پڊ عيدن (رپورٽ: حيدر پلهه) پڊعيدن کان ميرانپور ويندڙ لنڪ روڊ تي بدامني جي باهه ڀڙڪي پئي آهي، جتي چئن نامعلوم ڦورن ڦر دوران هڪ نوجوان کي بي گناهه قتل ڪري ڇڏيو. جسقم اڳواڻ شبير مبيجو جي ڀاڻيجي خالد مبيجو کان ڦورن ڦر جي ڪوشش ڪئي. نوجوان پاران مزاحمت ڪرڻ تي ڦورن بي رحميءَ سان سندس سيني ۾ گوليون هنيون. نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو، پر هو رستي ۾ ئي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. نوجوان جي مارجڻ جي خبر ملندي ئي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. واقعي سبب پڊعيدن ۽ ميرانپور جي علائقن ۾ سخت ڏهڪاءُ ۽ بدامني خلاف ڪاوڙ واري لهر پکڙيل آهي.