهي، گفتگو روح جو وينٽيليٽر آهي، ۽ قبوليت ذهن جي آڪسيجن. جنهن ڏينهن اسان ڪنهن جي تڪليف کي سمجهڻ، ٻڌڻ ۽ ڀاڪر ۾ ڀرڻ سکيو، ان ڏينهن اسان جو سماج اندر کان صحتمند ٿي ويندو. ذهن بچايو، دلين کي عزت ڏيو، ۽ احساسن کي زخم بڻجڻ نه ڏيو، ڇاڪاڻ⁠ ته جيڪو سماج ذهنن جي سنڀال ڪري ٿو، اهو سماج پنهنجي تقدير جي سنڀال به پاڻ ڪرڻ سکي وٺي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.