سنڌ ڌرتي زراعت سان گڏ قدرتي وسيلن سان مالا مال هئڻ ڪري ملڪ جي باقي صوبن کان وڌيڪ خوشحال رهي آهي۔اهو به مشهور آهي ته ننڍي صوبي جي حيثيت هوندي به پنجاب,سنڌ جي پئسن تي پلجي رهيو آهي۔افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان کي پنهنجن توڙي پراون(ڌارين)ايترا ڏک ۽ تڪليفون ڏنيون آهن جو سنڌ تي ان جا برا اثر پوڻ سان گڏ سير سفر۔رهڻي ڪهڻي ۾ ڏکيائيون پيش اچڻ سان گڏ روزگار جا وسيلا تيزي سان گهٽجي رهيا آهن ۽ هن وقت سنڌ هڪ يتيم ٻار جيان پلجي رهي آهي۔
ڏٺو وڃي ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اسان جي حڪمرانن جي غلط حڪمت عملي جي ڪري وقت بوقت ڌارين بنگالي برمي افغاني پٺاڻن جون لوڌون سنڌ ۾ آساني سان داخل ٿينديون رهيون آهن۔جنهن ڪري منشيات فروشي۔اغوا ڦرلٽ۔خودڪش حملا۔قتل وغارت ۾ تيزي سان اضافو هئڻ ڪري هاڻaي ته امن وامان قائم ڪرڻ پڻ هڪ وڏو مسئلو ۽ حڪومت لاءِ هڪ چئلينج بنجي چڪو آهي۔
ڏٺو ويو آهي ته ڌارين افغاني پٺاڻن کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ ۾ اسان جي مقامي وڏا ماڻهو۔چونڊيل نمائندا۔ انتظاميا انهن جا سهولتڪار آهن۔جنهن ڪري ئي ماضي ۽ حال ۾ حڪومت خاموش تماشائي بڻيل رهي آهي ۽ ان معاملي ۾ سرڪار هيستائين ڪي به ٺوس قدم نه کنيا آهن ۽ ان ڏس ۾ حڪومت جو موقف عوام سان هڪ مذاق کانسواءِ ڪجه به آهي۔ان ڳالهه ۾ به ڪو شڪ ناهي ته اسان جي حڪمرانن جي پنهنجي ڌرتي پنهنجي عوام سان پيار محبت نه پر پئسي سان پيار آهي جيڪي چند ٽڪن عيوض قوم وطن جو ٻيڙو ٻوڙي رهيا آهن۔ڏک جهڙي ڳالهه آهي ته اسان کان صصت۔تعليم۔پاڻي بجلي۔گئس روڊ رستن ۽ روزگار جهڙيون سهوليتون کسجي چڪيون آهن ۽ سنڌ جو نقشو هڪ يتيم خاني جي شڪل پيش ڪري رهيو آهي۔
موجوده حڪومت کان اڳ واري نگران حڪومت، افغاني پٺاڻن کي پنهنجي وطن موڪلڻ لاءِ ٺوس قدم کنيا هئا نگران حڪومت جي کنيل ان قدم کي عوامي حلقن ڪافي ساراهيو پڻ هو۔ان وقت ڪافي افغاني پٺاڻ افغانستان هليا ويا هئا۔ان وقت جي رپورٽ مطابق ملڪ ۾ 40لک افغاني پٺاڻ موجود هئا ڪافي لڏ پلاڻ ٿيڻ کان پوءِ به اڃان سنڌ سميت ملڪ ۾ لکين افغاني موجود آهن جن وري وڏي رشوت عيوض غير قانوني شناختي ڪارڊ ٺهرائي ورتا آهن، جيڪي اوهان کي ماتلي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڊمپرن ذريعي ريتي بجري مٽي کڻڻ۔ايڪسيويٽر کاٽي جي مشينن۔ چانهه ماني جا هوٽل کولي ڪاروبار ڪندي نظر ايندا۔ان کانسواءِ منشيات سميت هر برائي ۾ ملوث ۽ سنڌي ماڻهن جي قتل عام ۾ پڻ ملوث هئڻ جون خبرون اخبارن ۽ ٽي وي چئنلن تي ٻڌندا ۽ پڙهندا اچون۔اوهان کي ياد ڏياريندو هلان ته سنڌ جي ٻين شهرن جيان ماتلي ۾ به وڏي تعداد ۾ افغاني پٺاڻ آباد آهن۔ماتلي ۾ باقاعده حيدرآباد روڊ تي افغاني ڪالوني آباد آهي۔جن کي مقامي وڏيرن ۽ پوليس جي سرپرستي حاصل آهي۔جيڪي به مٿي ذڪر ڪيل ڪاروبار ڪري رهيا آهن۔ ڏٺو ويو آهي ته خبر ناهي ڇو هتان جا سياسي۔سماجي ادبي ۽ صحافتي حلقا ڇو خاموش آهن۔ ان حوالي سان تازو ماتلي جي هڪ صحافي ڊمپر مافيا خلاف هڪ خبر فيس بڪ تي رکي۔خبر ۾ هن بغير نمبر پليٽ ڊمپر هلائيندي ڏيکاريا ويا۔پوليس ۽ وس وارن کي خبردار ڪيو ويو ته معاملي جي تحقيقات ڪئي وڃي۔جنهن کان پوءِ هڪ پٺاڻ هوٽل تي اچي اسان جي روبرو ان صحافي کي ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو ۽ چيو ته تو اهڙي خبر هلائي سٺو نه ڪيو آهي توکي ڏسنداسين۔
شڪل صورت ۽ ڳالهائڻ مان لڳي رهيو هو ته هو افغاني آهي ۔ بحرحال سنڌ ۾ افغانين جي موجودگي ڪنهن خطري کان خالي نه آهي ۽ اهو چئي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ هن وقت امن و امان جو پڻ وڏو مسئلو آهي۔اهڙي صورتحال ۾ سنڌ حڪومت پاران افغاني پٺاڻن کي پنهنجي ملڪ واپس موڪلڻ وارو فيصلو ساراهه جو ڳو ۽ درست قدم آهي۔ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته بنا ڪنهن سياسي دٻاءَ ۽ نرمي جي ڪابه رياعت نه ڪندي هڪدم افغاني پٺاڻن کي سنڌ مان ڪڍي سنڌ کي سائو ڪرڻ سان گڏ امن وامان بحال ڪرڻ ۾ حڪومت دير نه ڪري۔