عمرڪوٽ ( ڊ ر ) صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه سلطان چوڪ افغان پاڙي ۾ سولنگي برادري سان لاڳاپيل تڪراري معاملي تي سندن رهائشگاهه تي پهچي حالتن جو جائزو ورتو ۽ متاثر خاندانن سان تفصيلي ملاقات ڪئي، هن چيو ته هو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي هتي آيو آهي ته جيئن معاملي کي سنجيدگي سان ٻڌي منصفاڻي ۽ پائيدار حل طرف اڳڀرائي ڪري سگهجي، عورتن سان ڳالهائيندي هن جذباتي لهجي ۾ چيو ته توهان ڏهاڪن کان هتي آباد آهيو، پوءِ اوچتو تڪرار ڇو پيدا ٿيو؟ هن وڌيڪ چيو ته عدالتي حڪمن تي عملدرآمد دوران احتياط ضروري آهي، بيلف موڪلڻ جهڙن قدمن سان بيچيني وڌي، قانون جو احترام ڪندي معاملي کي سلجهائڻ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪيون وينديون، سيد سردار علي شاهه واضع ڪيو ته پوليس جي مبينه زيادتين بابت پڻ انڪوائري ويٺي آهي ۽ ڪنهن به اداري کي قانون کان مٿانهون نه سمجهيو ويندو، ڪنهن سان ناانصافي نه ٿيندي، عيد کانپوءِ باقاعده ڪميٽي جوڙي ويندي جيڪا سمورن ڌرين جا ڪاغذ ۽ دعوائون ڏسي شفاف فيصلو ڪندي، صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪجهه سياسي ماڻهون ذاتي تنقيد ذريعي ماحول خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، پر هو اهڙين ڳالهين کي برداشت ڪري عوامي مفاد کي اوليت ڏيندو رھندو، هن چيو ته چيئرمين ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ حاجي سيف الله خالد سراج سومرو ۽ ٻين سماجي اڳواڻن جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، جن سولنگي برادري کي رهائشي تحفظ ۽ سرڪاري پلاٽن جي فراهمي بابت حمايت جو اعلان ڪيو آهي، هن وڌيڪَ اعلان ڪيو ته جيڪڏهن موجوده جاءِ بابت قانوني پيچيدگيون برقرار رهن ٿيون ته ضلعي انتظاميه ۽ ڊپٽي ڪمشنر کي هدايت ڪئي ويندي ته سولنگي برادري لاءِ شهر جي ويجهو مناسب سرڪاري پلاٽ مختص ڪيا وڃن، جيڪڏهن کين هتي قانوني طور حق ملي ٿو ته بيشڪ هتي ويهن، پر جيڪڏهن ٻي جاءِ ڏيڻ ضروري ٿي ته اها به عزت ۽ سهولت سان ڏني ويندي، ان موقعي تي سرفراز علي شاهه، رسول بخش رحيمداڻي، پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع عمرڪوٽ جي نائب صدر برهان الدين ڪنڀر، وائيس چيئرمين ڪمار ٽلواڻي سميت ضلعي عملدار، سياسي سماجي شخصيتون ۽ پارٽي ڪارڪن وڏي انگ ۾ موجود هئا.