ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي ڊاڪس ٿاڻي جي حد ۾ آمريڪي قونصليٽ تي حملي، فائرنگ ۽ هنگامي جو ڪيس سرڪار جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي. اها ايف آءِ آر هڪ مارچ تي ٿيل احتجاج جي حوالي سان درج ڪئي وئي آهي. ايف آءِ آر موجب، اٽڪل 150 کان 200 مظاهرين، ايراني سپريم ليڊر جي شهادت خلاف احتجاج ڪري رهيا هئا، قونصليٽ جي گيٽ نمبر 4 وٽ جمع ٿيا. هنگامي ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 31 ڄڻا زخمي آهن. مظاهرين تي سرڪاري ايس ايم جي ۽ ميگزين ڦرڻ، سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ۽ دهشتگردي جا الزام لڳايا ويا آهن. واقعي کانپوءِ ايس ايس پي امجد شيخ کي عهدي تان هٽايو ويو آهي، جڏهن ته ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او کي معطل ڪيو ويو آهي. پوليس سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان جوابدارن جي سڃاڻپ ڪري رهي آهي.