تهران/واشنگٽن/تل ابيب(ويب ڊيسڪ) ايران هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪا سان ڳالهين کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته سعودي عرب، اسرائيل، آمريڪا ۽ ڪئناڊا سميت ڪيترن ئي ملڪن جا اڳواڻ تازي ڇڪتاڻ تي سخت بيان ڏئي رهيا آهن، علائقي ۾ فوجي ڪاررواين، آبنائي هرمز تي ڪنٽرول جي دعوائن ۽ مارجي ويل فوجين بابت رپورٽن سبب صورتحال وڌيڪ ڳنڀير ٿي وئي آهي، جنهن سان وچ اوڀر ۾ تڪرار نئين مرحلي ۾ داخل ٿيندي نظر اچي رهيو آهي.
پرڏيهي خابرو ادارن جي رپورٽن موجب،ايران هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪا سان ڳالهين ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
شهيد آيت الله خامنه جي سينيئر صلاحڪار محمد مخبر چيو آهي ته ايران آمريڪا سان ڪڏهن به ڳالهيون نه ڪندو ۽ ايران جا آمريڪين سان ڪنهن به قسم جو ڪو به رابطو نه آهي.
بزدلاڻن حملن کانپوءِ ايراني اڳرائيءَ جو جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکون ٿا: سعودي عرب
عرب ميڊيا موجب، اڱاري جي رات سعودي ڪابينا جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن جي صدارت ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان ويڊيو لنڪ ذريعي ڪئي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اجلاس ۾ خطي جي موجوده صورتحال ۽ علائقائي ۽ عالمي سلامتي ۽ استحڪام تي ان جي اثرن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.
سعودي ڪابينا چيو ته مملڪت بزدلاڻن حملن کانپوءِ ايراني اڳرائيءَ جو جواب ڏيڻ جو مڪمل حق محفوظ رکي ٿي.
آيت الله خامنه اي کانپوءِ سندس هر جانشين کي نشانو بڻائينداسين: اسرائيلي بچاءُ وارو وزير
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ اسرائيلي بچاءُ واري وزير اسرائيل ڪاٽز ڌمڪي ڏيندي چيو ته آيت الله خامنه اي جي ڪنهن به جانشين کي نشانو بڻائڻ لاءِ اسرائيلي وزيراعظم ۽ هن فوج کي تيار رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته آمريڪي ڀائيوارن سان گڏجي ايراني حڪومت خلاف آپريشن جاري رکنداسين.
تهران ۾ ايراني جنگي جهاز کي ڪِيرائي ڇڏيو: اسرائيلي فوج
اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيلي جنگي جهاز تهران ۾ ايراني جنگي جهاز کي ڪِيرائي ڇڏيو.
اسرائيلي فوج موجب، ايراني جهاز کي اسرائيلي ايف 35 جنگي جهاز تهران جي فضا ۾ نشانو بڻايو.
آبنائي هرمز تي مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي: ايراني گارڊز جي دعويٰ
ايراني گارڊز دعويٰ ڪئي آهي ته هنن آبنائي هرمز تي مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي.
پاسدارانِ انقلاب جي اعليٰ عهديدار چيو ته آبنائي هرمز ۾ ايراني تنبيهه کي نظرانداز ڪندڙ 10 کان وڌيڪ آئل ٽينڪرز کي نشانو بڻايو ويوآهي.
ان کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته ضرورت پوڻ تي آبنائي هرمز ۾ ڪمرشل جهازن سان گڏ آمريڪي نيوي ويندي.
آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته جهازن جي انشورنس ۾ آمريڪي مالي ادارو مدد ڪندو.
سندس چوڻ هو ته آئل ٽينڪرز سميت سمورن واپاري جهازن کي انشورنس ۽ گارنٽيز فراهم ڪيون وينديون، ان قدم جو مقصد ايراني نار ۾ جاري ڇڪتاڻ دوران واپاري سرگرمين جو تحفظ آهي.
ايران کي خطي ۾ عدم استحڪام ۽ دهشتگردي جو بنيادي ذريعو سمجهون ٿا: ڪئنيڊين وزيراعظم
ڪئناڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني چيو آهي ته ايران جو هاڻوڪو تڪرار عالمي آرڊر جي ناڪامي جو هڪ ٻيو مثال آهي.
هن چيو ته هو ايران کي خطي ۾ عدم استحڪام ۽ دهشتگردي جو بنيادي ذريعو سمجهي ٿو.
وزيراعظم مارڪ ڪارني وڌيڪ چيو ته وچ اوڀر ۾ شهرين ۽ شهري انفراسٽرڪچر تي ايران جي حملن جي مذمت ڪريون ٿا.
آمريڪا ايراني حملي ۾ مارجي ويل فوجين جون تصويرون جاري ڪري ڇڏيون
آمريڪا ڪويت ۾ ايراني حملي ۾ مارجي ويل 6 اهلڪارن مان 4 بابت تفصيل ۽ تصويرون جاري ڪري ڇڏيون.
آمريڪي فوج موجب، 4 فوجي آچر ڏينهن ڪويت جي پورٽ شعيبه ۾ آمريڪي فوجي ٿاڪن تي ڊرون حملي ۾ مارجي ويا هئا، مارجي ويل چئني آمريڪي فوجين جو تعلق آئيوا جي آمريڪي آرمي ريزرو يونٽ سان هو.
مارجي ويل آمريڪي فوجين جي سڃاڻپ نوح تيجنز، نيڪول امور، ڪوڊي خورڪ ۽ ڊيڪلن جي نالن سان ظاهر ڪئي وئي آهي.
آمريڪي فوج جو چوڻ آهي ته ايران خلاف جنگ ۾ هينئر تائين 6 آمريڪي فوجي ماريا ويا آهن، جڏهن ته ايران جي دعويٰ آهي ته ان جي حملن ۾ هينئر تائين 160 آمريڪي فوجي مارجي ويا آهن.
اسرائيل کي نيوڪليئر رياست طور نه ٿو ڏسڻ چاهيان: آمريڪي سينيٽر جي زبان ترڪي وئي
چڪ شومر جي ايران اسرائيل جنگ تبصري دوران هڪ موقعي تي زبان ترڪي وئي.
آمريڪي سينيٽ ۾ اقليتي ليڊر چيو ته ڪو به اسرائيل کي ايٽمي رياست طور نٿو ڏسڻ چاهي، غلطي جو احساس ٿيڻ تي چڪ شومر وضاحت ڪئي ته ڪو به نيوڪليئر ايران نٿو ڏسڻ چاهي.
چڪ شومر وڌيڪ چيو ته هي ٽرمپ جي جنگ آهي، انٽيليجنس ڪميٽي کي آگاهي کانپوءِ اسان جي ڳڻتي ۾ واڌارو ٿيو آهي، جڏهن ته ٽرمپ انتظاميا وٽ جنگ بابت ڪا به رٿابندي موجود نه آهي.
ايران خلاف غيرقانوني جنگ ڪوڙ تي ٻڌل آهي: آمريڪي سينيٽر
آمريڪي سينيٽ ۾ ڊيموڪريٽڪ سينيٽر ايلزبٿ وارن ايران خلاف جنگ تي ٽرمپ انتظاميا کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته هيءَ هڪ غيرقانوني جنگ آهي جيڪا ڪوڙ تي ٻڌل آهي ۽ ايران طرفان آمريڪا خلاف بنا ڪنهن خطري جي ڇيڙي وئي آهي.
هن چيو ته کيس موجوده صورتحال تي ڪاوڙ آهي ۽ هوءِ جنگ ۾ مارجي ويل ماڻهن بابت صدمي جو شڪار آهي ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي.