ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار سنيل شيٽي ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ٻن ليجنڊري رانديگرن روهت شرما ۽ ويرات ڪوهلي لاءِ جذباتي پيغام جاري ڪندي کين ڀيٽا پيش ڪئي آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ سنيل شيٽي لکيو ته ”دلچسپ ڳالهه آهي ته اسان ڪيترو جلدي وساري ويهون ٿا… رڪارڊ، جدوجهد، فخر ۽ قرباني. رڳو ٻه ميچون هاريون ۽ اوچتو هر ڪو نقاد بڻجي ويو.“
هن چيو ته ” هنن گوڙ ٻڌو، پر چُپ رهيا ۽ بيٽ کي ڳالهائڻ ڏنو، ڇو ته روھت ۽ ويرات جهڙن ليجنڊس آڏو پاڻ ثابت ڪرڻ جو سوال ئي ناهي.“
سنيل شيٽي جو هي پيغام ڀارتي مداحن طرفان وڏي پيماني تي شيئر ڪيو پيو وڃي، ڪيترن ئي ماڻهن روهت شرما ۽ ويرات ڪوهلي جي عظيم ڪيريئر جي واکاڻ ڪئي آهي.
You might also like